• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيڻ پنهنجا ازل کان رهيا پرين ڳولهائو تنهنجا

منصور سرور

سينيئر رڪن
نيڻ پنهنجا ازل کان رهيا پرين ڳولهائو تنهنجا
هر شب روز ٽمڪ ٽمڪ ٿي تولاءِ ٽمڪيا

هزارين ارمان هزارين خواهشون دلڙي پنهنجي ۾
احساس پنهنجا به ڌڙڪ ڌڙڪ ٿي تولاءِ ڌڙڪيا

ڪڏهن خوابن ۾ ته ڪڏهن تَصوَرن ۾ شوقِ ديدار
مُحبَ تنهنجي سڪ سڪ ۾ پئي تولاءِ سڪيا

گُل گلاب کان وڌ رابيل چمبيلي کان گهڻا سهڻا سارا
سي خيال پنهنجا مهڪ مهڪ ٿي تولاءِ مهڪيا

سارو آڪاش روشن ستارن سان تنهن کان وڌ
پنهنجا پاڪ جذبا چمڪ چمڪ ٿي تولاءِ چمڪيا

سنسار ڄڻ سونهن هُن جي ”قاضي“ اشعارن
جا لفظن لفظ جهلڪ جهلڪ ٿي تولا جهلڪيا

َقاضي منير احمد
 
Back
Top