محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
شيشي جي دل ،۽ پٿر ميڙين ٿو جھول ۾
غزل
خادم جسڪاڻي
شيشي جي دل ،۽ پٿر ميڙين ٿو جھول ۾،
غزل
خادم جسڪاڻي
شيشي جي دل ،۽ پٿر ميڙين ٿو جھول ۾،
ڪيڏو نه آ تضاد،تُنهنجي فعل و قول ۾.
مُنهجي شهر ۾ ڪيئي آيا بجيٽ پر،
ساڳي شهر جي حالت پئسا ويا بول ۾.
ٻين جي وُجود کي ڀي تسليم ڪر چريا ،
ڪُوڙي انا جي ڪيسين رهندين تون خول ۾.
تنقيد کوکلي ۽ واڪا وڏا ڪرين،؟
ڪهڙو مزو اچئي ٿو ڪنهن جي ٺٺول ۾.
هُو گاج کي ٿا روڪن،خاموش هون اسان؟؟
پاڻي کي پوءِ ڳولجو ڪُڪڙاني سول ۾...
تُنهنجون خزان بهارون،مٽجن ٿيون مُند تي،
مُنهجا ته چار موسم مُنهجي ئي ڍول ۾..
ٿاريليون ڀرڻ پاڻي ،ويون کُوه تان مگر،،
بُک ڀي ڀري هُو آيون،پاڻيءَ سان ڏول ۾..
افسوس آدميءَ لئه تون ڄار ٿو وجھين ؟؟
ماڻهو ته ڦاسندو آ چريا،چند ٻول ۾....
چاهين ٿو تون خبر آ،پر ايترو ته ڏس ؟؟؟؟
خُوبي نظر ڇا آيئي جسڪاڻي رول ۾.....