مون کي ياد آهي ته منهنجا وڏا... ۽ ڪافي عزيز رڳو هڪ حج ئي نه پر ڪئي حج ۽ عمرو ڪري چڪا آهن سو به انتهائي غربت جي زماني ۾ جڏهن زندگي آزائشن کان ڪافي ڏور هئي... ان دور ۾ ماڻهون سامونڊي رستي کان سستي سفر تي نڪرندا هئا... ڪي ته قافلن جي صورت ۾ پيدل به مڪي ۽ مديني جا روح پرور منظر ڏسي آيا... پر اڄ جي دور ۾ هڪ مسلمان لاءِ مڪي پاڪ ۽ مديني وڃڻ ڪيترو مشڪل آ.. ڪي ته اهي خواهشون دل ۾ ئي رکي دم ڌڻي حوالي ڪري چڪا... هتي مان اهڙيون نيڪ خواهشون رکندڙن لاءِ بس دعا ئي ڪري سگهان ٿو ته رب پاڪ سندن ان خواهش کي پورو فرمائي آمين... سندن ان خواهش کي هلڪي تسڪين ڏيڻ لاءِ هي ويب سائيٽ کڻي آيو آهيان... جنهن ۾ مڪي ۽ مديني پاڪ سميت ڪيترن ئي اسلامي زيارتن جون تصويرون مخصوص فارميٽ ۾ اهڙي طرح سجايل آهن جو ڏسندڙ مائوس کي 360 ڊگري تي آڻيندي منظر ائين ڏسي سگهي جهڙوڪ پاڻ اتي موجود آهي.... وڏي محنت سان جوڙيل 3dmekanlar نالي سائيٽ جو ڦيرو ڀريو
توهان هر تصوير کي وڏو ڪري ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪرڻ کان اڳ هڪ exe فائيل ڊائونلوڊ ڪرڻ جو آپشن ڏسي وٺندو... جهڙوڪ غارِ حرا ڊائونلوڊ ڪريو...