اچــــــو تــــــه کـِــــلــــــون!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اچــــــو تــــــه کِـــــلــــــون!

    [​IMG]
    آغاسليم
    هي سامهون جيڪو ڊرامو پيو هلي، اهو الائجي ڪڏهن کان پيو هلي. يورپ ۾ ان کي واهياتپڻي ۽ بي ڍنگيءَ جو ٿيٽر Theater of the absurd چوندا آهن. يورپ ۾ صنعتي انقلاب کانپوءِ واري صنعتي معاشري ۾ ماڻهوءَ جي جيڪا صورتحال وڃي بيٺي، ان کي واهياتپڻي ۽ بي ڍنگيءَ واري صورتحال چيو ويو. پر اسان وٽ شروع کان وٺي ماڻهوءَ جي اها صورتحال رهي آهي ۽ هي سامهون وارو ڊرامو ماڻهوءَ جي ان صورتحال جو ڊرامو آهي.

    اسٽيج تي هڪ ننڍي شهر جي اسپتال جو سيٽ لڳل آهي، ڊاڪٽر ميز تي ٽنگون پٿاري ستو پيو آهي ۽ کونگهرا هڻي رهيو آهي. هن کي سرڪس جي مشڪرن واري ڍلي لڙڪندڙ پتلون، ميرجهيل ٽوپلو، ڀڳل ڪمانيءَ واري عينڪ پاتل آهي. ڊاڪٽر کان وڌيڪ کل جهڙو لباس هن جي ڪمپائونڊر جو آهي. هو اسپتال جو پٽيوالو به آهي. هو ٻاهرين در جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺو آهي ۽ پئڪيون ٿو کائي. ڪنهن مهل ڇرڪي ٻاهر ٿو ڏسي ته ڪو مريض ته نه آيو، پوءِ وري اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. اوچتو ٻاهران ڪنهن مريض جي دانهن جو آواز ٿو اچي. ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر ٻئي ڇرڪ ڀري اٿن ٿا، هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ڪرن ٿا. مريض داخل ٿو ٿئي، مريض ڳوٺاڻو آهي، ڪڇ ۾ جُتي، ڪلهي تي لَٺ جنهن ۾ ڳنڍڙي ٿي لڙڪي. هٿ ڄاڙيءَ تي دانهن هيٺ دانهن هئي، هو ٻئي کائنس بيماريءَ جو پڇن ٿا. هو پنهنجي ڏاٺ ڏانهن اشارو ڪري چچريل آواز ۾ ڏاٺ جي سور جو ٻڌائي ٿو. ڪمپائونڊر سٽ ڏيئي وڏي جنبور کڻي ٿو اچي. مريض جنبور کي ڏسي ڊڄي ٿو وڃي، هو هڪدم کيس زمين تي دسي سندس ڏاٺ ڪڍڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. مريض جي دانهن ٿي پئي، هو ٻئي وڌيڪ زور ٿا لڳائين، نيٺ ڏاٺ نڪري ٿي اچي ۽ هو ٻئي پنهنجي ئي زور ۾ پٽ تي ٿا وڃي ڪِرن. مريض جي گهوڙا ڙي لڳي پئي آهي، هو اسٽيج جي آڳر وٺي اچي ٿو، ۽ تماشائن کي ٻڌائي ٿو، ”گهوڙا ڙي، مري ويس، سور ڏائيءَ ڏاٺ ۾، ڪڍي ساڄي ڏاٺ ڇڏيائون“... اسين سڀ کلون ٿا، آهي نه معاشري جي، معاشري ۾ ماڻهوءَ جي ۽ خود زندگيءَ جي واهياتپڻي Absurdity جو ڊرامو!

    اهڙي ئي هڪ ڪاميڊيءَ کي Comedy of menace چوندا آهن. ان کي انسان جي پريشاني، انديشي، خوف ۽ خطري جي ڪاميڊي به چيو ويندو آهي. هن ڊرامي جو هر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن خوف ۾ ورتل هوندو آهي. ڪنهن وڏي طاقت جو خوف، جيڪو حقيقي يا خيالي ٿي سگهي ٿو. اهو خوف، انديشي ۽ ڊپ ۾ ورتل انسان عجيب حرڪتون ٿو ڪري، ۽ هن جي واهيات حرڪتن کي ڏسي کل ٿي اچي، جيڪا پڻ اجائي ۽ مهمل ۽ بي معنيٰ آهي. ڪنهن ڪنهن مهل ان کل جو آواز روئڻ جهڙو ٿو لڳي. هن ڪاميڊي کي ”بليڪ ڪاميڊي“ چوندا آهن. هيءَ اهڙي ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ڪاميڊي هوندي آهي، جنهن جون زندگيءَ جون سڀ اميدون ۽ خوش فهميون ختم ٿي چڪيون هونديون آهن. هن جي زندگي هن جي پنهنجي وس ۾ نه، پر انڌي تقدير جي وس ۾ هوندي آهي. هن ڊرامي ۾، ڇرڪائيندڙ، ڊيڄاريندڙ ۽ موت جهڙي صورتحال کي به وڏي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. ماڻهوءَ جي اهڙي بي وسيءَ واري صورتحال ۾ ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ کلي ته سگهجي ٿو، سو اچو ته کلون!

    هاڻي جنهن جو پاڻ ذڪر ٿا ڪريون اهو ڊرامو نه آهي، Rewarner نالي هڪڙي ليکڪ جو ناول آهي ۽ ان جو نالو Aerodrome (هوائي اڏو) آهي. انگلينڊ جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڏکڻ انگلينڊ ۾ هڪ هوائي اڏو ٺهرايو وڃي، ان ڪم لاءِ هڪ وائيس ايئر مارشل مقرر ٿيو آهي. هو هوائي اڏي واريءَ جاءِ تي پهتو ۽ پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. سڀ کان پهرين هن علائقي جي پڙتال شروع ڪئي، پڙتال جي دوران هن کي خبر پئي ته علائقي جا پسگردائيءَ وارا ڳوٺ تمام گهڻو پٺتي پيل آهن ۽ ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار اهو نه آهي، جيڪو هئڻ گهرجي. هن فيصلو ڪيو ته هو ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار وڌائيندو ۽ ڳوٺن جي حالت سڌاريندو. حڪومت هن کي رڳو هوائي اڏو تعمير ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، پر هن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ دست اندازي شروع ڪري ڏني، ۽ سول سوسائٽيءَ تي فوجي نظر ۽ ضبط لاڳو ڪرڻ لڳو. سول سوسائٽيءَ ۾ جيڪي به ٿئي پيو، اهو غلط آهي، ان کي بدلائڻو آهي، ماڻهن جا حق پائمال پيا ٿين، سندن شخصي آزادي ختم پئي ٿئي، انسانن ۾ انساني وقار مجروح پيو ٿئي، بيشڪ ٽنهي ڳوٺن ۾ هر حال ۾ ترقي ٿيڻ گهرجي ۽ اها ترقي وائيس ايئر مارشل جي سوچ مطابق ٿيڻ گهرجي. بنيادي جمهوريتون، اسلامي نظام، ضلعي حڪومتون ۽ هاڻي هر قيمت تي مفاهمت.

    هڪ ٻئي ناول جي ڳالهه به ڪندا هلون. هي ناول جارج آرويل جو Animal farm (جانورن جو واڙو) آهي. ناول جي عنوان مان ئي لڳي ٿو ته هي اسان جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو تفصيلي ناول آهي. اسان به ته اهڙي ئي واڙي ۾ ٿا جيئون. ناول ۾ جانور پنهنجي غلاميءَ کان تنگ ٿي بغاوت ٿا ڪن. واڙي جا مالڪ هنن جي بغاوت کي چيڀاٽي ٿا ڇڏن، هنن کي وڌيڪ غلاميءَ ۾ ٿا ڪجڙن. اهي جانور جانورن جي گيٽ اپ ۾ ماڻهو آهن، مون ۽ اوهان جهڙا ماڻهو، ڪهڙي خبر ته اهي اسان ئي هجون.

    ڊرامو شروع ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻو سور ۾ دانهون ڪندو اسٽيج تي پڄي چڪو آهي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر هن کي دسي سندس ڏاٺ پيا ڪڍن. هو دانهون ٿو ڪري، سور ۾ ڦٿڪي ٿو ۽ اسين کلون ٿا، ٽهڪ ٿا ڏيون. هن جي سور تي نٿا کلون. هن جي صورتحال، سماج جي صورتحال ۽ ان سماج ۾ ماڻهوءَ جي صورتحال جي واهياتپڻي (Absurdity) تي پيا کلون...هيڏانهن اسان جي ووٽ ۽ ويساهه جي سوديبازي واري بليڪ ڪاميڊي پئي هلي، جنهن ۾ اسين ڪجهه به ڪري نٿا سگهون. ڀلا جي ڪجهه به ڪري نٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي بي وسيءَ تي کلي ته سگهون ٿا ته پوءِ اچو ته کلون! چوندا آهن ته کل موجود (Status quo) کي بدلائڻ جي خواهش جو اظهار هوندي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو