“ٺــــــريل چـــانـــهه” ... عباس سارنگ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    “ٺــــــريل چـــانـــهه”
    عباس سارنگ

    “خوبصورت ماڻهو به ڪيڏو نه انسپائير ڪن ٿا....!”
    هوٽل تي اڳين بينچن تي ويٺل ٻن پوڙهن جي جڏهن نظر رستي مان گذرندڙ هڪ جوانڙي تي پئي ته هڪ چيو.
    “منهنجي خيال ۾ اها چوڻ جي ڳالھ ته نه آهي.....!!!!”
    ٻئي پوڙهي به پنهنجو جملو ڳالهايو. ٻنهي پوڙهن دوستن جو لڳ ڀڳ ساڳيو ئي خيال هو پر؛ هڪٻئي کي ڄڻ ته ڇيڙي ويٺا هئا. ٻئي پنهجين پنهنجين نوڪرين تان سٺ سال پورا ڪري رٽائر ٿيا هئا. شام جو روزانو ساڳئي هوٽل جي بينچن تي ويهي حال احوال به ڪندا هئا ته پنهنجي ماضي کي پيا ياد ڪندا هئا. هڪ دوست ڪلرڪي مان ترقي ڪندو آفيس سپرنٽنڊنت جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو هو ۽ ٻيو وري ماستري تان رٽائر ٿيو هو. پاڻ ٻئي جواني کان وٺي دوست هئا. پاڻ ٻئي جوانيءَ ۾ کائڻ پيئڻ کان وٺي شوق شڪار به گڏ ڪندا هئا.
    ماضيءَ کي ياد ڪري ماستر چوندو هو ‘هئين ڪيان ها ته هئين ٿي ها، هونئين ڪيان ها ته هونئين ٿي ها، هتان جو گسي ويم ته گسندو ئي ويم، جئين تر جي گٿي سئو چوٽون کائي واري ڪار ٿي ويئي’ آفيس سپرنٽنڊنٽ صاحب جا به ڪجھ اهڙا ئي خيال هوندا هئا.
    نوجوانڙي کي ڏسي ٿڌڙا ساھ ڀري ئي رهيا هئا ته ماستر سان هڪ نوجوان پيرين پئي مليو ته ماستر فخر مان سپرنٽنڊنٽ تي نظر وڌي جيڪو کيس ڏسي رهيو هو.
    “پٽ مهرباني.....مهرباني......خوش آن بابا! پڻهين کي سلام ڏجانءِ.....!”
    “جي استاد توهان خوش آهيو؟”
    “ها بابا دعا آهي توهان شاگردن جي......بس دعا ڪندا ڪيو....”
    ائين نوجوان ماستر کان موڪلائي هليو ويو ته ماستر سپرنٽنڊنٽ کي فخريا انداز ۾ چيو،
    “ها ته مان ڇا چئي رهيو هوس....؟”
    سپرنٽنڊنٽ جيڪو رٽائر ماستر جي ايتري عزت ڏسي الائي ڇو ماستر تي ڪاوڙجي پيوهو، کيس چوڻ لڳو،
    “ماستر! مان جڏهن پنهنجي آفيس ۾ رائونڊ تي نڪرندو هيس ته آفيس جا سمورا ڪلرڪ مون سان به پيرين پئي ملندا هئا.”
    سپرنٽنڊنٽ پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سموري ڳالھ ماستر اڳيان ڪري رکي پر؛ سندس اڳيان به رٽائير ماستر هو چوڻ لڳو.
    “بس يار الله سائين جو ڪرم آهي پاڻ ڏٺئي رٽائير ٿي ويا آهيون پر شاگرد اڄ به جھڪي ٿا ملن شابس هجين.....”
    لوھ گرم هو ماستر ڌڪ هڻي پنهنجي جاءِ ورتي. ائين ئي هي ٻئي ڳالهين ۾ ويٺا هئا ته پيشگار اچي چين,
    “سائين چانھ پيو صفا ٺري ويئي اٿئو، ٺريل چانھ ٻيهر گرم ڪرائيندئو ته مزو نڪري ويندس”
    پيشگار جي ان جملي تي ٻنهي کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو پيشگار ڄڻ کين ڇٽل ڪارتوس وارومهڻو ڏنو هجي. بس ٻنهي پوڙهن جلدي ۾ پنهنجن پنهنجن ڪپن ۾ هٿ وڌو ۽ رستي تان گذرندڙ ٻئي نوجوانڙي کي ڏسي هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳا.....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو