محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا ڪرڻ جي گهڙي!
انيتا شاه
جِمي ڪارٽر، يهودي ۽ سنڌ:
انيتا شاه
آمريڪا جي اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جڏهن پنهنجي ڪتاب “Palestine, peace not Apartheid” ۾ اسرائيل ۾ يهودين پاران ٺهندڙ هڪ وڏي ڀت جي مخالفت ڪندي، انهيءَ کي ڏکڻ آفريڪا ۾ گورن پاران ڪارن سان ورتايل نسلي متڀيد واري قانون ”اپارٿائيڊ“ سان ڀيٽيو ۽ يهودين تي ”تمام ٿوري“ جائز تنقيد ڪئي ته سندس غير سرڪاري تنظيم، جنهن کي اسان اين جي او چوندا آهيون، ۾ ڪم ڪندڙ مڙني يهودين احتجاج طور استعيفائون ڏئي ڇڏيون، پر ڇا سنڌين ڪڏهن ڪنهن اهڙي قوم، شخص يا اداري جو رستو روڪ يا بائيڪاٽ ڪيو آهي، جنهن سندن حق ڦٻايا هجن؟ يا جنهن سندن قوم جي ڪنهن به شخص سان ظلم ڪيو هجي؟ گذريل مهيني کن کان مان اهو ئي سوچيندي رهي آهيان ته سنڌين ۾ هڪ قوم طور ڪا گڏيل سوچ جيڪڏهن سنڌ جي مڪمل تباهيءَ کانپوءِ به پيدا نه ٿي ته پوءِ ڪڏهن به انهيءَ جي پيدا ٿيڻ جي اميد رکڻ اجائي آهي.
پنجاب جو نقصان ۽ سنڌ:
پنجاب جون هن ملڪ تي جيڪي مهربانيون آهن، تن جي ڳڻپ جي شروعات رڳو ملڪ ۾ آدشماري نه ڪرڻ ڏيڻ جي ذڪر سان ڪجي تڏهن به عقلمندن جي لاءِ اشارو ڪافي آهي. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان سان ته جيڪو ٿيو، سو ٿيو، پر سنڌ ۾ ته هر ڏينهن ڪو نه ڪو نئون ضلعو متاثر ٿئي پيو ۽ متاثرين جو انگ گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي وڃي پيو، پر فيڊرل فلڊ ڪميشن موجب پنجاب ۾ 20 آگسٽ 2010ع تي ته ٻوڏ متاثرن جو انگ 19 لک هئو، پر 2 سيپٽمبر 2010ع تي اهو انگ بنا ڪو نئون ضلعو ٻڏڻ جي پاڻهي ئي پاڻهي 80 لک تي پهچي ويو. توهان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي رويي مان ئي پنجاب جي گڏيل مفاد پرست ذهنيت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سنڌ جي نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪري پيش ڪرڻ بابت پنجاب جا سياستدان، ڪامورا ڪيئن مٿو ڳنڍي انهيءَ ڪوششن ۾ لڳي ويا آهن ته ٻاهران ملندڙ امداد جي ديڳ معمول موجب سڄي جي سڄي ڪيئن پنجاب جي حق ۾ ڦٻائجي. اهو ته بلڪل ائين آهي جيئن هاڻوڪي ٻوڏ دوارن ٽرانسپورٽ جي واپارين ٻوڏ سٽيلن جي مجبورين جو فائدو وٺندي ڀاڙا وڌائي ڇڏيا يا جيئن هينئر قاسم آباد ۽ سنڌ جي اهڙين ٻين وسندين ۾ ماڻهن جاين جون مسواڙون چوٽ چاڙهي ڇڏيون آهن، يا جيئن مال جي واپارين مصيبت جي مارايل ٻوڏ سٽيلن کان ڀڳڙن مٺ تي مال خريد ڪيا آهن. سو ائين ئي پنجاب هينئر به پراوا حق ڦٻائڻ واري عادت کان نٿو مڙي. پنجاب جي سڄي ملڪ جا وسيلا ۽ خاص طور تي سنڌ جا وسيلا، پوءِ اهي ڪهڙي به طريقي سان يا ڪهڙا به هجن، ڦٻائڻ واري هَير ڪا نئين ڪانهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي يا شايد انهيءَ ۾ حيرت جي ڪا به ڳالهه ڪانهي ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ ويٺل پ پ جا اڳواڻ اهو سڄو لقاءُ خاموشيءَ سان ڏسي رهيا آهن.
اِها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هيڏي ساري پ پ پ ۾ ڪو هڪ به ماڻهو اهڙو ڪونهي، جيڪو سنڌ جي مالي مفاد جو حق ۽ سچ موجب دفاع ڪري سگهي؟ پ پ جي حڪومت کي جڳ جهان ۾ ڪو هڪ به اهڙو معاشي ۽ اقتصادي ماهر ملي نه سگهيو آهي، جيڪو پنجابين تي ٻڌل وفاقي نوڪر شاهي سان سنڌ جي سچي پچي معاشي مامري تي مهاڏو اٽڪائي سگهي؟
سنڌ ڏانهن پ پ پ جي ذميداري!
سنڌ تي ٻوڏ جي نتيجي ۾ يتيمي، دربدري ۽ ڪسمپرسي جي جيڪا قيامت ڪڙڪي آهي، مصيبت جي انهيءَ گهڙيءَ ۾ به سنڌ کي پ پ جي ڏانهنس غير سنجيدگيءَ جا نئين سج نوان ڏنگ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان سَهڻا پون ٿا. ان جو تازو مثال وزيراعظم جو اُهو بيان آهي جنهن ۾ هو فرمائي ٿو ته ٻوڏ ۾ سڀ کان گهٽ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي ۽ جن کي نقصان پهتو آهي، تن کي به پنهنجي هوڏ جي ڪري پهتو آهي. وزير اعظم جي اسڪرپٽ ۾ شايد ڪنهن کان اهو لکڻ وسري ويو ته ٻوڏ ۾ سڀ کان گهڻو نقصان پنجاب جو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو اصل مسئلو ٿيل نقصان جو نه بلڪه نقصان کانپوءِ واري امداد جي ورهاست جو آهي. وزيراعظم جو اهو بيان هڪ پاسي ملڪ جي ڪامورا شاهي پاران سنڌ جي نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪري پيش ڪرڻ جي سازش جي نشاندهي ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري اهو بيان سنڌ ڏانهن پيپلز پارٽيءَ جي گڏيل شعور، ضمير ۽ ذميداريءَ جي ثابتي به ڏئي ٿو.
انهيءَ ڳالهه تي منهن مٿو پٽڻ کانسواءِ خبر ناهي ته ڇا ڪري سگهجي ٿو ته جنهن پ پ جو ڀوت سنڌين تي چاليهن سالن کان سوار رهيو آهي، ان وٽ وقت ئي ڪونهي، جو سنڌ ۽ سنڌين جي گڏيل مفاد بابت ڪجهه سوچي. توهان هينئر به سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن جو سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي ماڻهن جي معاشي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ ڪارڪردگي ڏسو ته انهيءَ مان ئي اندازو ٿي ويندو ته پ پ جي منشور ۾ سنڌين جي آجپي جي ڪهڙي واٽ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ سنڌ لاءِ وقت ئي ڪٿي آهي، هو ته سدائين انهيءَ خوف ۾ ورتل رهيا آهن ته ڪٿي پنجاب کين سنڌ جي پارٽي هجڻ جو مهڻو نه ڏئي وِجهي. هو سدائين سنڌ جي قيمت ۽ قربانيءَ تي پنهنجو پاڻ کي وفاقي پارٽي چوندا آيا آهن. هو سدائين سنڌ ڏانهن صرف تڏهن واپس وريا آهن، جڏهن کين اقتدار جي ايوانن مان ڪڍي ٻاهر اڇلايو ويو آهي. ڇو ڪير وزيراعظم کان اهو نٿو پڇي ته ڇا هن سنڌ جي ڪيمپن ۾ انهن مائرن جون رات جو دير تائين اهي دانهون ٻڌيون آهن، جيڪي هو پنهنجي ٻوڏ ۾ ٻڏي مري ويل ٻچڙن جي لاءِ ڪن ٿيون ۽ ڇا هن ڪيمپن، روڊن جي ڪنارن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ آفريڪا مان غلامن جي ٻيڙين جيان سٿيل انسانن جي وسندين ۾ وڃي اها بوءِ محسوس ڪئي آهي، جيڪا اتي ڪنهن به صفائي جي نظام نه هجڻ جي ڪري ڦهلي آهي؟ وزيراعظم چواڻي جن ماڻهن هوڏ نه ڇڏڻ جي ڪري نقصان کاڌو، اهي جيڪڏهن هوڏ ڇڏي به ڏين ها ته سرڪار جي آسري تي کين ڪهڙا محل، ماڙيون، طعام ۽ پوشاڪون ملن ها، جن جي آسري تي هو پنهنجا ڪکاوان اجها ڇڏي اچي سرڪاري ڪيمپن يا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اڇن پٽن تي اچي ويهن ها؟ هنن جا ٻار ۽ مال ٻڏي نه مرن ها ته سرڪاري ڪيمپن جي آسري ته بک، گيسٽرو يا ٻي ڪنهن بيماريءَ وگهي مري وڃن ها. فرق رڳو اهو آهي ته ڌرتي لاش لوڙهيندي ڪانهي ۽ درياهه وري لاش ٻوڙيندو ڪونهي.
هي وقت!؟
هي وقت بلڪل ائين آهي، جيئن ڪنهن شاگرد کي سڄو سال ڪلاس ۾ پڙهڻ جي پڄاڻان سال جي آخر ۾ ٽن ٽن ڪلاڪن جا ڪيترائي امتحان ڏيڻا پوندا آهن ۽ انهن امتحانن ۾ نتيجن جي بنياد تي ئي مارڪون ملنديون آهن، جيڪي سال سال جون گڏجي نيٺ ڪنهن کي ميٽرڪ، ڪنهن کي انٽر ته ڪنهن کي بي اي پاس چورائينديون آهن. جيتوڻيڪ اسان جي سالن جي تياري ته ڪا چڱي ڪانهي، پر تڏهن به هن وقت تي گهڻي کان گهڻي محنت ڪري اسان چڱي خاصي نقصان جو پورائو ڪري سگهون ٿا. هي وقت اهڙو آهي، جو سنڌين وٽ اهو سمجهڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٽين واٽ ئي ڪانهي ته هي وقت سنڌ جي نئين سر اڏاوت ۽ ٺاهه/جوڙ جو وقت آهي. هي وقت ٻڏيءَ جا ٻيڻا ڪرڻ جو وقت آهي، هي وقت سنڌ جي بقا جي جنگ ڪرڻ جو وقت آهي ۽ جڏهن مسئلو زندگي ۽ موت جو هجي ته پوءِ ڪنهن جي به پاران ڪنهن به غير ضروري سمجهوتي کان ڪم وٺڻ جي ڪا به گهرج ڪانهي. جيڪڏهن هي وقت به بنا صحيح رٿابندي، حڪمت عملي ۽ تعمير جي گذري ويو ته پوءِ سنڌين کي وڌيڪ نقصان کان ڪير به بچائي نه سگهندو.

neetushah@gmail.com روزاني ڪاوش، ڇنڇر 11 سيپٽمبر 2010ع