منصور سرور
سينيئر رڪن
آزاد نظم
مظفر منگي
حسن تي لک, سونهن تي لک
وفائن ۽ بي وفائين تي لک
رسڻ تي لک, پرچڻ تي لک
۽ محبوب جي مرڪي ملڻ تي لک
اداس اکڙين جي پلڪن مان ٽمندڙ لڙڪ لارن تي لک
سڏڪن تي لک, شوڪارن تي لک
آنهُن ۽ دانهُن تي لک
گهور سان گهائڻ تي لک
چُمن تي لک ڀاڪرن تي لک
لک ڀلي ڪير ٿو توکي جهلي
پر ڪڏهن ڌرتيءَ جي مظلوم مارن تي به لک
انگ اگهاڙن پيٽ بکايل ٻارن تي به لک
ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ڪڇ تي کڻي گهڙا, جي واجهائن ٿيون پيون
تن نياڻين نماڻين اڃارن تي به لک
جي ٺهيو ڊيم ته اجڙي جيجل ويندي
ان ايندڙ وقت جي بَرَن بيابانن,ٿرن, صحرائن ۽ ڏڪارن تي به لک
بي ڏوه ماريا ويا جلايا ويا
تن جي مائن, ڀيڻن ۽ ونين جي لڙڪ لارن تي لک
اوڇنگارن تي لک,
مڃئون ٿا محبوب تنهنجو واقعي هوندو سهڻو
پر سنڌ جي منڇر, ڪينجهر ۽ ڪيٽي بندر جي حسين نظارن تي به لک,
ڪارونجهر جي پهاڙن تي لک ۽ گورک هل جي آبشارن تي به لک,
هڪ محبوب جي ماڻي تي تڙپي ٿو پئين ڪيڏو
هاڻي آهي تنهنجي مرضي جيڪو وڻيئي لک,
محبوب جي ڪارن زلفن تي لک
يا هن ڌرتيءَ جي لکين هارين تي لک
غدارن تي لک.