• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فٽبال ورلڊ ڪپ 2014 : جرمني فٽبال جو نئون چيمپيئن بڻجي ويو

معلومات زبردست آهي.
پر آئون ڪرڪيٽ ، فٽبال ۽ هاڪي سميت سڀني راندين کيڏڻ ته پري جي ڳالهه ڏِسڻ کان به پري رهيو آهيان. ايتري تائين جو ڪمپيوٽر ۾ انسٽال تيل 3 ڊي گيمز کيڏڻ تي به دل نه چوندي هئي.

(جنهن ڪون سمجهه آوي ، باقي اساڏي جا ڪانهي.)
ساڳيو حال منهنجو به آهي. ڪنهن وقت ۾ ڪرڪيٽ کيڏي هُئي ۽ هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڏسبي آهي پر شؤق نه رهيو.

مون کي ته فٽبال وڻي هي نه.ڪرڪيٽ راند پسند آ.
مان ڪرڪيٽ کيڏندو ته ناهيان پر ڏسندو ضرور آ.
صحيح ٿا ڪريو.
 
پهرين سيمي فائنل ۾ جرمني جي ٽيم ميزبان برازيل کي هڪ جي مقابلي ۾ ستن گولن تان تايخي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. برازيل جي ٽيم پنهنجي اسٽار رانديگر نيمار ۽ دفاعي رانديگر ۽ ڪپتان تياگو سلوا کان بغير ڪنهن ڪلب جي ٽيم لڳي رهي هئي. 11 هين منٽ ۾ جرمني پهريون گول ڪيو ۽ پوء پهرين هاف ۾ چار ٻيا گول ڪري پنجن گولن جي برتي قائم ڪري ورتي. ٻئي هاف ۾ 69 ۽ 79 منٽن ۾ جرمني ٻه ٻيا گول ڪري فائنل لاء جاء پڪي ڪري ورتي. آخري منٽ ۾ برازيل هڪ گول اسڪور ڪيو. جرمني ميچ جي 11، 23، 24، 26، 29، 69 ۽ 79 وين منٽن ۾ گول ڪيا.

برازيل جي بدترين شڪست ۽ تاريخي شڪست آهي ان کان اڳ 1922ع ۾ يوراگائي جي ٽيم هٿان هڪ جي مقابلي ۾ ڇهن گولن تان شڪست کاڌي هئي. جرمني جي ڪلوز سڀ کان وڌيڪ 16 گول ڪري برازيل جي رونالڊو جو رڪارڊ ٽوڙي ورتو.

جيڪڏهن مون جهڙي ڪنهن کان سڄي رات ڄاڳيل هوندي به هي مئچ ڏسڻ کان رهجي وئي هُجي ته ٻه منٽ ۾ سڀ گول بهترين ڪوالٽي جي وڊيو ۾ ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري.
 
ٻئي سيمي فائنل ۾ ارجنٽينا جي ٽيم هالينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ پينلٽي شوٽس جي بنياد تي ٻن جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي 24 سالن کانپوء فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائنل تائين رسائي حاصل ڪري ورتي آهي.

هڪ ڏينهن اڳ ٿيل برازيل ۽ جرمني جي ميچ ۾ ٿيندڙ گولن جي برسات جي ابتڙ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سست ۽ دفاعي راند رهي جيڪا مقرر وقت ۾ بغير ڪنهن گول جي برابر رهي. اضافي 30 منٽن ۾ به ڪو گول ڪونه ٿيو. ٻئي هاف ۾ ٻنهي ٽيمن هڪ ٻئي جي گولن تي حملا ڪيا پر دفاعي رانديگرن ۽ گول ڪيپرن انهن کي ناڪام بڻايو.

پينلٽي شوٽ ۾ هالينڊ جي پهرين ڪوشش تي ئي ارجنٽينا جي گول ڪيپر ڪامياب دفاع ڪيو ۽ ارجنٽينا جي ميسي پهرين ئي شوٽ تي گول ڪري برتري قائم ڪئي. ارجنيٽا چئن شاٽس تي چار ئي گول ڪيا جڏهن ته هالينڊ چئن مان صرف ٻه گول ڪيا. هالينڊ جي شنائيڊر پاران ڪيل چوٿين ڪوشش به ارجنٽينا جي گول ڪيپر روڪي ورتي.

فائنل جرمني ۽ ارجنٽينا وچ ۾ آچر 13 جولاء تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٽئين نمبر لاء 12 جولاء تي برازيل ۽ هالينڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
 
130168230.GIF
 
jpTuVR6nmvPyB.jpg

آخرڪار هي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ جرمني 24 سالن کان پوء ارجنٽينا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي چوٿون دفعو ورلڊ ڪپ جو فاتح بڻجي ويو آهي. آخري دفعو 1990ع ۾ به جرمني جي ٽيم ارجنٽينا کي شڪست ڏني هئي. سڄي دنيا جا تجزيه ڪار اهو چئي رهيا هئي ته جرمني فاتح ٿيندو ۽ اهوئي ٿيو. جيتوڻيڪ مونکي هن سڄي ٽورنامينٽ ۾ ۽ فائنل ۾ پڻ ميسي کان سٺو رانديگر ٻيو نظر ڪونه آيو.

برازيل جي شهر ريو ڊي جينيريو ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ مقرر 90 منٽن تائين مقابلو بغير ڪنهن جي برار رهيو. ٻنهي ٽيمن خوب حملا ڪيا پر گول ڪرڻ ۾ ناڪام ويون. پهرين هاف ۾ ارجنٽينا جي ٽيم بهترين راند کيڏي ۽ هن کي موقعا به مليا پر گول ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، ٻئي هاف کانپوء ارجنٽينا گهڻو ڪري دفاعي راند کيڏي. پهرين هاف جي آخري لمحن جرمني پاران ڪيل ڪوشش جي نتيجي ۾ بال گول پوسٽ سان ٽڪرائجي واپس واپس آيو. ٻئي هاف جي شروعات ۾ ارجنٽينا جي ميسي پاران ڪيل ڪوشش گول جي ڪاميابي ڏياري نه سگهي. مقرر وقت ۾ برابري کان پوء ٽيمن کي 30 منٽن جو اضافي وقت ڏنو ويو. ۽ اضافي وقت جي ٻئي هاف يعني 113هين منٽ ۾ جرمني پاران هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي، آندري شولر بهترين موو ڪندي پاس ماريو گولتيز ڏانهن بال موڪليو جنهن خوبصورت انداز ۾ گول ڪيپر کي چڪمو ڏئي گول ڪري ورتو. ياد رهي ته ماريو گولتز کي ميچ جي ٻئي هاف ۾ ڪلوز جي جاء تي موڪليو ويو هو.
ارجنٽينا پوء گهڻي ڪوشش ڪئي پر جرمني ڪامياب دفاع ڪندي هڪ گول تان ڪاميابي حاصل ڪري ايندڙ چئن سالن لاء فٽبال جو حڪمران بڻجي ويو. ارجنٽينا 2006 ۽ 2010 ۾ به جرمني هٿان ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ شڪست کاڌي آهي. فاتح ٽيم کي ڪپ سان گڏ 35 ملين ڊالر جي انعامي رقم به ڏني وئي.
 
ادا هي مليل جرمني (رييونيفائيڊ)مطلب اوڀر ۽ اوله جرمني جو پهريون ورلڊ ڪپ آهي.نه ته پهرين سلسليوار (1954،1972،1990،) ڪپ خالي اوڀر جرمني جي حصي ۾ اچن ٿا.ان ڪري هتان جو عوام انتهائي خوش آهي. ۽ هي فٽ بال جا تمام گهڻا (ڪوڏيا)چاهيندڙ آهن . ان رات جرمني جي بيلفيلڊ شهر جو هڪ منظر
108fsdd.jpg
.
108fsdd.jpg
 
ادا هي مليل جرمني (رييونيفائيڊ)مطلب اوڀر ۽ اوله جرمني جو پهريون ورلڊ ڪپ آهي.نه ته پهرين سلسليوار (1954،1972،1990،) ڪپ خالي اوڀر جرمني جي حصي ۾ اچن ٿا.ان ڪري هتان جو عوام انتهائي خوش آهي. ۽ هي فٽ بال جا تمام گهڻا (ڪوڏيا)چاهيندڙ آهن . ان رات جرمني جي بيلفيلڊ شهر جو هڪ منظر
108fsdd.jpg
.
108fsdd.jpg

لک مهربانيون ... اوهان صحيح رهنمائي ڪئي ... اسان ته اها ڳالهه وساري ويٺا هياسين .....

۽ هي آهي برلن ۾ ملهايل جشن جو ڏيک

jsYGyYh4gD4yQ.jpg


وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي
 
Back
Top