• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
سنڌ جون موجوده حالتون دنيا کان ئي نياريون آهن ، هتي تاريخ جو نئون تجربو ٿي رهيو آهي ، نرالو ، انوکو ، آباديءَ جو Composition ڏس . ڏينهون ڏينهن ڌارين جو وڌندڙ تعداد ڏس ، ثقافتي طور ڏس ، پناهگير شهرن تي قابض ، انهن جي سياسي شعور ، تنظيمي شعور ۽ تحريڪي شعور ۽ پنهنجي شعور جي وٿي ڏس . ڪلاس ڪمپوزيشن ڏس ، قومي مسئلي تي سنڌ جو وڏيرو ، پير سنڌ جو دشمن ۽ نوآبادگارن اڳيان گانڊو ۽ هنن جي مفادن جو محافظ ، جڏهن تہ هنن جو سرمايہ دار ، ۽ مزدور هن معاملي ۾ پاڻ ۾ ٻٽ ، هي جو انهن غير سنڌين کي ، سنڌي پوز ڪرڻ لاءِ (نئين) جو پڇ ڳنڍيو ويو آهي ، سراسر بڪواس آهي ، دوکو ، اهي سنڌي ٿي نٿا سگهن ، هنن جو تهذيبي برتري واري ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ جي احساس مان صاف پڌرو آهي تہ ، اهي سنڌ ۽ سنڌين سان سچا ٿي ئي نٿا سگهن . ڇا ڪاڻ تہ بنيادي طور مفادن جو تڪرار آهي . ٻولي ۽ ٻين اقتصادي مفادن ڪري ، پنجاب جي چوڌرين ، فوجين ۽ پنجاب جي سامراجيانہ مفادن سان سمجهوتو ڪرڻ سان ، هو پنهنجي موجوده حيثيت ۽ زندگي برقرار رکي سگهن ٿا . جڏهن تہ سنڌين جي مفادن جو تحفظ ، مظلوم قوميت جي تصور ۽ اهڙي قسم جي جدوجهد تي ئي منحصر آهي . ڇا ڪڏهن مهاجرن سنڌين جي قومي حقن کي سمجهڻ جي رتي برابر ڪوشش ڪئي آهي ؟ ويندي ڪميونسٽن تائين هو پهرين ، پناهگير ، پنجابي آهن ، پوءِ ڪميونسٽ ! ۽ پنهنجي سنڌي مڊل ڪلاس ، مڊل ڪلاس ، جيڪو قومي تحريڪ جو وڏو محرڪ هوندو آهي ، نالي جو بکيو ، ليڊري جو بکيو ، رڳو پنهنجي ذات سان سچو ، پوءِ ڍائي ڪريل ڪريل ذهنيت جو ، ڊڄڻو ، لالچي ، رڳو لفاظي ڪندڙ ، موقع پرست ۽ Vulgar Nationalist . ۽ اسان جا سياسي ورڪر ، رڳو شهرن چانهيون پي ، هڪ ٻہ تقرير ڪري ، رڳو لٻاڙون هڻندڙ ، يار ، مان تہ نراس ٿي پيو آهيان ، شاهہ وراڻي ٿو ۽ ٽيبل تي ڌڪ هڻي ، بيري کي سڏي پاڻيءَ لاءِ چوي ٿو .
نراسائي جي ڳالهہ تہ ناهي ، قومي تحريڪن ۾ اهي لاها چاڙها تہ ايندا ئي آهن ، احمد چوي ٿو ، مان وڌيڪ ڊيگهہ نٿو ڪيان ، پر هڪ ڳالهہ چوانءِ ، سنڌ کي ۽ سنڌين کي ڪو ختم نٿو ڪري سگهي . خاميون ۽ ڪمزوريون پنهنجي جاءِ تي آهن ، پر بنيادي ڳالهہ آهي تہ ، مجموعي طور سنڌين ۾ قومي جاڳرتا ۽ پنهنجي قومي وجود جو احساس ٿيڻ لڳو آهي ، مٿاڇرو سهي ، جذباتي سهي ، ناپختو سهي ، پر پيدا ٿيو آهي ، وڌي رهيو آهي ۽ باقاعدو Resistance Form وٺي رهيو آهي . جنهن کي هاڻي ڪا بہ مڪاري ۽ طاقت پوءِ چاهي اهو اسلام يا پاڪستان جي نالي ۾ ڪئي وڃي ، دٻائي يا موڙي يا ڪچلي نٿي سگهي . هيءَ بہ حقيقت آهي تہ ، سنڌ جا نيشنلسٽ ، هارين وٽ وڃڻ بجاءِ ، وڏيرن جي پٺيان ڀٽڪندا رهيا آهن ۽ هارين جي مسئلن کي بنهہ نہ کنيو اٿن .پيپلز پارٽي وارا سنئون سڌو پنجابين جي مفادن سان غداري نہ ڪرڻ جا اعلان پيا ڪن . ان هوندي بہ سنڌ جا ماڻهو انهن جي پٺيان آهن ، اسلامي برانڊ جماعتون پڌريون سنڌ دشمن آهن ، ۽ مڊل ڪلاس ۽ دانشورن جا حال تو ٻڌايا ؛ برابر سڀ حقيقتون آهن ، پر سدائين تہ اهي نہ رهنديون ؟ نيٺ هي حاڪمي ۽ غلامي جي ڇڪتاڻ سنڌ جي ماڻهن کي صحيح سوچ جو احساس ڏياريندي ، شعور ڏيندي ، پختگي ڏيندي ، تجربو ڏيندي ، ۽ اهو سڀ ڪجهہ ڏيندي جيڪو قومي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ...
ير خدا جي واسطي سياست بند ڪيو ، نواز هٿ ٻڌي چوي ٿو .....
هوڏانهن لسٽون پيون ٺهن ۽ هتي اوهان هوٽل ۾ ههڙيون خطرناڪ ڳالهيون پيا ٿا ڪيو ... ميان ڪجهہ ڪون ورندو ، ڦٻيون بہ رڳو هي ڳالهيون اٿو نہ ؟
ماٺ ڪري نوڪري ٻوڪري جي ڪا ڳالهہ ڪيو ، اجايو پيا ٿا .....
ٺهيو ، هاڻي سياسي ڳالهيون نٿا ڪيون ، بس ، ٻي ڪا ڳالهہ ڪيو ، احمد چوي ٿو ...
ٻي ڳالهہ اها تہ ، سگريٽ گهراءِ ، ڳالهايو اوهان پئي ، مٿي ۾ سور مونکي پيو آهي ، نواز چوي ٿو ...
احمد ولس جو پاڪيٽ گهرائي ٿو ، سگريٽ ڇڪين ٿا ، ڪا گهڙيون خاموشي ، پوءِ .
نواز تنهنجا لو افيئرس ڪٿي پهتا آهن ؟ مون ٻڌو آهي تہ هڪ ڀيڻ ، ٺاهي اٿئي ؟ شاهہ کوٽڻ لاءِ چويس ٿو .
ڪهڙا يار افيئرس اسان جهڙن غريبن جا ، مڙئي دل پشوري ، يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون ، انهن مردن کي ٿيون چاهين ، جنهن وٽ دولت هجي ، ڪار بنگلو وغيره ، سماجي حيثيت هجيس ، ۽ وڌيڪ آئيڊيل ڇوڪرين لاءِ شهريت هجي ، مون وٽ اهي ٽئي شيون ناهن ، انهيءَ ڪري ..... نواز سگريٽ جو ڪش هڻي ٿو .
ڀلا اها ڪيتري قدر حقيقت آهي تہ ، تون اڄڪلهہ فري سيڪس جو ڏاڍو پرچارڪ ٿي پيو آهين ؟ شاهہ وڌيڪ ڇيڙڻ لاءِ چويس ٿو .
اسان جي نصيبن ۾ رڳو آهي ئي پرچار ، يعني زباني لست ، جنهن کي ذهني عياشي بہ چوندا آهن ، نواز چپٽي وڄائي آڱرين جي وچ ۾ جهليل سگريٽ جو ڦلو ڪيرائي ٿو ، هتي فري سيڪس لاءِ ڪجهہ بنيادي لوازمات آهن ، هڪ بہ عدد ڀيڻ گهرجي جنهن کي ..بارٽر سسٽم هيٺ ايڪسيچينج ڪري سگهجي ، يا تہ دولت هجي يا ٽيلنٽ ۽ گٽس هجن يا ڪا حيثيت هجي مثلن ليڊري وغيره ، انڪري منهنجو فري سيڪس پنهنجو پاڻ سان آهي .
لڙهندڙ نسل
 
تهذيبي برتري؟ سنڌ کي فتح ڪرڻ جا احساس؟ ٿورو واضح ڪندو سائين؟ مان انهن سياسي معاملن کان الڳ آهيان؟ ڪير ۽ ڪيئن اهي سازشون پيو ڪري؟ ۽ اوهان کي ڪيئن احساس ٿيو؟
 
Back
Top