دنيا ۾ هر روز ڪيترائي نت نوان مسئلا جنم وٺن ٿا ۽ اسان مان ڪي ماڻهو ترت ئي انهن جو حل ڳوليندا انهن کي ختم ڪندي آيا آهن، هر ملڪ توڙي خطي جو پنهنجو پنهنجو مسئلو آهي ڪٿي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي آهي ته ڪٿي تعليم جي تباهي آهي ته ڪٿي وري وسيلن جي اڻ هوند ۽ڪٿي وري دهشتگردي، فقط دنيا ۾ پاڪستان جو صوبو سنڌ ئي آهي جيڪو وسيلن سان ته مالامال آهي پر جتي اهي سمورا مسئلا هڪ ئي وقت وجود رکن ٿا. سنڌ امن، پيار، محبت، ڀائيچاري ۽ صوفيت جو درس ڏيندڙ ڌرتي آهي جتي ڪيترن ئي مذهبن، ذاتن، قومن ۽ قبيلن جا ماڻهو رهن ٿا، سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مذهبن، ذاتن توڙي قبيلن جا ماڻهو آيا ۽ سنڌ سان زم ٿي ويا، سنڌ سان هڪ جسم ۽ روح جهڙو اڻٽٽ ناتو جوڙِي ڇڏيو، دنيا جي ڪيترن ئي خطن مان ماڻهو واپار ۽ ڪاروبار سانگي سنڌ آيا ۽ هتي جي امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي ڏسي پاڻ کي هن ڌرتي جو حصو بڻائي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته سنڌ اها ڌرتي آهي جيڪا ٻين مذهبن توڙي قومن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ زم ڪرڻ جو جوهر رکي ٿي ۽ سنڌ جا ماڻهو مهمان نوازي جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهن اسان اها قوم آهيون جن ٻاهران آيل ڌارين کي جيءُ ۾ جايون ڏنيو آهن، هتي جي ماڻهن جي ان ئي گڻ جيڪري پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ سنڌ تي ڌارين جي لانڍ لاٿي وئي ۽ اسان جي وڏڙن سنڌ جي پراڻي روايت برقرار رکندي انهن جو کلي دل سان آڌرڀاءُ ڪيو، انهن کي ديڳون پچرائي کارايون، انهن لاءِ اناج ۽ کاڌي پيتي جون ٻوريون ريلوي اسٽيشنس تي پهچايون، انهن کي پنهنجي گھرن ۾ پناه ڏني مطلب ته اسان جي وڏڙن پناهگيرن جي مهمان نوازي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي، انهن کي ڪهڙي خبر ته اڄ اسان جن کي پناه ڏني آهي سڀاڻي اهي ئي اسان جي شهرن جي مالڪي جا دعويدار ٿيندا، اسان کي ئي اسان جي وڏن شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سٽون سٽيندا، هنن کي ڪهڙِي خبر ته هنن جي ثقافت ٽوپي، اجرڪ، يا پٽڪو نه پر بندوق ۽ گولي آهي، اسان جي بي سمجھي چئجي يا انهن جي چالاڪي ۽ مڪاري جو ڪالهه جا بي گھر ۽ ملڪ بدر ٿيل ماڻهو اڄ اسان وٽ اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن، تاريخ ڪا پراڻي ناهي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين هنن سنڌ تي اهي ڪيس ڪيا آهن جن جومثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي، فرق صرف اهو آهي ڪالهه هنن مهاجر قومي موومينٽ جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ڪيون ۽ سنڌي مهاجر فساد پکيڙي سنڌ جي امن، پيار ۽ محبت ڀري ڌرتي تي نفرت جو ٻج ڇٽيو، سنڌي مائرن ۽ ڀينرن کي ڳڀا ڳڀا ٿيل ٻوري بند لاشن جي طحفا ڏنا ۽ اڄ وري اها نسلي دهشتگرد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جلسا ڪري الڳ صوبي جو مطالبو ٿا ڪن، نه فقط ايترو پر اهي ڪراچي جي رستن تي ان مطالبي لاءِ مارچ ڪن ٿا ۽ اسان جا حڪمران انهن کي جوس پياري انهن جو آڌرڀاءُ ٿا ڪن ۽ وري جڏهن سنڌ ڌرتي جا اصل وارث پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ڪراچي ۾ محبت سنڌ ريلي ٿا ڪڍن ته انهن کي جوسن جي بدران گوليو ٿيون هنيون وڃن ۽ اسان جا حڪمران وري ان ريلي جي رستا روڪ ٿا ڪن مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ٿي واڙ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾ محبت سنڌ ريلي لياري مان ايازلطيف پليجو ۽ ازير جان بلوچ جي اڳواڻي ۾ نڪتي هئي جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ۽ بلوچ شامل هئا، ريلي جو مقصد سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار هو ريلي جي آخري منزل ڪراچي پريس ڪلب هئي، ريلي جڏهن لي مارڪيٽ وٽ پهتي ته هٿيار بند دهشتگردن ريلي تي گلين ۽فليٽن مان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، هٿيار بند ڪيتري ئي دير ريلي تي گوليون وسائيندار هيا ان فائرنگ ۾ غزالا بطول صديقي، سروربلوچ،اعجاز بلوچ، شبير بليدي ۽ ستار انڙ سميت 14 ڪارڪن شهيد ٿيا ۽ 37 زخمي ٿيا، چاهي12 مئي 2007 هجي يا 9 اپريل يا وري 22 مئي 2012 سنڌ پوليس هميشه تماشائين وارو ڪم سرانجام ڏنو آهي هڪ ته ريلي کي سيڪيورٽي ڏني ئي نه وئي هئي ۽ ٻيو جيڪي نالي ماتر اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا انهن کي به جوابي ڪاروائي کان روڪيو ويو هو، مطلب ته فل پلان سان ريلي کي نشانو بڻايو ويو هو، اها 12 مئي به گھڻي پراڻي ڳالهه ناهي جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪراچي ۾ اچڻو هو ۽ ڪراچي جا رستا هڪ رات اڳ ئي هڪ دهشتگرد تنظيم پاران سيل ڪيا ويا هئا پوليس کان سمورا هٿيارکسي دهشتگردن جي حوالي ڪيا ويا هئا پوليس کي سيڪيورٽي جي لاءِ بانس واري لٺ ڏني وئي ۽ خلق خدمت فائونڊيشن جي ايمبولينس ۾ هٿيارن کي هڪ هنڌان ٻي هنڌ منتقل ڪيو پي ويو، ٻئي ڏينهن جڏهن افتخار چوڌري جي آجيان لاءِ مختلف علائقن مان ريليون نڪتيون ته انهن تي حملا ڪيا ويا ۽ اسان جي لٺ بردار پوليس اتي به تماشو ئي ڏسندي رهي، شهيد نواز ڪنراڻي سميت ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا، دهشتگردن جي فائرنگ جا فوٽيجز سنڌي توڙي اردو چينلس تي لائيو نشر ٿيا هئا ۽ لائيو نشريات هلائڻ تي دهشتگردن هڪ خانگي ٽي وي چينل تي سڌو حملو ڪري ڏنو جن جا وڊيوز اڄ به ا نٽرنيٽ تي موجود آهن، اڄ تائين انهن نسلي دهشتگردن جيڪي به قتل ڪيا آهن انهن جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو آهي، ثبوتن ۽ گواهن جي هوندي ڪو به هڪ دهشتگرد گرفتار ناهي ٿيو ان جو ئي نتيجو آهي جو اڄ ڌرتي ڌڻِي پنهنجن ئي شهرن ۾ ويڳاڻا آهن، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا ماڻهو امن پسند آهن پر جڏهن ارغونن، ترخانن توڙي مدد خانن ۽حملي آورن سنڌ تي حملو ڪيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن هڪ آواز ٿي انهن جو مقابلو ڪيو آهي، اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي ديڳ تپي ضرور دير سان ٿي پر جڏهن تپي ٿي ته جلدي ٿڌي نه ٿي ٿئي.
جڏنهن باب الاسلام سنڌ جو ۽ 7000 سال قبل مسيحي داعي سولائيزڊ سنڌي علم حاصل ڪري ميرٽ تي اچڻ کان ڀڄي، پاڻ انٽرنيشنل سازشن ۾ اچي ، چند مُفت جي ٽڪن ۽ ونگارُن تي هرکجي موالي ڪلچر اپنائي ۽ پنهنجي سنڌيت ۽ مذهبيت وساري ڇڏي ۽ پو ان موالي ڪلچر جي آڙ وٺي ڌارين قومن ۾ سنڌ کي پاڻ اسپيس ڏي جيڪي پو سنڌ تي مُڪمل قابض ٿي وڃن ته ان جو ڏوهاري ڪير؟ نشي ۾ سموري رات ۽ پورو ڏينهن نشا ڪري سُمهڻ يا محنت مزدوري ۽ علم کان جان ڇڏائي سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر تحت ڊگريون ۽ نوڪريون وٺي ۽ باقي علائقن جي ميرٽ سنڌين کي ڏيڻ بجا موالي ڪلچر ۽ دوستي ۽ سوسائٽي جي آڙ ۾ ڌارين ۾ وڪڻڻ، انهن جا ڪوڙا سنڌ جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل رُشوت وٺي ڍاهي ڏيڻ يا ڍهرائي ڏيڻ، سنڌ جي زمينن تي تپيدارن ۽ ڪامورن سان ملي ڪوڙا زميني ڪاغذ ڌارين قومن کي ڏيارڻ ۽ ان رشتي سان ته موالي آهن. انهن سڀني جو آخر ذميوار ڪير؟