منصور سرور
سينيئر رڪن
الطاف خواجه
غزل
الله جي عدالت ۾ ھرگز تو کي معاف ناھي ڪيو
اِھو ائين به ناھي ته ڪو مون ھي انصاف ناھي ڪيو
ھڻين يار ھر وار راتاھ دل منھنجي تي ۽ وري
ستم ھي ته ان جو ڪڏھن تو به اعتراف ناھي ڪيو
صفايون ڪيون پيش مون تو اڳيان ڪيتريون اڻ ڳڻيون
عجب آ ڪڏھن ذھن مون لاءِ تو صاف ناھي ڪيو
ڀلي تون مڃين يا نه مڃ ھونئڻ خود غرض تنھنجو ته پر
اِھو مون به پھريون دفعو ڪو انڪشاف ناھي ڪيو
اچين ھاڻ واپس اگر تون به مون ڏي ته ھي سوچجان
ڪيو تو به جيڪو آ ، ائين ڪنھن ته اشراف ناھي ڪيو
ھيو يار ڪھڙو ته حيلو ، وسيلو ، طريقو رھيل
جو تو کي ته پرچائڻ جي لاءِ الطاف ناھي ڪيو