عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
اڄ ڪنهن دوست پرين پياري ترڪي هوٽل تي رات جي ماني کائڻ جي دعوت ڏني جڏهن هوٽل تي پهتاسين ته محترم عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جي ڏاڍي ياد آئي ماني کائڻ کانپوءِ بل ڏيڻ وقت مون ڪائونٽر تي ويٺل ترڪي همراھ کي چيو ته اسانجو به هڪ دوست ترابزون ۾ رهندو آهي ، ان ٻڌايو ته ترابزون ان کان هڪ هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ، بحرحال دعوت جي مزي سان گڏ ادا عبدالحفيظ لغاري جي ياد ضرور آئي !


