
باقي جيڪا شئي هِتي گهڻو ياد پئي پوي اُها پنهنجي پاسي جا رمضان جا مخصوص کاڌا جيڪي هتي ناهن. دالين جي رُڳو هِڪ قسم (مسور جي دال) جي ڪري بيسڻ جو تصور ئي ڪونهي. مطلب پڪوڙن جو سوچجي به نه. نه وري شربت نظر آئي ۽ نه فرائڊ سيويون (فيني).
تُرڪي ۾ آبادي لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو مُسلمان آهي جنهن مان اڪثريت سُني فرقي جي آهي. ڪي ٿورا شافعي (يا ايئن چوجي وهابي) ۽ ڳچ حِصو ڪُرد شيعا آهن جن ۾ علوي گروپ به آهي جنهن جو لاڙو بيشڪتاش جيان صوفي ازم تي آهي. پر اهو آهي جو هتي ايترو بحث ۾ ڪونه پون. لڳندو آهي سڀ ڄڻ ان معاملي ۾ ٿڌا آهن. نماز جي پابندي جو ريشو به اسان وارو ساڳيو يعني جُمعي نماز تي مسجدون فُل ۽ ٻين ڏينهن تي ڪا هِڪ اڌ صف مس ٺهي. باقي ساڳي ڊزائن جون مسجدون هر شهر ۾ کوڙ آهن جنهن ۾ هنن جا ڄڳ مشهور قالين ۽ ديوارن تي چٽسالي جا نادر نمونا ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. استنبول ۾ ته ايتريون مسجدون آهن جو ان کي مسجدن جو شهر به چئي سگهجي ٿو. پاڻ وٽ ۽ هتي جي مسجدن ۾ هڪ خاص فرق جيڪو ڏسڻ ۾ اچي ٿو اُهو اِهو آهي ڪٿي به اهڙو اعلان لکيل نه مليو ته ”بغير اجازت چندي گهُرڻ يا ڪو اعلان ڪرڻ جي ممانعت آهي“ يا وري جيئن پاڻ وٽ اڪثر ڪري هر جُمعي تي يا رمضان ۾ الاءِ ڪٿان ڪٿان جا سفير اچيو نڪرن اسان وٽ ته پئسا ڏيو ته مدرسا هلايون. الائي ڪهڙا مدرسا ۽ ڪيئن پيا هلن والله علم پر هتي هي به قران پڙهائن ۽ پڙهن پر اهڙو ڪو سفير اڃان ناهي ڏٺو.
اها ڳالهه گهڻن لاءِ متان نئين هُجي پر دلچسپ آهي ته هي قوم جيڪا قوم پرستي ۾ دُنيا ۾ مشهور تنهن جو اهو ايمان آهي ته گهڻيو ڳالهيون اسلام ۾ ناهن اهي عربن جي ثقافت جو حِصو آهي جيڪو غلط فهمي سان دين جو حِصو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ۾ مردن جو ڏاڙهي نه رکڻ ۽ عورتن جو پردو نه ڪرڻ (خاص ڪري منهن نه ڍڪڻ). هتي مسجد ۾ وڃ ته اها خبر قطعي نه پوندي ته پيش امام ڪير آهي جيسين هو گائون پائي مٿي ته مخصوص ٽوپي نه پائي. نه ته پينٽ شرٽ ۾ ويٺل سڀ تُرڪ ڳالهه مڙئي ساڳي. عورتن ۾ وڏي عُمر واريون ته گهڻي ڀاڱي سڄي جسم کي ڍڪيندڙ ابايو پائين پر جيڪي اڄڪلهه جي جديد ڏيک ويک کان مُتاثر ننڍيون ڇوڪريون ننڍن ڪپڙن، جينز جي پينٽ يا شارٽس ۾ گهُمن سي وري نماز مهل پڙي نُما ٺهيل گول ڪپڙو ٻڌي نماز پڙهن. اڪثر يونيورسٽي ۾ جُمعو پڙهي نِڪر ٻاهر ڇوڪرين جا ٽولا نظر ايندا جيڪي ان آسري هونديون آهن ته مسجد جو مٿيون فلور خالي ٿئي ته هو نماز پڙهن جيڪو هونئن سندن لاءِ ئي مخصوص آهي پر جُمعي تي رش سبب مرد به اُتي نماز پڙهن.
تُرڪن جي قومپرستي جو هڪ ٻيو انتها تي پُهتل مثال به ڪافي دلچسپ آهي جو هنن عربن کان باغي ٿي اذان به تُرڪي زبان ۾ ٿي ڏِني جيڪا ڪمال اتاتُرڪ جي زماني ۾ لازمي قرار ڏني وئي ۽ 1950 تائين به تُرڪي جي سڀني مسجدن ۾ اذان به تُرڪي ۾ پئي آئي جيڪا پوءِ ان وقت جي گورنمنٽ ٻيهر عربي ۾ واپس ڪرائي. ويجهڙ ۾ ته وقت تان جهيڙي تي گورنمنٽ ٻيو قانون به ڪڍيو ته اذان مولوي تي رکو ئي نه. آٽويميٽڪ رڪارڊيڊ اذان سڀني مسجدن مان مخصوص ٽائمن تي هلي. اهو قانون به ڪُجهه وقت هليو هليو پوءِ سڀني مولوين جي مُتفق ٿيڻ تي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ شهر ۾ ته سڀني مسجدن ۾ اذان جو وقت ساڳيو آهي ۽ رڪارڊيڊ بجاءِ مؤذن ئي ڏئي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته اذان ۽ جماعت وچ ۾ ايترو گهڻو وقت ڪونه رکن جنهن سان ماڻهو دير ڪري اچي سُنت پڙهڻ جيتري وقت تي پُهچي اذان ٻُڌي فورن اُٿڻ وارو ثواب وڃايو ويهي. گهٽ وقت ملڻ سام اذان ايندي ئي هرڪو اُٿيو کڙو ٿئي ۽ جلدي پُهچي سُنت پڙهي جماعت سان شال ٿيڻ جي ڪري ٿو.
بهرحال هي ڪُجهه ڳالهيون جيڪي هتي مُشاهدي ۾ آيون اُهي اوهان سان ونڊڻ چاهيم. جيئن ته مذهبي معاملي ۾ راءِ ڏيڻ حساس معاملو آهي تنهنڪري هي منهجي راءِ نه سمجهي وڃي بس هڪ مُشاهدو سمجهيو وڃي جيڪو لکيم.
