مٽيءَ جي ماڻهن جي نانءُ هي مُلان هي مسجد هي واعظ جا واڪا تنهنجي ڦَٽَ پُراڻي جو مَرهم ڪينَ آهن رهبَر جي روپ ۾ رهزنَ جا واعدا چِڪيل چاڪَ تنهنجي تي َڄڻ چَهڪَ آهن وري خاڪَ ۾ خاڪَ پنهنجي کي ڳول ۔۔! صدين کان سُتل ديدَ پنهنجي کي کول ۔۔ ٰ ها ، گهڻو دُور پنهنجي منزل کان آهين پِٿون پيرَ تنهنجا ڏُکيو پنَڌ سائين مگر مشڪل کي ممڪن بنائي سگهين ٿو انَڌيرن کي پَلَ ۾ ميساري سگهين ٿو پرھ جي پڌر کي اجاري سگهين ٿو حميده گل