اڄ ڪنهن دوست پرين پياري ترڪي هوٽل تي رات جي ماني کائڻ جي دعوت ڏني جڏهن هوٽل تي پهتاسين ته محترم عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جي ڏاڍي ياد آئي ماني کائڻ کانپوءِ بل ڏيڻ وقت مون ڪائونٽر تي ويٺل ترڪي همراھ کي چيو ته اسانجو به هڪ دوست ترابزون ۾ رهندو آهي ، ان ٻڌايو ته ترابزون ان کان هڪ هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ، بحرحال دعوت جي مزي سان گڏ ادا عبدالحفيظ لغاري جي ياد ضرور آئي !
خوش هجو سائين ... حفيظ کي وئي به گهڻو عرصو ٿيو آهي ۽ اهي ڪچهريون جن ۾ حفيظ هجي، چاچو ڪريم هجي ۽ مرتضى هجي ..... سي ياد آهن. ۽ ها اوهان به انهن ڪچهرين ڪجهه وقت اسان سان گڏ هيا ....... دوستو جتي به هجو خوش هجو.
اوهان جي مهرباني جو ڪُجهه نسبتن سان به ياد ڪريو ٿا. تُرڪي توڙي تُرڪي جا ماڻهو ڀلا. هي واحد قوم آهي جنهن وٽ جيڪو مهمان ٿي آيو تنهن واپس وڃي هرو ڀرو گِلا ناهي ڪئي. اها ڳالهه سچي ته پنج ئي آڱريون برابر کڻي ناهن پر وري به هتي جي اڪثريت مهمان نواز ۽ خلوص رکندڙ آهي. جيڪي هنن سان سُٺا هلن ٿا يا هليا سي ڀلي ڪٿان جا به هُجن ڪهڙي به مذهب جا هُجن هي ساڳي عزت ڏيندا. ۽ جنهن فِٽائي تِن سان هي ڪونه ٺهن پوءِ ڀلي کني دين ڌرم ساڳيو هُجي. اوهان به اچو ترابزون ۽ هتان جا تُرڪ ۽ نظارا ڏسو.