اسان جا سادڙا ماڻهو!

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    اسان جا سادڙا ماڻهو!
    [​IMG]
    اسان جي ماڻهن جي به عجيب سوچَ آهي، بلڪه آئون ته اهو چوندس ته، هو ايتري ته سادي طبيعت جا آهن، جو هر هڪ جي ڳالهه تي آسانيءَ سان اعتبار ڪريو وڃن. هن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به هنن کان اها تڪليف نٿي پڄي ته، کڻي صحيح معلومات حاصل ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان کان بچائين. مثال طور ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي کان هڪ همراهه فون ڪيو ته، هو ايم بي اي پڙهڻ لاءِ ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهي. مونکي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته، MBA يا B.E ۽ MBBS جهڙيون معمولي ڊگريون ته هِتان پاڪستان مان به ڪري سگهجن ٿيون. انهن بيچلر وارين ڊگرين کي آئون معمولي ان ڪري چوان ٿو جو اڄ جي دور ۾ انهن جي Value ئي ڇا آهي. اِيئن ته جن ڏينهن ۾ آئون پنجين ڪلاس ۾ هئس يعني 1954ع ۾، انهن ڏينهن ۾ ته مئٽرڪ به وڏي ڳالهه هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ وارن کي هالا جي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي وئي ٿي پر هاڻ تهPhD ڪرڻ بعد به معمولي ماستري مشڪل سان ٿي ملي. پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليجن کان علاوه ڪيترائي خانگي ڪاليج آهن، جن ۾ انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري پڙهائي وڃي ٿي. انهن جي في سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان کڻي وڌيڪ آهي پر ته به ڪنهن سستي کان سستي ملڪ جي ڪاليج جي خرچ کان وري به گهٽ آهي.... اهو ملڪ ڀلي کڻي بنگلاديش هجي، ايران هجي يا چين ۽ ملائيشيا يا ڪو ٻيو ايشيائي ملڪ.... جِتي ڪٿي ٻاهرن ملڪن کان آيل شاگردن لاءِ ڳريون فيون آهن ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو به وڏو خرچ آهي. ۽ اهو شاگرد جنهن انٽر ۾ سٺي پوزيشن نه کنئي آهي (تڏهن ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي آهي، اهو پڙهائيءَ ۾ ڪمزور ئي چئبو ۽) ان کي جڏهن ولايت ۾ ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج داخلا ٿو ڏئي، ته اهو پڪ ڪو اعليٰ معيار جو درسگاهه نه پر ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو ئي هوندو، جنهن جي ڊگريءَ کي بين الاقوامي طور گهٽ ئي قبول ڪيو ويندو هوندو.

    مون گهوٽڪيءَ جي همراهه کي سمجھايو ته، ”ان بنيادي ڊگريMBA لاءِ ڇو ٿو ٻاهر وڃين. اهو سوچ ته ان تي تنهنجو ڪيڏو خرچ ايندو!“ ”نه مونکي اسڪالرشپ ملي رهي آهي، ملائيشيا ۾ پڙهڻ جي“، هن ٻڌايو، جنهن تي مونکي ويتر حيرت ٿي. خير اها ته مونکي خبر آهي ته، ڪجهه ملڪن جون يونيورسٽيون ڌارين ملڪن، خاص ڪري پٺتي پيل ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن جي شاگردن کي پڙهائي ۽ رهائش وغيره جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏين ٿيون. پر اها اڪثر انهن کي ڏني وڃي ٿي، جيڪي پڙهائيءَ ۾ هوشيار آهن ۽ ٻي ڳالهه ته جپان وارا ڏين يا ملائيشيا وارا..... اسڪالرشپ اُن کي ملي ٿي، جنهن جي پوسٽ گريجوئيشن ٿيل آهي، يعني هو پنهنجي فيلڊ ڊاڪٽري، انجنيئرنگ يا ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ فقط بيچلر نه پر ماسٽرس ڊگري يافته آهي. ان کي PhD لاءِ گهرايو وڃي ٿو.... نه ڪيMBA وغيره لاءِ. ان تي هن ٻڌايو ته ڪو ايجنٽ آهي جيڪو 80 هزار رپين جي بدلي ۾ ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ وٺرائي ڏئي ٿو ۽ سوا لک رپين ۾ يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾. پر هو چوي ٿو ته، ”ان لاءِ ان ملڪ جي سفارتخاني طرفان ورتل انٽرويو ۾ ان کي مطمئن ڪرڻ توهانجو ڪم آهي. سو ان سلسلي ۾ آئون اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته، توهان جي ملائيشيا جي قونصل خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي جو منهنجو ڪم ٿي سگهي.“ مون هن کي سمجھايو ته، ڌارئين ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي خرچ يا مليل اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ پهرين پوسٽ رستي يا انٽرنيٽ ذريعي ان تعليمي اداري ۾ داخلا لاءِ apply‏ ڪرڻو پوندو آهي. داخلا ملڻ بعد هنن کي اسڪالر جو ٻڌائڻو پوندو آهي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ جي صورت ۾ هنن جي پهرين سيمسٽر جو خرچ بئنڪ ذريعي آن لائين ادا ڪبو آهي يا ويسٽرن يونين جهڙي اداري ذريعي ڪيش پئسا موڪلبا آهن. پوءِ اها يونيورسٽي ان شاگرد کي داخلا ڏيڻ جي رضامنديءَ جو خط موڪليندي آهي ته، جيئن پاسپورٽ سان گڏ اهو خط ان ملڪ جي قونصل خاني يا سفارتخاني ۾ جمع ڪرائي ان تي Study Visa جو ٺپو لڳرائي ۽ پوءِ ٽڪيٽ خريد ڪري اچي. اهي تعليمي ادارا ان خط جي نقل جي ڪاپي ڊائريڪٽ سفارتخاني کي به موڪلين ٿا، جيئن هو ٻنهي خطن جي خاطري ڪري اُميدوار کي ويزا جو في الحال مهيني يا اڌ جو ٺپو هڻي ڏين، جيئن اهو شاگرد في الحال يونيورسٽيءَ ۾ هلي داخلا وٺي. هفتو کن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ وارا ان شاگرد کان پاسپورٽ وٺي سال جي ويزا جو ٺپو هڻائي. پوءِ پاسپورٽ پاڻ وٽ رکن ٿا. اڳ ۾ اهو پاسپورٽ شاگرد حوالي ڪري ڇڏيندا هئا پر پوءِ ڪيترا شاگرد تعليم جاري رکڻ بدران نوڪريون ڳوليندا وتيا ٿي.

    مون اها ڳالهه هن گهوٽڪيءَ جي شاگرد کي سمجهائي ته ويزا حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي. ۽ سفارتخانن ۾ ايڏي سختي آهي جو انهن جي ملڪ ۾ نوڪري ملڻ يا پڙهڻ لاءِ داخلا ملڻ بعد به ڪو اميدوار سنئون سڌو ڪنهن سفارتڪار سان نٿو ملي سگهي. ويزا جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ پاسپورٽ، يونيورسٽي طرفان آيل خط (يا نوڪري جي صورت ۾ نوڪري ڏيندڙ اداري جو خط) ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ ڪنهن ڪوريئر سروس ذريعي سفارتخاني/قونصل خاني موڪلڻا پون ٿا سفارتخانن کي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، نه وقت آهي نه سڪيورٽي کين اجازت ٿي ڏئي ته ويزا وٺندڙ سان روبرو ملن. اهي ڳالهيون ٻڌائي مون هن ان همراهه کي چيو ته، ”مونکي لڳي ٿو ته، اهو ايجنٽ اوهان سان ٺڳي ڪري رهيو آهي.“ پر مون ڏٺو ته هو ان ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو هو ۽ خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي اڏيل پروگرام ۾ ايڏو ته منڊيل هو، جو هن کي ٻي جي ڳالهه نه پئي وڻي.

    مون چيومانس ته، ڀلا هڪ ڪم ڪر! جيڪڏهن اهو ايجنٽ توهان جي ڳوٺ جو آهي، ته هن کي چئن چڱن اڳيان ڪرينس ته جيئن تنهنجو ڪم نه ٿئي ۽ تنهنجو پئسو غرق ٿي وڃي يا اتي پهچي توکي ڪا سزا اچي وڃي، ته هن ايجنٽ جي پويان وٺ پڪڙ ته ٿي سگهي. ”هو اسانجي ڳوٺ جو ناهي. پر سکر ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست جو سڃاڻو آهي.“ هن ٻڌايو. ”چڱو ڀلا هڪ ٻيو ڪم ڪر،“ مون هن کي صلاح ڏني، ”جيڪڏهن تون سمجھين ٿو ته ايئن لک سوا لک رپيا ڏيڻ سان ٻاهر پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ويزا ملي ويندي، ته هن ايجنٽ کي چئه ته هو توکي انهن ٻن ٽن شاگردن جا فون نمبر ڏئي، جن کي هن ٻاهر پڙهائيءَ لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ وٺي ڏني آهي. پوءِ تون انهن شاگردن کي فون ڪري پڪ ڪر ته ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي آهي يا نه. باقي گهر وٺرائي ڏيڻ واري دلال وانگر هن جو ڪم تومان ڪميشن ڪڍڻ آهي. پوءِ ڀلي توکي بعد ۾ خبر پوي ته اهو گهر ڦڏي جو آهي ۽ تنهنجي حوالي ٿي نٿو سگهي.“ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته لک رپيا ڏيڻ سان جي ٻاهر پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وڃي، يعني سال جي پڙهائيءَ جو ڏهه ٻارنهن لک خرچ ملي وڃي، ته هرڪو ائين نه ڪري! پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته، اهڙن ٺڳ ايجنٽن جو شڪار اڄڪلهه گهڻو تڻو سنڌ صوبي جا ماڻهو آهن، هو هر وقت ٻين جي مٺين ڳالهين تي جھٽ پٽ وسهجيو وڃن.

    altafshaikh2005@gmail.com
    اربع 02 اپريل 2014ع
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو