رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
غزل
اسان نينهن لائي نڀايو آ پيارا
اسان مينهن محبت وسايو آ پيارا
نه غم جي خبر هئي ڪا اسان کي
ڪري چاه الڪو وڌايو آ پيارا
دنيا آ دوکو فريبي سڀئي يار
هي سڀني کي سڀ ڪنهن بڌايو آ پيارا
مطلب محبت جي ڪيئنچي چون ٿا
بي لوث سڪ کي اٿايو آ پيارا
اسان جنهن لئه جيون رکيو ساب آهي
ان ئي اسان کي جتايو آ پيارا
الفت جي الڪي ڪيو آ پريشان
رڳو درد بڻجي هي آيو آ پيارا
رسول بخش دائودپوٽه
اسان نينهن لائي نڀايو آ پيارا
اسان مينهن محبت وسايو آ پيارا
نه غم جي خبر هئي ڪا اسان کي
ڪري چاه الڪو وڌايو آ پيارا
دنيا آ دوکو فريبي سڀئي يار
هي سڀني کي سڀ ڪنهن بڌايو آ پيارا
مطلب محبت جي ڪيئنچي چون ٿا
بي لوث سڪ کي اٿايو آ پيارا
اسان جنهن لئه جيون رکيو ساب آهي
ان ئي اسان کي جتايو آ پيارا
الفت جي الڪي ڪيو آ پريشان
رڳو درد بڻجي هي آيو آ پيارا
رسول بخش دائودپوٽه