مڪو مدينو نه ڏسندڙ ساٿيو ... دل نه لاهيو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
مون کي ياد آهي ته منهنجا وڏا... ۽ ڪافي عزيز رڳو هڪ حج ئي نه پر ڪئي حج ۽ عمرو ڪري چڪا آهن سو به انتهائي غربت جي زماني ۾ جڏهن زندگي آزائشن کان ڪافي ڏور هئي...
ان دور ۾ ماڻهون سامونڊي رستي کان سستي سفر تي نڪرندا هئا... ڪي ته قافلن جي صورت ۾ پيدل به مڪي ۽ مديني جا روح پرور منظر ڏسي آيا... پر اڄ جي دور ۾ هڪ مسلمان لاءِ مڪي پاڪ ۽ مديني وڃڻ ڪيترو مشڪل آ.. ڪي ته اهي خواهشون دل ۾ ئي رکي دم ڌڻي حوالي ڪري چڪا...
هتي مان اهڙيون نيڪ خواهشون رکندڙن لاءِ بس دعا ئي ڪري سگهان ٿو ته رب پاڪ سندن ان خواهش کي پورو فرمائي آمين...
سندن ان خواهش کي هلڪي تسڪين ڏيڻ لاءِ هي ويب سائيٽ کڻي آيو آهيان... جنهن ۾ مڪي ۽ مديني پاڪ سميت ڪيترن ئي اسلامي زيارتن جون تصويرون مخصوص فارميٽ ۾ اهڙي طرح سجايل آهن جو ڏسندڙ مائوس کي 360 ڊگري تي آڻيندي منظر ائين ڏسي سگهي جهڙوڪ پاڻ اتي موجود آهي....


jJ3cmbPTP9w6H.png



وڏي محنت سان جوڙيل 3dmekanlar نالي سائيٽ جو ڦيرو ڀريو
 
Back
Top