مٽيءَ جي ماڻهن جي نانءُ

منصور سرور

سينيئر رڪن
مٽيءَ جي ماڻهن جي نانءُ

هي مُلان هي مسجد هي واعظ جا واڪا
تنهنجي ڦَٽَ پُراڻي جو مَرهم ڪينَ آهن
رهبَر جي روپ ۾ رهزنَ جا واعدا
چِڪيل چاڪَ تنهنجي تي َڄڻ چَهڪَ آهن
وري خاڪَ ۾ خاڪَ پنهنجي کي ڳول ۔۔!
صدين کان سُتل ديدَ پنهنجي کي کول ۔۔ ٰ
ها ، گهڻو دُور پنهنجي منزل کان آهين
پِٿون پيرَ تنهنجا ڏُکيو پنَڌ سائين
مگر مشڪل کي ممڪن بنائي سگهين ٿو
انَڌيرن کي پَلَ ۾ ميساري سگهين ٿو
پرھ جي پڌر کي اجاري سگهين ٿو

حميده گل
 
Back
Top