دلدار علي چنه
سينيئر رڪن
- چوندا آهن ته علم انسان جي ادب ۽ اخلاق جو ضامن آهن. علم جي معنى آهي؛ “ڄاڻ”
هرو ڀرو ائين به نه آهي ته جيڪو ماڻهو اکر به لکي پڙهي نٿو سگھي اهو ڪجهه به نٿو ڄاڻي ۽ جاهل آهي، هرگز نه...! علم واري ماڻهوءَ ۾ ڪيتريون ئي خاصيتون ٿين ٿيون. هن جو ادب ،هن جو اخلاق مثالي هوندو آهي. جاهل ۾ ادب ۽ اخلاق جي ڪوتاهي هوندي آهي. هڪ با ادب ۽ با اخلاق انسان ٿيڻ لاءِ منجهس علم هجڻ ضروري آهي. علم جو ادب ۽ اخلاق سان ويجهو تعلق ٿئي ٿو . ائين کڻي چئجي ته ٻَئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. يا ائين کڻي چئجي علم ادبَ مان ڦٽي نڪتو آهي، ۽ ادب علم مان ڦٽي نڪتو آهي. ان لاءِ تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. تعليم کي عام ۽ ضروري آسان بڻائڻو پوندو. پوءِ ڇونه ڇوڪري هجي يا ڇوڪرو تعليم سڀني جو حق آهي، ۽ عين ڪم پڻ.....! تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ گھرجن، مثلً بند پيل اسڪول کولرائي انهن ۾ استادن کي سختيءَ سان اسڪول ۾ اچڻ تي پابند ڪرڻ گھرجي. ۽ والدين پڻ سندن تعاون ڪرڻ گھرجي، ته جيئن اسان سنڌي قوم کي جاهل ۽ ڄٽ چوڻ وارن کي منهن تي موچڙو لڳي. ۽ انهن کي خبر پوي ته اسان سنڌي به پڙهيل لکيل ۽ غيرتمند آهيون...! جيڪڏهن سوچيو وڃي ته جيڪي ماڻهن جي خاص تفريح جو جڳهيون آهن مثلً هوٽل، پارڪ،ريلوي اسٽيشن بس اسٽاپ وغيره يا ٻين جڳهين تي پوسٽرن،تصويرن ۽ پوسٽرن بجاءِ سٺيون سٺيون ۽ عقل آميز ڳالهيون لکرايون وڃن.ميلن ۽ ٻين پروگرامن ۾ بڪ اسٽال لڳايا وڃن. ٻيو وري هوٽلن تي هر ٽيبل تي سٺا ڪتاب ۽ اخبارون رکيون وڃن، ته جيئن آرڊر دوران ڪجهه نه ڪجھ پڙهي سگھجي. هوٽلن تي ٽي وي تي گانا فلمون وغيره بجاءِ موٽيويشنل پروگرام هلايا وڃن. هوٽلن جي ڀتين تي پوسٽرن ۽ فلمي اداڪارن جي تصويرن بجاءِ عقل آميز ڳالهيون يا علم جي متعلق ڪجهه نه ڪجهه لکرايو وڃي ته هوٽل تي وٺل ماڻهو اجايو ويهڻ کان بچي سگھندا.....!
اهو ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي قوم گهڻو وقت هوٽلن تي گذاري ٿي. ۽ ان سان اهو به فرق پوندو ته هوٽل تي لکيل پڙهيل ۽ سلجھل ماڻهو ويهندا. جيڪڏهن اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي ته اسان جي قوم سڌري پوندي ۽ اسان تي جيڪو جاهلپ جو بدنماءُ داغ لڳل آهي،اهو به لهي ويندو. جيڪڏهن اسان جي سنڌ ۾ ڪير ٻاهريون ماڻهو گهمڻ ايندو ته ڏسندو واقع ئي سنڌ هاڻي “سنڌ” آهي.......! هٿيارن بجاءِ “ڪتاب ۽ قلم” آهن غيرتمند سنڌين کي چور ۽ ڌاڙيل چوڻ وارن جا وات بند ٿي ويندا...........! ۽ غربت، مفلسي ۽ بيروزگاريءِ مان ڇوٽڪارو ملي پوندو.