• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا اڄ شيخ عبدالرحيم گروهڙي جي 1717ع ۾ ڪيل سنڌ لا پيشنگوئي سچ ٿي وئي آهي؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڇا اڄ شيخ عبدالرحيم گروهڙي جي 1717ع ۾ ڪيل سنڌ لا پيشنگوئي سچ ٿي وئي آهي؟
10341630_10203980013321486_745410840262916679_n.jpg

۽ اڄ واقعي اهو دئور سنڌ تي قابض اچي چُڪو آهي ۽ اهي 7000 سالن جا سولائيزڊ ۽ باب الاسلم سنڌ جا رهواسي سنڌي جن پوري عالم ۾ اسلام ڦهلايو اهي سنڌي هاڻ هر اونداهيءَ ۽ بُرائي ۾ ڳڙڪجي 90 سيڪڙو موالي بڻجي ويا آهن ۽ خاص طرح نئين جنريشن ، ڇو جو جتي نظر ڦيرائيندئو ، توهان کي ان جو ڪارڻ به ملي ويندو. ان جو واحد ۽ واحد سبب موالي ڪلچر جو سنڌ ۾ فروغ هو، جيئن باب الاسلام جي ڪليمرس کي ٽوڙي سگهجي جيڪو تقريبن موالي ڪلچر، هر سنڌي چينل( بلخاص اي. اين. جي ۽ ميڪ اپ گروپ)، هر مزدور، گهڻا اديب، شاعر، فنڪار، سنگر ، ڏاهي، سماجڪار، سياستڪار يا هر تنظيم، اداري اپنايو اهي. سنڌ جي روائيول تڏنهن ممڪن ٿيندي جڏنهن ان موالي ڪلچر جي سنڌ مان پڙ پٽبي ۽ اهو ممڪن تڏنهن ٿيندو جو هر تنظيم، ادارو، ادبي سنگتون، سماجي تنظيمون، شاعرن ۽ گلوڪارن ۾ اها همٿ اچي ته هر موالي ڪڍي ڦٽو ڪرڻو آهي، جيسين ڪه هو نشو نٿو ڇڏي. نه ته ان سازش تحت سنڌي غلام تر غلام رهندو، سُستي ڪاهلي، ڪم چوري، ٻٽاڪون، ڦونڊجڻ جڏنهن وٽي تي به نالو نه هُجي، مڪمل سفارشي ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر ۽ گهوسٽ اسڪول ۽ اُستاد تحت ئي وڌندو پر ميرٽ تي نه هوندو. ۽ سال ۾ هڪ ڀيرون انهن کي ثقافت جي نالي نچائي سمجهبو ته اسان جو تمدن، تهّذيب، ثقافت، روايت،مهمانوازي بدستور قائم آهي جيڪو حقيقتن ختم ٿي چُڪو آهي ۽ رُڳو اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو پائڻ سان يا دهلن ۽ شرناين تي نچڻ سان يا ڳوٺ ڳوٺ وڃي موسيقيءَ جون محفلون ۽ حيدرآباد جي فنڪار ڪالوني ۾ وڃي ڳائڻين کي اڳيان ڪرڻ ، انهن جا اسٽيج پروگرام ۽ وڊيو يا ڪيسٽون ٺاهڻ ۾ مدد ڏيڻ سان سنڌ روائيو نه ٿيندي. موالي ڪلچر جو مڪمل خاتمون ۽ پوءِ علم لاءِ جدوجهد ۽ ميرٽ سنڌ پئدا ڪرڻ ئي سنڌ ۽ سنڌيت جو ضامن آهي.
 
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!

سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!

الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سـنڌ ۽ سـنڌ وارن جي ٻولي......!!!

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ.......

منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف سنڌ آهي
(سائين جي ايم سيد)
 
مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح [ 1739 – 1787 ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
هن برگزيدي مجتهد، عالم، صاحبِ شريعت ۽ شاعر، مخدوم عبدالرحيم ولد سعدالله مڱريو رح جي ولادت 22 ذوالقعد 1152هه مطابق 3 جولاءِ 1739 تي ڳوٺ گروهڙ، تعلقي ساماري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي آهي. ابتدائي تعليم گروهڙ جي اُترين طرف ڳوٺ چوٽيارين مان آخوند نور محمد مبين بن رد کان ورتائين. پاڻ ڄمنديئي ڄام هو. خداوند کيس ذهين ۽ عقل ۾ اڪابر بڻايو هو؛ جنهن ڪري ذڪائت سببان ننڍڙي ڄمار ۾ ئي وڏا وڏا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا هئائين. ايتري تائين جو بحث مباحثي ۾ به ساڻس ڪو برميچي نه ٿي سگهيو.
ميان عبدالرحيم صاحب جيتوڻيڪ ظاهري علم جا تمام ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، مگر سندس دلي رجحان باطني فيض حاصل ڪرڻ ڏانهن هو. انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪنهن روحاني رهبر جي تلاش ۾ رڌل رهيو؛ جنهن ڪري شاه سيد عنايت صوفي (1655ع – 1718ع) جي درگاه تان، خليفي ميان ابن سمي کان هدايت مليس، ته ”اوهان پنهنجي وڌيڪ عقده ڪشائيءَ لاءِ لواريءَ جي درگاه تي وڃو، ته بهتر آهي!“
مخدوم گروهڙي صاحب، جيئن ته پاڻ هڪ عالم ۽ عامل شخص هو؛ وقت جي پيرن فقيرن ۽ ساداتن تي اک به نه ٻڏندي هيس؛ ايتري تائين جو لواري شريف جي بزرگ، سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان رح (1713ع – 1774ع) جهڙن مڃيل بزرگن ۽ اهل الله صوفي درويش جي ڪاڻ به ڪين پيئي ڪڍيائين. حتيٰ ڪه مٿن ٽوڪون، ٺٺوليون ۽ خوب چٿرون به ڪندو آيو. بالاخر سندس مرتبي جو اعتراف ڪندي، وڃي معتقد بڻيو. پوءِ ته ڪامل مرشد جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ حقيت جون روشن راهون ڏسندي، وڏي واڪي چيائين، ته مون جهڙو عالم، فاضل، فقيہ مؤرخ، مفتي ۽ محدث ملڪن ۾ ڇڊو لڀندو، مگر جڏهن کان خواجه صاحب جن جي دست بيعت ڪئي اٿم، تڏهن کان سڀ ويڇا وسري ويم. بس، آءٌ ته پاڻ کي مرشد آڏو اهڙو ته هچارو سمجهندو آهيان، جهڙو جاهل، فاضل اڳيان!“ وقت جي حاڪم ميان سرفرا ڪلهوڙي، ڪن شرارتي ملن جي چرچ تي، مخدوم صاحب جي خلاف شرعي مناظرو به ڪرايو هو ؛ جنهن ۾ مخدوم صاحب تمام ملن کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. پوءِ ته حاضرين سندس ذهانت ڏسي، رفو چڪر ٿي ويا. هوڏانهن ڪلهوڙن حاڪمن کي پاراتو ڏيندي، پاڙان ئي پٽي ڇڏيون.
مخدوم صاحٻ دين جي دشمنن سان مقابلي کي وڏي اهميت ڏيندو هو. کيس معلوم ٿيو، ته هتان (ڳوٺ) کان سٺ ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏو بت خانو ”مهاڏيو جي مڙهي“ آهي؛ جنهن ۾ هر قسم جون برايون ۽ بڇڙايون ٿي رهيون آهن – ڪيئن به ڪري کيس تباه ڪجي. اها ڳالهه سندس اندر ۾ ڪنڊي جيان چپي رهي هئي. مگر وٽس ايترا ماڻهو ڪونه هئا، حالانڪ سندس مرشد به کيس روڪيو هو، ته ”مڙهيءَ جا محافظ گهڻا آهن ۽ تون بي ثمر آهين – بهتر آهي، ته بس ڪر!“ تنهن تي پاڻ وراڻيءَ ۾ چيائين، ته:
”جي هوءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسانجي،
پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسانجي.“
حالانڪ مخدوم صاحب ڀليءَ ڀت ڄاتو به ٿي، ته مقابلو بالڪل سخت آهي، مگر خدا تي ڀروسو ڀانئين، مٿس ڪاهي ويو. ڪامل ڪوريءَ جي رهبريءَ سان رستي جو سونهون ٿيون. بالاخر سخت مقابلي جي ضد ۾ اچي ”جهاد في سبيل الله“ ۾ سر ڏيندي، فتح سان گڏ چاليهن ورهين جي نو عمر ۾ جام- شهادت جو مرتبو ماڻيائين. هي واقعو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي چٽا ڀيٽيءَ واري دور دوران غالباً (1192هه = 1878ع) ۾ ٿيو هو. سندس آخرين آرام گاه ”گروهڙ“ بڻيو.
مخدوم صاحب شريعت توڙي طريقت جي سلسلي ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن مان گهڻا مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ وقت لڏ پلاڻ ۾ ضايع ٿي ويا. باقي سندس محفوظ ڪتاب ”فتح الفصل“، ”شرح ابات سنڌي“، ”مڪتوبات“ ۽ ”رساله گل نما“ چيا وڃن ٿا. سنڌي زبان ۾ سندس ڪافي ڪلام به آهي، جيڪو بيتن جي صورت ۾ تربيت ڏنل آهي. پاڻ ”الف اشباع“ جي نظم ۾ ديني ڪتاب به لکيائين. ازانسواءِ قرآن پاڪ جي ڪيترين سورتن جو سنڌي زبان ۾ پڻ ترجمو ۽ تفسير به لکيائين سندس سنڌي ڪلام جا هن وقت تائين صرف چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جيڪي نواب ڪانڀو خان (ليٿو ۾ 1904ع)، مولوي عبدالرحيم مگسي (ليٿو ۾ 1931ع)، علي نواز حاجن خان جتوئي (ٽائيپ ۾ 1956ع) ۽ شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو صاحب (مصري ٽائيپ، 1956ع) “ پڌرا ڪيا آهن. هيٺ مخدوم صاحب جي ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-
ڪي اگهاڙا ئي ڍڪيا، ڪي ڍڪيا اگهاڙا؛
ڪي پيادا ئي پاتشاه، ڪي ڏوليءَ ۾ ڏکيا؛
ڪي سدا ڪسب قوت ۾، پوڄت پيٽ نه آه؛
ڪنين دائم ديڳ چڙهي، ڪسب ڪل نه ڪا؛
ڪي ستائي سرفراز ٿيا، ڪي روندائي رهيا؛
ڪا ڪتي ۽ ڪين وڻي، ڪي ستيائي سنڀاءِ؛
ڇڏيو اٽڪل عقل جي، ڪوزا قياسا؛
”ان الحڪم الا لله: همہ هٿ خدا؛
سبب جن سنڍ وريا، سي اڃان اوراهان.
مخدوم صاحب جا سنڌي ابيات مولوي ابوالحسن ۽ مخدوم محم هاشم ٺٽوي رح جن جي تنبع، تحرير، تسلسل ۽ روانيءَ جي نون رنگن ۽ ڍنگن سان سرشار نظر اچن ٿا؛ جن مان تصوف جي گونا گون گهراين جو پتو پوي ٿو.
(1)– سنسڪرت زبان ۾ ”مڱر“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”باه“ روايتن پٽاندڙ معلوم ٿيو آھي ته مڱريان“، مڱر راءُ جي اولاد مان آهن [ڪلام گروهڙي – شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1956ع، ص 9].
(2)– ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، مخدوم گروهڙي رح جي ولادت ضلعي خيرپور رياست جو ڳوٺ ”راڻيپور“ ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحقيق دوران ڳوٺ ”واڙ“، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ لکيو آهي (والله اعلم باالصواب).
(1)– حالانڪ سندس همعصر عالمن جون جاري ڪيل ديني فتوائون ۽ تحريرون وغيره به سندس صحيح کان سواءِ نامڪمل ڄاتيون پئي ويون پاڻ سخت طبيعت وري اهڙو هو، جو شريعت جي حد اورانگهڻ ڪنهن کي به نه بخشائين.
(1)– هي مناظرو خداآباد (دادو) ۾، گهوٽڪيءَ جي سيد جمال شاه جي منصفيءَ ۾ ٿيو هو، جيڪو پوءِ مخدوم صاحب جي ظاهري خواه باطني علم، سچائيءَ ۽ دانائيءَ کان خوب متاثر، سندس معتقد بڻيو هو.
(1) هن مڙهيءَ جو بنياد ٻائي مهاڏيو پاٺا نالي مجوسي ڪافر 500هه (1106ع) ۾، ٿرپارڪر ۾ راڻا سر کان پرڀرو، ”هٿونگو“ رکيو هو. وقت بوقت ان جا مهنت بدلبا پئي آيا.
 
NO OTHER WAY OF SINDHI SURVIVAL EXCEPT JUST IMPOSE EMERGENCY TO EDUCATE SINDHI IN RURAL AREAS WITH FREE & COMPULSORY NURSERY, PRIMARY, SECONDARY, HIGH TO TECHNICAL EDUCATION, & FINANCIAL SUPPORT TO TRADE ACCORDINGLY & SCHOLLARS FOR PROFESSIONAL QUALIFICATIONS; ALONG WITH FREE BOOKS, FREE TRANSPORT, EQUAL & COMMON SYLLABUS LIKE PRIVATE EDUCATION & EDUCATION TAX ON FEUDAL, BUREAUCRATS OF AREA TO ACCEPT EXPENDITURES.
ان مرض کي ڳولڻو ۽ ان جو ڪارڻ معلوم ڪرڻو آهي پوءِ علاج ڪري ان ناسوري مرض کي ڦٽو ڪري ٻاهر ڪڍڻو آهي، صرف علاج سان مرض ختم نه ٿيندو پر خاتميت لاءِ ڪِري (پرهيز) ڪرڻي آهي ته دوا ۽ دُعا ڪم ڪندي ۽ شفاياب ٿبو. مرض شناخت ٿي چُڪو آهي ۽ اُهو آهي سنڌي قوم جي رڳن ۾ نشو وجهي کين ڪم چور، ڪاهل سست ۽ پوءِ غلام ابن غلام ڪرڻ. هاڻ گهرجي ته هر تنظيم پنهنجي گرد نظر ڊوڙائي ته اهي نشائي مريض ڪٿي ڪٿي لڪي کاٽ پيا هڻن ۽ سنڌين ۾ موالي ڪلچر فروغ پيا ڪن جن لاِءِ ڪِري (پرهيز) سان دوا ۽ درمل جي ضرورت آهي. جيسين سنڌ قوم ۾ ميرٽ سنڌي (علم پرائيندڙ، ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر کان پري ڀڄندر) پئدا نه ٿيندو سنڌ ۽ سنڌي موٽ نه ڪندي ۽ ان جو واحد علاج موالي ڪلچر جا خاتمون آهي. ان علت جو خاتمو ايندو، ته وڏيرن اڳيان غريب سنڌي هٿ ڪونه ٽنگيندو ، هو هٿ مُفلسيءَ ڪري نه ٿو ٽنگي پر نشي جي علت پوري ڪرڻ لاءِ ٿو ٽنگي، مُفلس کي ته پرواهه ئي ڪانهين ته سندس بُکيا ماءُ پيءُ، ٻار بڄا ڪيئن سندس ڪمائيءَ جي انتظار ۾ ويٺا آهن ، هو ته پنهنجي خاندان لاءِ ٻارڻ پيو ڳولي ۽ وڏيري جي جُتي چٽي چٽي پيرن ۾ پيو ليٿڙيون پائي، هُن جي واڌ لاِءِ ڪوڌا ڪم پيو ڪري نه ڪه پنهنجي ڪٽنب لاِءِ. ڀلا توهان ڪهڙي وڏيري يا ڪاموري کي محنت مزدوري ۽ ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جي ڏٺو آهي ته قوم کي به ٻُڌايو. اهو ته غريب ئي اُن لاءِ ڌاڙا ٿو هڻي، چوريون ٿو ڪري، ڊرگ ٿو کپائي ،ڪوڌا ڪم ٿو ڪري ، ايستائين جو سندس عياشيءَ ۽ فحاشت جو بندوبست به ته سندن ئي اشارن تي شق ڪري پنهنجي ما ڀيڻ کي ڪارو ڪاري ڪري ماري ٿو اه سمجهڻ بنان ته جتي وڏيري کي حصول ۾ ناڪامي ٿي ٿئي هو اهي ڌنڌا ڪرائي ٿو، ڪمائڻ خاطر جرگا ڪرائي ٿو، ڀلا ڪنهن امير، ڀوتار يا وڏيري، جاگيردار جي گهر ۾ ڪارو ڪاري ٿي آهي، حالانڪه گهڻا بُرائي جا مثال اُتي ئي آهن جيڪي ماڊرنيت جا نالي تي درگُذر ٿين ٿا. پوءِ اُها غريب جي غيرت ڪيڏانهن وئي، ڇا نشي ڪري ! ڇا وڏيرو ۽ راشي ڪامورو نه پيو کيس کارائي پياري ۽ نشو واپارائڻ جي ترغيب ڏي. هن کي مليل نوڪرين جي ڪوٽا ڌارين ۾ ڪير پيون وڪڻي، ڪير ڪامورن لاءِ ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائل، شناختي ڪارڊ، ۽ زمينن جا ڪوڙا ڪليم ۽ قبضا پيو ڏياري. پوءِ جي غريب انهن جي ڳڄيان هٿ ٽنگي بنان رزق ڪمائيندو ته غيرت اينديس ۽ غيرت اينديس ته ٻٽاڪون ۽ ڊاڙون ، اجايا بازاري ٽهڪ، پاڻ پڏائڻ بجاءِ ڏهيسر ۽ مُڙس ماڻهون ٿيندو ۽ حلال کائڻ جي ڪوشش ڪندو حلال ملي ته هر بُرائي پوتي رهجي ويندس. پرڪم اُبتو پيو هلي، ائين پيو سمجهجي ته وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ موالي بڻجڻ ضروري آهي، موالين جون محفلون پيون اٽينڊ ڪجن ۽ هن وقت ته سمورو نئون نسل هر تنظيم يا اداري ۾ موالي پڻ ڏي پيو وچي ڇا جاهل ڇا پڙهيل لکيل، پوءِ وڏيرن ، ڪامورن ۽ ڀوتارن مان جان ڪيئن ڇٽندي. ته سنڌ جو فڪر ڪرڻ وارن کي گهرجي ته پنهنجو مُڪمل لاڙو ۽ مشن صرف ۽ صرف سنڌي قوم مان موالي ڪلچر ختم ڪرڻ تي لڳائين ڇو جو هن وقت 90 سيڪڙو اديب، شاعر، ڳائڻو، طبلائي، مڱڻهار۽ ناچو، يا رهبر نشي جي علت ۾ ويڙهيل اهي. ڏسن ته ڳوٺن مان رزق ڪمائڻ جي بهاني ڪراچي ۾ اچي وسندڙ ۽ لڏيل ايندڙ سنڌي ڪهڙن ڪرتن ۾ پيا آهن. اوتارن، ادارن، يا بُزرگن ، ولين ۽ درويشن ڀرسان نشن جا دُڪان کولي ڪيئن اونڌا پيا آهن. موالي ڀڄايو سنڌ بچايو ئي توهانجو هڪ نعرو ۽ منشور هُئڻ گهرجي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڇا اڄ شيخ عبدالرحيم گروهڙي جي 1717ع ۾ ڪيل سنڌ لا پيشنگوئي سچ ٿي وئي آهي؟
10341630_10203980013321486_745410840262916679_n.jpg

۽ اڄ واقعي اهو دئور سنڌ تي قابض اچي چُڪو آهي ۽ اهي 7000 سالن جا سولائيزڊ ۽ باب الاسلم سنڌ جا رهواسي سنڌي جن پوري عالم ۾ اسلام ڦهلايو اهي سنڌي هاڻ هر اونداهيءَ ۽ بُرائي ۾ ڳڙڪجي 90 سيڪڙو موالي بڻجي ويا آهن ۽ خاص طرح نئين جنريشن ، ڇو جو جتي نظر ڦيرائيندئو ، توهان کي ان جو ڪارڻ به ملي ويندو. ان جو واحد ۽ واحد سبب موالي ڪلچر جو سنڌ ۾ فروغ هو، جيئن باب الاسلام جي ڪليمرس کي ٽوڙي سگهجي جيڪو تقريبن موالي ڪلچر، هر سنڌي چينل( بلخاص اي. اين. جي ۽ ميڪ اپ گروپ)، هر مزدور، گهڻا اديب، شاعر، فنڪار، سنگر ، ڏاهي، سماجڪار، سياستڪار يا هر تنظيم، اداري اپنايو اهي. سنڌ جي روائيول تڏنهن ممڪن ٿيندي جڏنهن ان موالي ڪلچر جي سنڌ مان پڙ پٽبي ۽ اهو ممڪن تڏنهن ٿيندو جو هر تنظيم، ادارو، ادبي سنگتون، سماجي تنظيمون، شاعرن ۽ گلوڪارن ۾ اها همٿ اچي ته هر موالي ڪڍي ڦٽو ڪرڻو آهي، جيسين ڪه هو نشو نٿو ڇڏي. نه ته ان سازش تحت سنڌي غلام تر غلام رهندو، سُستي ڪاهلي، ڪم چوري، ٻٽاڪون، ڦونڊجڻ جڏنهن وٽي تي به نالو نه هُجي، مڪمل سفارشي ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر ۽ گهوسٽ اسڪول ۽ اُستاد تحت ئي وڌندو پر ميرٽ تي نه هوندو. ۽ سال ۾ هڪ ڀيرون انهن کي ثقافت جي نالي نچائي سمجهبو ته اسان جو تمدن، تهّذيب، ثقافت، روايت،مهمانوازي بدستور قائم آهي جيڪو حقيقتن ختم ٿي چُڪو آهي ۽ رُڳو اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو پائڻ سان يا دهلن ۽ شرناين تي نچڻ سان يا ڳوٺ ڳوٺ وڃي موسيقيءَ جون محفلون ۽ حيدرآباد جي فنڪار ڪالوني ۾ وڃي ڳائڻين کي اڳيان ڪرڻ ، انهن جا اسٽيج پروگرام ۽ وڊيو يا ڪيسٽون ٺاهڻ ۾ مدد ڏيڻ سان سنڌ روائيو نه ٿيندي. موالي ڪلچر جو مڪمل خاتمون ۽ پوءِ علم لاءِ جدوجهد ۽ ميرٽ سنڌ پئدا ڪرڻ ئي سنڌ ۽ سنڌيت جو ضامن آهي.
هن ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ جي گنجائش ئي ناهي.
 
Back
Top