علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ دلدار علي چنه طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2014۔

  1. دلدار علي چنه

    دلدار علي چنه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، نادر اي سهولت
    ماڳ:
    دادو
    1. چوندا آهن ته علم انسان جي ادب ۽ اخلاق جو ضامن آهن. علم جي معنى آهي؛ “ڄاڻ”

      هرو ڀرو ائين به نه آهي ته جيڪو ماڻهو اکر به لکي پڙهي نٿو سگھي اهو ڪجهه به نٿو ڄاڻي ۽ جاهل آهي، هرگز نه...! علم واري ماڻهوءَ ۾ ڪيتريون ئي خاصيتون ٿين ٿيون. هن جو ادب ،هن جو اخلاق مثالي هوندو آهي. جاهل ۾ ادب ۽ اخلاق جي ڪوتاهي هوندي آهي. هڪ با ادب ۽ با اخلاق انسان ٿيڻ لاءِ منجهس علم هجڻ ضروري آهي. علم جو ادب ۽ اخلاق سان ويجهو تعلق ٿئي ٿو . ائين کڻي چئجي ته ٻَئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. يا ائين کڻي چئجي علم ادبَ مان ڦٽي نڪتو آهي، ۽ ادب علم مان ڦٽي نڪتو آهي. ان لاءِ تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. تعليم کي عام ۽ ضروري آسان بڻائڻو پوندو. پوءِ ڇونه ڇوڪري هجي يا ڇوڪرو تعليم سڀني جو حق آهي، ۽ عين ڪم پڻ.....! تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ گھرجن، مثلً بند پيل اسڪول کولرائي انهن ۾ استادن کي سختيءَ سان اسڪول ۾ اچڻ تي پابند ڪرڻ گھرجي. ۽ والدين پڻ سندن تعاون ڪرڻ گھرجي، ته جيئن اسان سنڌي قوم کي جاهل ۽ ڄٽ چوڻ وارن کي منهن تي موچڙو لڳي. ۽ انهن کي خبر پوي ته اسان سنڌي به پڙهيل لکيل ۽ غيرتمند آهيون...! جيڪڏهن سوچيو وڃي ته جيڪي ماڻهن جي خاص تفريح جو جڳهيون آهن مثلً هوٽل، پارڪ،ريلوي اسٽيشن بس اسٽاپ وغيره يا ٻين جڳهين تي پوسٽرن،تصويرن ۽ پوسٽرن بجاءِ سٺيون سٺيون ۽ عقل آميز ڳالهيون لکرايون وڃن.ميلن ۽ ٻين پروگرامن ۾ بڪ اسٽال لڳايا وڃن. ٻيو وري هوٽلن تي هر ٽيبل تي سٺا ڪتاب ۽ اخبارون رکيون وڃن، ته جيئن آرڊر دوران ڪجهه نه ڪجھ پڙهي سگھجي. هوٽلن تي ٽي وي تي گانا فلمون وغيره بجاءِ موٽيويشنل پروگرام هلايا وڃن. هوٽلن جي ڀتين تي پوسٽرن ۽ فلمي اداڪارن جي تصويرن بجاءِ عقل آميز ڳالهيون يا علم جي متعلق ڪجهه نه ڪجهه لکرايو وڃي ته هوٽل تي وٺل ماڻهو اجايو ويهڻ کان بچي سگھندا.....!

      اهو ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي قوم گهڻو وقت هوٽلن تي گذاري ٿي. ۽ ان سان اهو به فرق پوندو ته هوٽل تي لکيل پڙهيل ۽ سلجھل ماڻهو ويهندا. جيڪڏهن اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي ته اسان جي قوم سڌري پوندي ۽ اسان تي جيڪو جاهلپ جو بدنماءُ داغ لڳل آهي،اهو به لهي ويندو. جيڪڏهن اسان جي سنڌ ۾ ڪير ٻاهريون ماڻهو گهمڻ ايندو ته ڏسندو واقع ئي سنڌ هاڻي “سنڌ” آهي.......! هٿيارن بجاءِ “ڪتاب ۽ قلم” آهن غيرتمند سنڌين کي چور ۽ ڌاڙيل چوڻ وارن جا وات بند ٿي ويندا...........! ۽ غربت، مفلسي ۽ بيروزگاريءِ مان ڇوٽڪارو ملي پوندو.

      Email: dildar_noor@live.com

      MOB: 03123080970​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي قوم گهڻو وقت هوٽلن تي گذاري ٿي. ۽ ان سان اهو به فرق پوندو ته هوٽل تي لکيل پڙهيل ۽ سلجھل ماڻهو ويهندا. جيڪڏهن اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي ته اسان جي قوم سڌري پوندي ۽ اسان تي جيڪو جاهلپ جو بدنماءُ داغ لڳل آهي،اهو به لهي ويندو. جيڪڏهن اسان جي سنڌ ۾ ڪير ٻاهريون ماڻهو گهمڻ ايندو ته ڏسندو واقع ئي سنڌ هاڻي “سنڌ” آهي.......! هٿيارن بجاءِ “ڪتاب ۽ قلم” آهن غيرتمند سنڌين کي چور ۽ ڌاڙيل چوڻ وارن جا وات بند ٿي ويندا...........! ۽ غربت، مفلسي ۽ بيروزگاريءِ مان ڇوٽڪارو ملي پوندو.

    تمام سٺو لکيو اٿو ... سچايون ۽ کريون ڳالهيون. هن وقت علم ۽ تعليم ئي واحد حل آهي ... اميد ته اوهان لکندا رهندا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. دلدار علي چنه

    دلدار علي چنه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، نادر اي سهولت
    ماڳ:
    دادو
    جي وساڻ صاحب انشاالله لکندم
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ماشاءِ اله سائين اوهان جي پهرين تحرير پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي اميد ته هي سلسلو جاري رکندا.
    اد اسان وٽ تباهي جا جيڪي اصل ڪارڻ آهن اسان جو غير ذميوار هجڻ آهي جي هر ڪو ماڻون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم شروع ڪري ته يقينن عزت اسان جو حق آهي اسان پنهنجي حق تن پاڻ هٿ کنيو آهي
    اوهان جي صلاح تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. دلدار علي چنه

    دلدار علي چنه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، نادر اي سهولت
    ماڳ:
    دادو
    ادا بهتر آهي ته تعليم حاصل ڪجي پو ڀلي ڪهڙي به عمر هجي، ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، ها...! جيڪڏهن مجبوري آ ته پو ٻي ڳالهه آ، پر پو به ڪوشش ضرور ڪجي.
     
  6. چنچل راج

    چنچل راج
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    موبائل اپليڪيشن ڊولپر
    ماڳ:
    لاهور، پاڪستان
    تدريسي جهڙي پاڪ شهبي سان ايمانداري ۽ امتحانن ۾ نقل کان ٺُپ روڪ ئي سنڌ کي وري علم جو گھر ٺاهي سگهي ٿي. ترقي لاءِ تدريسي عمل ۾ ٻارن ۾ هر لحاظ کان تخليقي سوچ کي وڌ کان وڌ همٿائڻ گهرجي. نه ته اسپون فيڊنگ جو ته اڄڪلھ ڇيھ ئي ڪونه آهي.
     
  7. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين توهان جي سوچ سندهي معاشري جي باري ۾ تمام سٺي آهي، پر اسان جي معاشري تي هڪمراني به اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي سنده ۽ تعليم سان سچا ناهن ان ڪري اسان جون اسڪولون ويران ۽ هوٽلن تي بجا علمي ڳالهه جي جهڙن ۽ فسادن جو ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، خدا توهان جي سوچ مطابق اسان جي سندهي معاشري کي سٺائي جي طرف وڌڻ جي توفيق عطاڪري امين.
     
  8. دلدار علي چنه

    دلدار علي چنه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، نادر اي سهولت
    ماڳ:
    دادو
    ادا ڪوشش ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي. باقي الله سائين سڀ ڪنهن اجر ڏيڻ وارو آهي. اهو ئي سڀ کان واقف آهي...!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو