ڇا حسد ۽ انتقام جي ڪا به حد هوندي آهي؟ هڪ فتنيت جو قصو (ٻي عورت) .... .شارٽ اسٽوري (ٻي عورت) .... .شارٽ اسٽوري تحرير مڪالما ۽ منظر ڪشي : عبدالرزاق ميمڻ حُسن بانُو هڪشاندار هوٽل جي ڪمري ۾ ان جي بيڊ روم ۾ هڪ ڊبل بيڊ تي ليٽيل ۽ سگريٽ جا ڪش هڻي رهي آهي. کيس هڪ ٽي شرٽ پاتل ۽ اُن تي هڪ وڏي فيشن ايبل پر ڍلي نيڪ ٽا پيل آهي، سندس هڪ هٿ سگريٽ ۾ ته ٻيو هٿ اُن نيڪ ٽا تي آهي جنهنکي هو بيخيالي ۽ گهري سوچ سان ور وڪڙ به ڏئي ڪنهن ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آهي. ايتري ۾ زاهد باٿ روم ٻاهر نڪري اچي ٿو جنهن کي هڪ وڏو ٽُوال پنهنجي اوگهڙ لڪائڻ لا ويڙهيل آهي ۽ حُسن بانو کي مخاطب زاهد : جاني من! تو ائين ئي شاور وٺي بنان پنهجا ڪپڙا پائي ورتا! شاور نه وٺندي ڇا؟ حُسن بانو اُٿي پنهنجي نظرن جو رُخ زاهد طرف ڪيو ۽ پو دُکيل سگريٽ جو هڪ وڏو ڪش هنيو ۽ پنهنجي ساڄي پير ۾ موجود سنهڙي کُڙي واري سينڊل کي پير سان هوا ۾ اُڇلايو. حُسن بانو : نه! زاهد بيڊ ڀرسان فرش تي ڪريل پنهنجي باڪسر شارٽس (ڪڇي) کي کنيو ۽ حُسن بانو کي پُٺ ڏيندي ٽوال جي اندران ئي اندران اُن کي پائڻ لڳو. حُسن بانو : واهه! مُهنجي سامهون هاڻ لباس پائڻ ۾ ايڏو شرم! اهو شرم پنڌرهن منٽ پهرئين ته الائي ڪيڏانهن هلي ويو هُيئي ! ڪمري جي فضا ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت پئدا ٿي چُڪي هُئي، زاهد جو مُنهن لهي ويو! زاهد : جانِ من! شايد تون ناراض ! ناراض پئي لڳين! حُسن بانو بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي موجود چانهه جي ڪوپ ۾ سگريٽ جي ڦلهر کي جهاڙيندي حُسن بانو : هون! آئون ڀلا ڪير هوندي آهيان ناراض ٿيڻ واري! تڏنهن ته تو پنهنجي بنگلي بجا هن هوٽل جي ڪمري جو انتخاب ڪيو آهي ته تون شام جون ڪي گهڙيون هتي گُذاراي جلدي روانو ٿي سگهين! ۽ اڄ رات مونسان گُذارڻ بجا هُن سان وڃي گُذاري سگهين. زاهد جهڪي بيڊ ڀرسان پنهنجي پينٽ کئنئي ۽ ان کي پائڻ لڳو، پو سڳي طرح سان پنهنجي شرٽ پاتي ۽ ان جا بٽڻ بند ڪندي زاهد : ڏس مُهنجي جان! اجائي ڪاوڙ! ڪوڙ ڪري ته تُنهنجو اهو خوبصورت چهرو خراب پيو ٿئي. حُسن بانو ٻنهين ٺونٺن کي بيڊ تي رکي ليٽندي وري هڪ دونهين جي ڦوڪ ڇت طرف اُڇلائيندي حُسن بانو : ته پو تون ٻُڌائي ڇو نٿو ته هُن ڏائڻ کي ڪڏنهن ڇڏيندي. زاهد شرٽ جا بٽڻ بند ڪري اُنهي بيڊ تي اچي ويٺو ۽ بيڊ هيٺان پنهنجا جوراب ۽ بوٽ کنيو، جوراب پائيندي زاهد : فلحال اها ڳالهه نه ڪر! حُسن بانو سگريٽ جو آخري ڪش هنيو ۽ پو ان کي چانهه جي ڪوپ ۾ اُجهائڻ لا ڦٽو ڪيو، ڪپ ۾ ٿورڙي پيل چانهه ۾ ٻريل سگريٽ پوندي شر شر ڪندو وُجهامي ويو حُسن بانو : ته پو اها ڳالهه ڪڏنهن ڪريان ! زاهد پنهنجون ٻئي ٺونڄون پنهنجي ران تي ٽيڪ لا رکيون ۽ معافي جي انداز ۾ ٻئي هٿ ٻڌي زاهد : ڏس! حُسن بانو! حُسن بانو بيڊ تي ڊگهي ٿي مُنهن ٻئي پاسي ڪري ليٽي پئي، پنهنجو هڪ هٿ کي مٿي هيٺان رکيو ۽ ٻئي هٿ سان گلي ۾ لٽڪيل ٽا کي وٽ ڏئي کيڏيندي رهي حُسن بانو : بس! گهڻو ٿيو! هاڻ مُهنجو نالو نه کڻجئين! زاهد هڪ ٿڌو ساهه کڻي بيڊ تان اُٿيو ۽ پو پنهنجي قميص کي پينٽ اندر وجهي پينٽ جي بيلٽ کي ٽائيٽڙ ڪرڻ لڳو، حُسن بانو به اُٿي ۽ پنهنجي گلي ۾ لڳيل ٽا کي ٻاهر ڪڍي ڀرسان پيل پرس کڻي اُن ۾ وجهندي حُسن بانو : هي جيڪو تون روز روز مُفت ۾ اچي هريو آهين ! اهو هاڻ مونکان وڌيڪ ڪونه سهبو! ائين چوندي ٽُپ ڏئي بيڊ تان لهي آئي، ۽ ٻئي پاسي پٽ تي اُڇليل ۽ هڪ جهٽڪي سان پنهنجي ڳاڙهي ساٽين جو لباس کڻي پائڻ لڳي ۽ پاڻ ئي پويان لڳل زپ بند ڪرڻ لڳي زاهد : ڏس حُسن بانو! ان ۾ ڪو شق ڪونهين ته آئون توسان مُحبت نٿو ڪريان! پر مُهنجي به هڪ مجبوري آهي! آئون هُن کي به ڇڏي نٿو سگهان. زاهد پنهنجو ٻي ڪرسي تي پيل ڪوٽ کنيو ۽ ٻئي ٻانهون وجهي پائڻ لڳو. زاهد : تون آخر مُهنجي مجبوري سمجهين ڇو نٿي! حُسن بانو : (ڪاوڙ ڪندي) بس! سمجهڻ جي به آخر ڪا حد هوندي آهي نه! بس توکي فيصلو ڪرڻو آهي! جي توکي مونسان واقعي مُحبت آهي ته کيس ڇڏڻو پوندو. زاهد وري هڪ ڊگهو ساه کنيو ۽ بي وسي جي عالم ۾ چوڻ لڳو زاهد : بنگلو هُن جي نالي تي، ڪاروبار هُن جي نالي تي، سڀ ڪُجهه ته هُن جي نالي تي ئي آهي نه... حُسن بانو : اهو مُهنجو مسئلو ناهي! زاهد : جي مون کيس ڇڏي ڏنو ته مان هر نعمت کان محروم رهجي ويندُس! اها ڳالهه تون به چڱي طرح سمجهين ٿي. حُسن بانو پنهنجو پرس کنيو حُسن بانو : جي اهي نعمتون مونکان افضل آهن ته پو انهن کي حاصل ڪرڻ لا ٻيو ڪو رستو ڳول ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان عورت کان جان ڇڏا. زاهد اُٿي ڪمري جو دروازو کولي ڇڏيو، ٻاهر انڌيرو ڇائنجي ويو هو ۽ پارڪنگ لاٽ ۾ به نيون سائن وانگر بلب ٽم ٽم ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا هُئا. زاهد : اهو ڪم ايڏو به آسان ڪونهين! حُسن بانو : آسان آهي! تما گهڻو آسان آهي.... زاهد ! ڪيئن به ڪري هُن عورت مان جان ڇڏا. لکين طريقا آهن جان ڇڏائڻ جا. حُسن بانو اُٿي ٻنهين هٿن سان کيس هڪ طرف ڌڪلڻ لڳي حُسن بانو : حادثا ته روز روز پيا ٿين! زاهد کيس گهورڻ لڳو ۽ پو ڪاٽو انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻي زاهد : تون ڄاڻي به ٿي ته آئون ائين ڪونه ڪري سگهندُس! توکي خبر به آهي ته هوُ مُهنجي .......! تيزي سان گهمي ٿي حُسن بانو : (ڳالهه ڪٽي) اهو توتي منحصر آهي ۽ اها تُهنجي ترجيح آهي. زاهد تيزي سان پنهنجا ٻئي هٿ ڦهلائي سندس قمر جي چوطرف ويڙهڻ لڳو ۽ سمجهائڻ لڳس زاهد : هو مُهنجي ترجيح ناهي جان من! ٺيڪ آ! وقت ڏي! مان ان معملي تي ڪُجهه نه ڪُجهه سوچيندُس. ائين چئي هُن پنهنجي چهري کي حُسن بانو طرف جهڪايو ته هُو ڦڙتي سان چهرو ٻي طرف ڪرڻ لڳي ۽ تيزي سان ڦري سندس ٻانهن مان نڪري آئي زاهد شڪست خورده شخص جي انداز ۾ هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳو (ٻاهر ويندي) زاهد : باى هاڻ توسان اڳئين هفتي مُلاقات ٿيندي! حُسن بانو : (تلخي سان) پهرئين پنهجي ترجيحن کي ته دُرست ڪجائين پو ٻئي هفتي جي مُلاقات جو سوچجئين . (ڪٽ) .
جڏنهن حُسن بانو بنگلي ويجهو پُهتي هُئي ته گهٽا گهٽ اوندنهن ڇائنجي چُڪي هُئي، هُن پو روڊ جي ٻنهين طرف نگاهه وڌي ته کيس پري پري تائين ڪنهن ذي روح جو عڪس نظر نه پئي آيو. حُسن بانو هڪ بنگلي جي بيل تي هٿ رکيو ته ٿورڙي دير کان پو گيٽ جي اندران ڪنهن عورت جو آواز آيو ۽ ڪنهن دروازي جي درز کولي ڏسڻ به شروع ڪيو آواز : ڪير ! حُسن بانو : هيلو! مان حُسن بانو! زاهد صاحب جي آفيس جي سيڪريٽري! ڇا زاهد صاحب گهر ۾ آهن! عورت : اوهه! عورت دروازو پورو کولي ڇڏيو، هڪ پوڙهي عورت ظاهر ٿي عورت : پر زاهد ته ڪنهن مهمان جي اچڻ جو ذڪر ڪونه ڪيو هو! حُسن بانو : جي! صحيح ٿا چئو! کين به مُهنجي اچڻ جي اميد ڪانه هوندي! درحقيقت مان زاهد صاحب جي هڪ پروجيڪٽ مڪملل ڪرڻ ۾ رُڌل آهيان. هتان گُزريس ته مون سوچيو ته زاهد صاحب کي پروجيڪٽ جا ڪي تفصيل ٻُڌائيند وڃان. عورت : ته پو اندر اچ! مون سان ڪافي جو هڪ ڪپ شيئر ڪر! جي توکي دير نه ٿئي ۽ انتظار جي ڪوفيت نه ٿئي ته ! ڇو جو تيستائين زاهد به اچي ويندو! حُسن بانو : ٺيڪ آ ! ڪم جي ٿڪاوٽ ڪري مونکي به ڪافي جي ضرورت محسوس پئي ٿي. ائين چئي اُها پوڙهي عورت مڙڻ لڳي ۽ حُسن بانو به سندس پويان قدم وڌائيندي پويان گيٽ بند ڪيو. ٻه قدم اڳتي وڌي عورت کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري حُسن بانو : درحقيقت! بيگم صاحبه ! آئون هتي توسان ئي ملڻ آئي آهيان ان دوران هُو پنهنجي گلي مان ٽا ڪڍي چُڪي هُئي عورت : (حيرت سان) مون سان! حُسن بانو : ها! توسان! بجلي جي تيزي سان هو ٽا کي ڦنددو ڪري پوڙهي عورت جي گلي ۾ وجهي چُڪي هُئي جنهن پوڙهي ٿورت کي بيوس ڪري ڇڏيو ۽ هو هٿ پير هڻندي، ڦٿڪندي پٽ تي ڪري پئي، حُسن بانو سندس مرڻ جو يقين ڪندي ٽا جو ڦندو سندس ڪنڌ مان ڪڍيو ۽ واپس پرس ۾ وجهڻ لڳي ۽ پو جنهن خاموشي سان آئي هُئي اُنهي خاموشي سان ٻاهر وڃڻ لڳي. هُن کي هاڻ پورو يقين هو ته سندس زاهد سان شادي ڪرڻ تي ڪنهن کي اعتراض ڪونه ٿيندو ۽ زاهد جي ما جي پوري جائداد جو ولي ۽ وارث زاهد ئي بڻبو ۽ ٻنهين جي خرچ جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا (پُڄاڻي).