مان اعتراف ٿو ڪريان ته آئون معصوم لالوءَجي لاءِ ڪوبه آواز اٿاري نه سگهيو هيس. هيءُ تڏهن جو واقعو آهي، جڏهن مان ناز هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾پڙهندو هيس. اسان جي ڳوٺ ۽ قاضي احمد جي وچ ۾ هڪ ڍورو وهندو هو، جنهن مان گذرڻو پوندو هو. مون سان گڏ اسان جي ڳوٺ جي پيرن جي غلام جو ننڍڙو پٽ معصوم لالو به قاضي احمد ۾ کير کپائڻ لاءِ چونئري کڻي هلندو هو. هڪ ڀيري ڍوري ۾ هلندي سندس پير کسڪي ويو ۽ کير هارجي پيس. ڳوٺ واپس وريو ته بيبين سڳورين چابڪن سان ايڏي ته کيس مار ڏني جو هو پوءِ بخار ۾ وٺجي ويو ۽ آخر ڪار تيز بخار سبب ٻن ڏينهن کانپوءِ گذاري ويو. آئون باوجود ان جي ته تڏهن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سامايل ڇوڪرو هيس. پر ان معصوم ٻار سان ٿيل ظلم جي خلاف آواز نه اٿاري سگهيم، جنهن جو اڄ تائين مونکي پڇتاءُ آهي.