• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيئي جا پرڀات، سا مَاڪَ مَ پَسَو مَاڙُها

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
پيئي جا پرڀات، سا مَاڪَ مَ پَسَو مَاڙُها
روئي ڇُڙُي رات، ڏسي ڏکوين کي.


مخدوم نوح

پرڀَات = باک ڦُٽي ويل، پرهه ڦُٽي ويل، اَسُرُ ويل، صبح ٿيڻ کان اڳ
مَ = نه، هرگز نه
ماڙها = اي لوڪو، اي ماڻهون
ڇُڙي = ڇُٽڪي، لڙڪن لارون ٿي وهايائين

* اي لوڪو هي جيڪا پرهه ڦٽيءَ ويل ماڪَ پيئي آهي سا دراصل ماڪ نه سمجهو.

* هي ته اُهي لڙڪن لارون آهن رات، جيڪي ڏکويلن تي رني آهي هنجون هاريون اٿئين.

سمجهاڻي

هي بيت شاعراڻي نازڪ خيالي آهي. دراصل هن ڌرتيءَ جي لکين، ڪروڙين مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي حال تي، ڏکن ڏوجهرن تي، هاڃن تي، ڏاڍ، ظلم ۽ جبر تي، پنهنجن ۽ پراون طرفان وسيلن جي ڦرلٽ تي سنڌي قوم جي مسلسل خاموشيءَ تي ڀٽائي پاڻ رنو آهي.
شاعر سنڌ جي حال ۽ مستقبل کي غير محفوظ سمجهندي قوم کي خبردار ڪيو آهي ته هن غفلت جي ننڊ مان هاڻي ته جاڳو.


____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top