منصور سرور
سينيئر رڪن
مان اعتراف ٿو ڪريان ته آئون معصوم لالوءَجي لاءِ ڪوبه آواز اٿاري نه سگهيو هيس.
هيءُ تڏهن جو واقعو آهي، جڏهن مان ناز هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾پڙهندو هيس. اسان جي ڳوٺ ۽ قاضي احمد جي وچ ۾ هڪ ڍورو وهندو هو، جنهن مان گذرڻو پوندو هو. مون سان گڏ اسان جي ڳوٺ جي پيرن جي غلام جو ننڍڙو پٽ معصوم لالو به قاضي احمد ۾ کير کپائڻ لاءِ چونئري کڻي هلندو هو. هڪ ڀيري ڍوري ۾ هلندي سندس پير کسڪي ويو ۽ کير هارجي پيس. ڳوٺ واپس وريو ته بيبين سڳورين چابڪن سان ايڏي ته کيس مار ڏني جو هو پوءِ بخار ۾ وٺجي ويو ۽ آخر ڪار تيز بخار سبب ٻن ڏينهن کانپوءِ گذاري ويو.
آئون باوجود ان جي ته تڏهن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سامايل ڇوڪرو هيس. پر ان معصوم ٻار سان ٿيل ظلم جي خلاف آواز نه اٿاري سگهيم، جنهن جو اڄ تائين مونکي پڇتاءُ آهي.