گونگن جو ڳوٺ، شاهه لطيف ۽ جمهوريت

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    گونگن جو ڳوٺ، شاهه لطيف ۽ جمهوريت
    [​IMG]
    يوسف لغاري
    سائين معاف ڪجو، اڄ توهان جي نه چوڻ جي باوجود، آئون توهان کي پنهنجي متعلق ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٻڌائيندس. سارو سربستو احوال ٻڌايان ته اوهانکي ٻئي جنم جو انتظار ڪرڻو پوندو، ان ڪري مختصر ۽ ضروري تعارف ڪرائيندس. اهو به سمجهان ٿو ته پرايو حال ٻڌڻ لاءِ ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي، پنهنجي تعريف ٻڌڻ لاءِ ٽي وقت بکيو به ويهي رهبو. بهرحال آئون پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهيان، اوهان کي وڻي نه وڻي، مونکي پنهنجو حال ٻڌائڻو آهي، اوهان به ڪيڏانهن ويندؤ، نه ڪي گهيڙ، نه ڪي گهٽ آهي، ته هاڻ ٻڌو:

    منهنجو ڳوٺ به هن سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُنڊ پاسي ۾ آهي، ڳڻپ ۾ ڪمزور آهيان، پنهنجا سور به ياد ڪونه اٿم، ان ويساري جي مرض ۽ ڳڻپ ۾ ڪمزوريءَ جي باوجود ڀانئيان ٿو ته ڳوٺ ۾ سئو ڏيڍ سئو کن گهر هوندا، نه نه .....گهر ته ڪي ٻه چار ئي هوندا، باقي ڪي جهوپڙيون هونديون پر آئون انهن کي به گهر سڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته جي گهر شماريءَ وقت انهن کي به گهر طور شمار ڪيو ويندو هو، ته پوءِ آئون ڪير ٿو ٿيان، جو سرڪار مائي باپ جنهن کي گهر سمجهي، ان کي آئون ڪجهه ٻيو سمجهان! سمجهو ته اندازاً ڏيڍ سئو کن گهرن جو ڳوٺ آهي، آدم شماريءَ مطابق اٽڪل ٻارنهن سئو کان پندرهن سئو ’ماڻهو‘ رهن ٿا ۽ ڪل اٺ ڏهه ’انسان‘ رهن ٿا. معاف ڪجو، آئون ماڻهوءَ کي ماڻهو سمجهندو آهيان، انسان نه! انسان ته تهذيب يافته هوندو آهي، رهڻ لاءِ سٺو گهر سوئمنگ پول سميت، نه ته به فارم هائوس جهڙو هجڻ کپي. کائڻ پيئڻ لاءِ سٺا ڊائنگ سيٽ، ٽي سيٽ، واٽر سيٽ، پهرڻ لاءِ هزار کن ڪپڙن جا جوڙا، پجيرو جهڙي گاڏي به گهٽ ۾ گهٽ هجي. ”رات گئي، بات گئي“ لاءِ به ته ڪجهه ’محبوب‘ ۽ ’مشروب‘ هجن ۽ شعر و شاعري، سٺو راڳ ٻڌائڻ وارو ۽ واري به هجي، مٿس ڪير حڪم نه هلائيندو هجي، پر پاڻ حڪم هلائيندو هجي، سزا جزا به وقت سر ڏيندو رهي، ملان پنڊت سندس تعريف ڪندا هجن، سندس چوڻ تي فيصلا ۽ فتوى وغيره ڏيندا هجن، وغيره وغيره. آئون ته هرو ڀرو انهن ماڻهن جي وصف ۾ شروع ٿي ويس، جن جي مونکي خبر ناهي ۽ انهن جو تعداد به ٻه چار کن آهي، باقي ماڻهو لاچار، جن جو انگ بنهه گهڻو آهي. معاف ڪجو، ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتاسين، ڳالهه پئي ڪئي سين ڳوٺ جي، ڳوٺ وري ڪهڙو، سمجهو ته ماڻهن جو پڙاءُ آهي، جيڪي ڪُلهن تي بار کڻي ٿڪي ٽُٽي هت اچي ساهه پٽڻ لاءِ ترسيا آهن، اڳتي شايد رستي ۽ منزل جي خبر نه اٿن، ان ڪري اتي ڪجهه وقت لاءِ ترسي پيا آهن، شايد گذريل جنم جو حساب ڪتاب پيا ڏين، جو بس ’جتي رات پئي، اتي گذري‘ وانگي هتي اچي ترسيا آهن، نه ڪي ڏينهن ٿئي ٿو، نه ڪي رات کُٽي پئي، سج نڪري ته اڳتي سفر ٿئي! ڳوٺ ته اهي هوندا آهن، جتي اسپتال، پڪو روڊ، اسڪول، پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت هجي، هتي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، اسين سڀ جوڳين وانگر هڪ پڙاءُ ڪريو ويٺا آهيون.

    معاف ڪجو، پنهنجي ڳوٺ متعلق ته وري ڪنهن ٻئي وقت سارو احوال ٻڌائيندس، اوهان کي خوامخواهه کڻي بور ڪيو اٿم، بس رڳو ڪجهه منٽ وڌيڪ منهنجون ڳالهيون ٻڌندؤ ته منهنجي دل جو بار هلڪو ٿي پوندو. منهنجو به ڏوهه ڪونهي، آئون پاڻ کي سڀني کان ڏاهو سمجهندو آهيان، ان ڪري گهڻو ڳالهائيندو آهيان، بس پنهنجي تعريف به پاڻ ڪندو آهيان، ٻئي کي پنهنجي برابر ڪونه سمجهندو آهيان، ان ڪري اوهين رڳو ٻڌو. آئون جيترو ڳالهائيندو آهيان، اوترو ئي منهنجي دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته منهنجي ڳوٺ جي اڪثر ماڻهن جي زبان ڳوٺ جي چئن پنجن انسانن وٽ قابو آهي. بس ڪجهه سندن واٺا، ڪڏهن ڳالهائيندا آهن، اهي به انهن ’انسانن‘ جي حڪم جي تعميل ڪرائڻ لاءِ، ورنه سڄو ڳوٺ گهڻو ڪري گونگن جو ڳوٺ آهي. اها ڳالهه مون ان ڪري چئي، جو اتان جي ڳوٺ جي هڪ ماڻهوءَ، هڪ ’انسان‘ جي ڪُتي کي ڀتر هڻي وڌو، بس پوءِ ته سائين راڄ ويهي رهيو، جرڳي ۾ ذات ذات مان چڱو مڙس اچي ويٺو، چون: ”جاڙي جي ايڏي همت، جو جانور ويچاري کي پٿر هڻي ڪڍيائين، مغز ۾ لڳيس ها ته ڪيڏو نه نقصان ٿئي ها! ڪتي جي دانهن ستين آسمان تائين ويندي آهي، هجي ڪنهن ٻئي هنڌ ته اصل ڦاسي چاڙهي ڇڏينس ها، وڏي سائينءَ جي به عزت ڪانه ڪيائين.“ بس پوءِ يڪراءِ جرڳي فيصلو ڪيو ته همراهه کي سڱ چٽي ڀري ڏيڻو آهي پر جيئن ته همراهه کي نياڻي ڪانهي، ان ڪري پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ ڀري ڏيندو ۽ سائينءَ وٽ 50 رپيا مهيني تي پيو ڪمائيندو، جيسين ڏنڊ پورو ٿئي. سڀني واٺن فيصلي جي ساراهه ڪئي، باقي ماڻهو سڀ گونگا رهيا. ان ڏينهن کان منهنجو ڳوٺ ’گونگن جو ڳوٺ‘ سڏبو آهي. گهڻائي دفعا ڪوشش ڪيم ته گونگن جو اسڪول کولرايان پر اسڪولن جي ’صاحب‘ جو چوڻ هو ته هنن وٽ گونگن جي اسڪول لاءِ ڪابه تجويز يا رٿا ناهي، سو بس چپ ڪري ويهڻو پيو.

    بس ادا، ڪجهه باقي ٿورڙو احوال آهي، اوهان به وندري پوندا ۽ منهنجو به ڪجهه بار هلڪو ٿي پوندو. مان پاڻ ته وڪيل آهيان، سڄو ڏينهن پيو ابتا سبتا دليل ڏيو، ناحقيءَ کي ڦاسي کارائڻ ۽ حقي جوابدار کي ڇڏائڻ جو ماهر آهيان، تمام گهڻو نالو ۽ ناڻو ڪمايو اٿم پر ان کان به وڌيڪ سڀ ماڻهو منهنجا معتقد آهن ۽ تعريفون ڪندا رهندا آهن، مونکي پنهنجي تعريف ڏاڍي وڻندي آهي، ان ڪري آئون پنهنجي نالي، ناڻي، تعريف خاطر انساني حقن جا ڪيس هلائيندو آهيان، قوم پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندو آهيان، ذات ۽ مذهب جي متڀيد جي خلاف آهيان، ان ڪري ماڻهو ’واهه واهه‘ ڪندا آهن، مڙس ماڻهو سمجهندا آهن پر اوهانکي ايمانداريءَ جي ڳالهه ٻڌايان، وڏو بزدل آهيان، ڪئين ماڻهن منهنجي ڳوٺ مان طاقتورن ماڻهو گم ڪرائي ڇڏيا آهن، مڙني ماڻهن وانگر آئون به ڪڏهن ڪڏهن گونگو ٿي ويندو آهيان پر پنهنجي خوشامد ٻڌڻ، تعريف ٻڌڻ ڏاڍي وڻندي اٿم، ان ڪري غريبن جا، انساني حقن جا، قومپرستن جا ڪيس هلائيندو آهيان، نه ته ٻيو ٿيو مڙئي خير. ڪجهه عدالتن جو حال ڪونهي، ته ڪجهه وري اسان به رڳو فوٽو ڇپرائڻ جا شوقين، سو نه ڪي ٿو ماڻهن کي انصاف ملي، نه ڪي سندن داد فرياد ٿئي. ان هوندي به اسانجو نالو آهي. انهيءَ مان گهڻا ڪجهه فائدا آهن، ان ڪري جو آئون وڏن ماڻهن، يا جن کي پاڻ ’انسان‘ ٿا چئون، تن وانگي انسان ته شمار ڪونه آهيان، جو هرو ڀرو منهنجي وڏائي قبول ٿئي پر پاڻ کي مڊل ڪلاس جو ماڻهو، سول سوسائٽي جو ماڻهو (اڌو گابرو انسان) ’مٿو ماڻهوءَ جو، باقي ڌڙ ريڍو‘ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پيو اهڙا عذاب ڀوڳيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ويچارن ماڻهن کي فائدو به ملي ويندو آهي ته ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. بس دل ئي دل ۾ پيو گلزار ٿيندو آهيان. هن جهان ۾ ته ڪجهه ملي يا نه ملي، پر اڳئين جهان جي آسري ۾ پيو فلاح بهبود جو ڪم ڪندو آهيان. حالانڪه منهنجو هڪ دوست جيڪو ”سَدوسي“ آهي (يهودي فرقي جو هڪ ماڻهو، جنهن کي قيامت جو يقين نه هو) اُهو مون تي کلندو رهندو آهي، ته آئون هرو ڀرو خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهيان پر کيس ٻڌائيندو آهيان ته هر جمعي تي مولوي صاحب مونکي ٻڌائيندو آهي ته چڱن ڪمن جي جزا الله پاڪ وٽ آهي، اهو ضرور ڏيندو. بس هڪ اڳئين دنيا کي سڌارڻ، ٻيو پنهنجي تعريف لاءِ ڪجهه چڱا ڪم ڪندو رهندو آهيان ۽ انهيءَ ڳالهه کي تسليم ٿو ڪريان ته ماڻهن جو درد مونکي اصل ڪونهي، آئون هڪ مفاد پرست ماڻهو آهيان، ان ڪري پنهنجي مفاد جي ڳالهه ڪندس. ناراض نه ٿيو ته ٻڌايان ته منهنجي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو مفاد پرست آهن، هر ڪو پنهنجي جهان سڌارڻ لاءِ پيو رڙي ۽ ڪڙهي.

    بس هاڻ رڳو آخري ڳالهه ٻڌو ته، اسان وٽ ڀٽائي سائين آهي. ائين ته گهڻا مقبرا ۽ درگاهون آهن، جتي ماڻهو ته ميلا مچايو ويٺا هوندا آهن، ڪو اولاد لاءِ، ته ڪو نوڪريءَ لاءِ، ته ڪو سهڻي ڪنوار لاءِ، پر لطيف سائينءَ جي ٻي ڳالهه آهي. ساري سنڌ ڌرتي توڙي جيسلمير هجي، سندس پيغام مان فيضياب ٿيل آهن، منهنجو وجود، منهنجي ٻولي، منهنجي ثقافت، منهنجي مزاحمت، سڀ سندس ڪلام ۽ پيغام جو نتيجو آهن. ڀٽائيءَ جي ڳالهه ان لاءِ ڪيم، جو سوَن سالن کان منهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ڪا حيثيت آهي ته رڳو لطيف سائينءَ جي ڪري. اسين جيڪي ڪجهه آهيون، ان ۾ ڀٽائي سرڪار جو اثر ئي ته آهي. هڪ سچ اهو به ته آهي ته، ڀٽائي سائينءَ سان به پاڻ سچا ڪونه آهيون، ٻيا هجن ته هجن پر گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ساڻس دوکو پيو ڪريان. توڙي جو سندس واٽ جيڪا ”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين“ واري آهي، ان تي نه هلان ها پر پڪ اٿم ته رستو اهو ئي آهي، جيڪو منزل تي پڄائيندو، تنهنڪري ان راهه جو راهي آهيان. اسان جي ڳوٺ وارا همراهه وري سرڪاري جمهوريت جي پويان لڳا آهن. پنهنجا حاڪم به چون پيا ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بنائڻ لاءِ هاڻ وري اڳين اليڪشن وانگي ڳوٺن جا نمائندا چونڊيا ويندا ته جيئن غريب ماڻهن کي به نمائندگي ملي ته جيئن سندن ڀلائيءَ جا ڪم ٿي سگهن. مونکي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ته غريبن کي ڪيئن نمائندگي ملندي ۽ جمهوريت، بنيادي جمهوريت چونڊ جي ذريعي ڪيئن مضبوط ٿيندي؟!! ڏسو نه، آئون ووٽ ڪيئن ڏيئي سگهندس، جو منهنجو نالو به داخل آهي يا نه، اها خبر به مونکي ڪانهي. گذريل ٻن سالن کان وڏي سائينءَ بئنڪ مان هارين جي نالي تي قرض کنيو هو ۽ وطن ڪارڊ جا پئسا وٺڻ لاءِ منهنجي سڄي گهر جا شناختي ڪارڊ کڻي ويو، سي اڃا تائين واپس ڪونه ٿيا آهن. اڳئين اليڪشن ۾منهنجو ووٽ، چون ٿا ته، ٿي ويو هو، سو الائي ڪيئن ٿيو هوندو! وري به جيڪڏهن ڪا اليڪشن ٿيندي ته ائين ٿيندي، وڏن جي ويڙهه آهي، هرو ڀرو اسان پنهنجو مٿو ڇو ڦاڙايون؟ پاڻ ئي پيا ووٽ ڪندا، ’جيڪو ڏاڍو، سو گابو‘ مثل جنهن ڏاڍ مڙسي ڏيکاري، اهو پاڻهي کٽي ويندو. هونئن به کڻي مڙسي ڪري فارم ڀرايان ته به اهي پينل ڪٿان ٺاهيندس، جو اليڪشن وڙهي سگهان. جي ڪا چڱائي ٿي وڃي، کٽي به وڃان، ته به ٽن ڏينهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ ضروري هوندو. هيڏيون دشمنيون ڪري وڃي اليڪشن وڙهان، هارايم ته ’وڏو‘ اصل ڪونه ڇڏيندو، کٽي ويس ته ’وڏي‘ جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻو پوندو، پوءِ اهڙي ’اکر- ڀوريءَ‘ مان ڪهڙو فائدو! چوندا آهن ته، جتي پڄڻ ناهي، اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو. هونئن به ته جمهوريت ويچاري سون ۽ چانديءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، سا ڪٿان ٿي وري جيئري ٿئي! مجاور ڏنڊو کنيو بيٺا آهن، اٿڻ جي لاءِ ڪنڌ مٿي ٿئي ٿو ته ڏنڊي جو ڦهڪو آهي، وري وڃي دفن ٿي ٿئي. هونئن به ته منهنجي ڳوٺ جو ’وڏو همراهه‘ اصل ”جانوس“ (روم جو ديوتا، جنهن کي ٻه سِسيون هيون) لڳو پيو آهي، اڳيان پويان پيو ڏسي، جن جمهوريت کي ايجاد ڪيو، ان جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ سر قربان ڪيا، ڦاهين تي چڙهيا، اهي به قبرن مان ڪونه اٿي سگهيا، اڄ ڪلهه رڳو سندن نالو ڪتابن ۾ آهي، اسان جهڙا سندن قصا ٻڌايو پيا جمهوريت جاڳائين، پر جڏهن ماڻهو ئي قيامت ڏينهن قبرن مان اٿندا ته پوءِ وري جمهوريت ڪٿان ٿي زنده ٿئي! ڀلي هي جمهوري اليڪشنون ٿين، پر نتيجو وري به ساڳيو ٿيندو.

    بس هاڻ آخري ڳالهه ٿو ڪريان ته، هڪ ڳوٺ ۾ چوڌري مري ويو، ڏاڍو ظالم هو، مسڪينا مار ڪندو هو، سو اها خبر پوندي ئي هڪ ميراثيءَ جو پٽ ڊوڙندو آيو ۽ پنهنجي پيءَ کي اچي واڌايون ڏنائين ته، ’ابا، ظالم چوڌري مري ويو‘ پر ميراثيءَ ڪو جواب ڪونه ڏنو. وڏي چوڌريءَ جي مرڻ بعد ان جو پٽ چوڌري ٿيو، اهو مئو ته، ٻيو ڀاءُ چوڌري ٿيو، جڏهن اهو به مئو ته، وري اچي ميراثيءَ کي پٽس مبارڪون ڏنيون ته، ’ابا، اهو چوڌري به مري ويو آهي.“ ميراثيءَ ڪاوڙ مان جواب ڏنس ته، ”نڀاڳيا چپ ڪر، ڀلي کڻي سڄو ڳوٺ مري وڃي، پر تون چوڌري نٿو ٿي سگهين“. سو ان وانگي سڄي ڳوٺ جا ’وڏا‘ مري وڃن ته به غريبن کي نمائندگي نه ملندي، جيسين ڪو اهڙو نظام قائم ٿئي، جو هاريءَ جي چونڊ هاري ڪري، مزدور جي چونڊ مزدور. هاڻ ته وڏيرن جا ڪمدار ۽ واٺا هارين ۽ مزدورن جي سيٽن تي به پنهنجا نالا لکرايو ويٺا آهن. وڏيري جو هڪ واٺو، جنهن جو نالو ’دريا خان‘ آهي، سو ’دريا خاتون‘ ٿي ڪري عورتن جي سيٽ تي اميدوار آهي. ڪير ٿو ڏسي پارٽيءَ کي، انهن سيٽن جي چونڊ ڪرڻي آهي، ته بس پوءِ جمهوريت جا نتيجا هاڻ ئي پڌرا آهن. اسان جي اڳڪٿي ڪڏهن ڪوڙي نه ٿيندي آهي، سو منهن جي ڳوٺ ۾ ته جمهوريت جلد اچي ويندي، بس رڳو مهينو کن آهي، هڪڙي ڄار مان نڪري ٻئي ڄار ۾ ڦاسبو. ڪاوڙ نه ڪريو، وڌيڪ احوال پوءِ ڪبو، حال ته گهڻو آهي پر مونکي ڪنهن عوامي ڀلائيءَ جي ميٽنگ ۾ وڃڻو آهي، جتي مونکي جمهوريت جي خدمت ڪرڻ لاءِ انعام ملڻو آهي.

    روزاني ڪاوش. خميس 19 ڊسمبر 2013ع m_yousuf_laghari@yahoo.com
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. صفي الله منڱڻيجو

    صفي الله منڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2014
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    42
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    سائين تمام بهترين
    پر افسوس شل عوام سڌري ۽
    ڪنهن چڱي همدرد جو ساٿ ڏي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!

    سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!

    الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!

    ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو