69 سال اڳ شهيد ٿيل سورهيه بادشاهه جي ياد

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    69 سال اڳ شهيد ٿيل سورهيه بادشاهه جي ياد
    [​IMG]
    سهيل ميمڻ
    20 مارچ 1943ع واري صبح جو سج سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي هڪ ارڏي ڪردار پير صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي شهادت واري خبر سان اڀريو هو. پوري جدوجهد ۾ کيس گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪرڻ وارين قيد ۽ صعوبتن ۾ اها سورهيه بادشاهه جي آخري گرفتاري هئي، جيڪا 24 آڪٽوبر 1941ع تي ٿي ۽ ان کان پوءِ مارشل لا عدالت ۾ ڪيس هلائي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ حيدرآباد جيل ۾ کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، جنرل رچرڊسن ان ڪورٽ جو پاڻ ئي جج به هو. اها مارشل لا ڪورٽ، سنڌ اسيمبليءَ جي 20 مارچ 1942ع واري ڳجهي اجلاس ۾ پاس ڪيل حر ايڪٽ IV-1942 تحت، سنڌ جي ابتدائي طور تي حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ مارشل لا لڳائڻ واري عمل هيٺ وجود ۾ آئي هئي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اُها مارشل عدالت، جنهن سورهيه بادشاهه تي بغاوت جو ڪيس درج ڪري، حيدرآباد جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اها سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيل قانون سازيءَ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي هئي ۽ سنڌ جا ان وقت جا نالي وارا معتبر سياستدان، ان اجلاس ۾، اهو قانون پاس ڪرڻ ۾ شامل هئا، سواءِ سائين جي ايم سيد جي، جيڪو ان دور ۾ رورل پارٽيءَ جو اڳواڻ هو ۽ ان ڏينهن ان ڳجهي اجلاس ۾ نه صرف شريڪ نه ٿيو، پر اجلاس واري ڏينهن اسيمبلي ۾ ئي نه آيو هو. اها به تاريخي حقيقت آهي ته جنرل رچرڊسن جي مارشل لا عدالت ۾ سولين مئجسٽريٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو. سورهيه بادشاهه جي زندگيءَ جو مختصر جائزو ئي وٺجي ته خبر پوندي ته هو ڄمندي ئي ڄام هو ۽ انقلابيت سندس رڳن ۾ رت جيان وهي رهي هئي. هو صرف 12 سالن جي ڄمار ۾ گادي تي ويٺو هو، گاديءَ تي ويهڻ سان ئي انگريزن سان سندس پهريون ٽڪراءُ، سندن چاچي پير علي گوهر شاهه کي لکيل آفرين نامي کي پرزا پرزا ڪرڻ سان ٿيو. چيائين، اسان جا وڏڙا به ڪيتري قدر ساده مزاج آهن، خدا تعاليٰ کين تمام گهڻي عزت بخشي آهي، پوءِ به هي آفرين نامو موجود آهي؟!

    انگريزن لاءِ نوجوان پير جو اهو عمل خطري جي گهنٽي ۽ سندس سوچ ۽ ذهنيت جي عڪاسي هئي ۽ انگريز سورهيه بادشاهه تي نظر رکڻ لڳا. ان عمل ۾ پير جا اهي مائٽ جيڪي نوجوان پير تي پنهنجو اثر رسوخ رکڻ ۾ ناڪام ويا هئا، سي انگريزن جا ساٿاري بڻيل هئا. سورهيه بادشاهه پاڻ انگريزن جي ”جي حضوري“ ۾ نه اچڻ ڪري پهريون ڀيرو ناجائز هٿيار رکڻ جي ڏوهه جو الزام هڻي، کيس گرفتاري ڪري سکر جي عدالت ۾ ڪيس هلائي 10 سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي پونا جيل موڪليو ويو. اهو به ان عدالت جو ئي فيصلو هو ته پير صاحب کي سنڌ کان پري قيد رکيو وڃي. انگريز پنهنجي انهيءَ دور انديشيءَ ۾ مار کائي ويا، هو پير صاحب کي، پنهنجن ماڻهن کان پري رکڻ جي ڪوشش ۾ کين اهڙين جيلن ۾ قيد ڪندا رهيا، جيڪي اڳ ۾ئي انقلابين جا ڳڙهه هئا. انهن سان ملاقاتون، ڊگهيون ڪچهريون، نوجوان پير جي ذهن ۾ پلجندڙ اڻ چٽي انقلاب کي چٽو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ کيس وطن يا ڪفن، آزاديءَ يا موت جو نعرو ملي ويو. نوجوان پير جيل ۾ جن ڪتابن کي پڙهي انهن تي فوٽ نوٽ لکيا آهن، انهن مان خبر پئي ٿي ته، اهو ئي اُهو دور آهي، جتي سندس انقلابي روپ چٽو ٿيو ۽ انهن ئي فٽ نوٽس مان خبر پوي ٿي ته اهو وطن، جنهن لاءِ هن چيو پئي ته ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“، سو هندستان نه، جتي انگريزن خلاف آزاديءَ جي جنگ هلي رهي هئي، پر سنڌ هو. پونا-موناپور ۽ رتناگري جي جيلن ۾ سورهيه بادشاهه جو سنڌ وطن جي آزادي هڪ ٽارگيٽ طور سامهون آئي ۽ ڍاڪا ۽ راجشاهيءَ جي جيلن واري دور ان عزم ۽ قوت ۾ اضافو ڪيو. ان کان پوءِ پير صاحب کي 1938ع ۾، اٺ سال جيل بعد آزاد ڪيو ويو، پر انگريز اها آزادي به برداشت نه ڪري سگهيا ۽ ستت ئي پير صاحب کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ تحت ٿوري وقت ۾ ئي قيد ڪري، ناگپور جيل اماڻيو ويو. معنيٰ سورهيه بادشاهه 1930ع کان 1940ع تائين پونا، موناپور، رتناگري، ڍاڪا، راجشاهي ۽ ناگپور جي جيلن ۾ ڦوهه جواني گذاري.

    اهو ئي اهو دور هو، جڏهن سنڌ ۾ ويهه هزار چورس ميلن جي علائقي ۾ مارشل لا لڳائي وئي. 30 هزار لشڪر، سنڌي حر باغين کي ڪچلڻ لاءِ عمل ۾ مصروف رهيو. پير جي گهر ۽ بنگلي تي بمباري ڪئي وئي. پير صاحب جي سزا جو مدو پورو ٿيڻ ۾ اڃان ڏيڍ سال موجود ئي هو ته، انگريزن اڳ ۾ ئي پير صاحب ۽ سندن جماعت جا خيال معلوم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. حرن کي پوليس ٿاڻن تي حاضريون ڀرڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. هر ٻڍي توڙي بالغ جوان جو نالو ٿاڻي جي رڪارڊ ۾ رکيو ويو. اها انگريزن جي سورهيه بادشاهه پاران ڪنهن به انقلاب جي صورت ۾ منهن ڏيڻ جي اڳواٽ صف بندي هئي. سورهيه بادشاهه جيل مان آزاد ٿيو ته، هن پنهنجن مائٽن لاءِ جيڪي اعلان ڪيا، اهي هر ڪنهن لاءِ حيران ڪندڙ ۽ نوجوان پير جي ذهني اوسر جا شاهد هئا، جيڪا اوسر هن جيلن ۾ انقلابين سان گڏ رهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ حاصل ڪئي هئي. هر قسم جي نشي تي پابندي، عورتون عاج جا چوڙا نه پائين، جهڙا حڪم ڏاڍا سخت هئا. انهيءَ دور ۾ مسجد منزل گاهه واري واقعي سبب هندو مسلم فساد ٿيا ته پير صاحب انهن مذهبي فسادن جو اثر پنهنجي علائقن ۾ اچڻ نه ڏنو ۽ هندو-مسلم سک سان رهيا. هندن جڏهن پير صاحب پاران امن قائم رکڻ ۽ سندن حفاظت سان رهڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ بابت احوال سکر جي ڪمشنر کي ڏنو ته، ڪمشنر، پير صاحب ڏانهن پيغام موڪليو ته، امن امان قائم رکرائڻ جي بدلي ۾ انگريز سرڪار توهان کي هڪ ترار ۽ هڪ بندوق تحفي طور ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ توهان کي خطاب به ڏنو ويندو. اهڙي دور ۾ جڏهن انگريزن جا، سر، خان صاحب، خان بهادر، جا خطاب حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا وڏيرا جتيون گسائيندا هئا. سورهيه بادشاهه اهڙي پيشڪش جي جواب ۾ ڪمشنر سکر کي چوائي موڪليو ته، ”توهان جي آڇ جي مهرباني، اسان وٽ هٿيار ڪافي تعداد ۾ موجود آهن ۽ خطاب ”پير پاڳارو“ ئي ڪافي آهي.“

    اها آخري ڪوشش هئي، جيڪا انگريزن پير صاحب جو رجحان جاچڻ لاءِ ڪئي، پوءِ جنگ جا طبل وڳا ۽ سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ سورهيه بادشاهه جي قيادت ۾ حر اهڙا وڙهيا، جو برٽش لائبريري لنڊن جي انڊيا آفيس رڪارڊ ۾ ليمبرڪ جا اٺ هزار صفحا ۽ 7 هزار صفحن تي مشتمل رڪارڊ جو هڪ هڪ صفحو انهن بهادر، حريت پسند، آزادي پسند سنڌي حُرن جي بهادريءَ جي ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي ۽ هنن جي ليڊر صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي بهادريءَ جا رڪارڊ به برٽش لائبريري جي ئي ان اڳ ۾ ڳجهي ۽ هاڻي ظاهر ڪيل رڪارڊ ۾ موجود آهن. 34 سالن جي جوانيءَ ۾ مال ملڪيت، اولاد توڙي پاڳاري واري بادشاهي هجڻ باوجود هن جي ترجيح سنڌ رهي. کين صبح جو ڦاهي اچڻي هئي، پر رات جو جيل جي عملدار کي شطرنج ۾ شڪست ڏئي ڇڏيائين.

    اصل ۾ انگريز سورهيه بادشاهه ۽ سندس حر انقلابين کان ان لاءِ وڌيڪ خوفزده هئا، جو ان دور ۾ سڄي دنيا ۾ انگريز اچي سوڙها ٿيا هئا. ٻي مهاڀاري جنگ پنهنجي عروج تي هئي، جرمني جي هٽلر ۽ جاپان جي ٽوجو، انگريزن کي ٽوٽا چپائي ڇڏيا هئا. جنرل روميل اچي سوئيز واهه کي پهتو هو ۽ جاپاني سپاهي اچي ڪلڪتي جي چائنٺ تي بيٺا هئا، ان ڪري انگريز ان صورتحال ۾، پنهنجي علائقن ۾ اندروني انقلابن کان ڪافي ڊنل هو.

    20 مارچ 1943ع جي نڀاڳي پرهه ڦٽي، جنهن وقت سنڌ کان سندس 34 سالن جو مڙس ماڻهو پڻ ڦريو ويو، ان کي اڄ 69 سال ٿي چڪا آهن. ساڳئي اسيمبلي آهي، لڳ ڀڳ انهن ئي اڪابرن جو اولاد اسيمبليءَ ۾ موجود آهي، جن سنڌ ۾ مارشل لا هڻڻ وارو گناهه ڪيو هو، سنڌ جا درد ۽ سور به ساڳيا، بلڪه اڳ کان گهڻا آهن، پر عوام جي اڪثريت، پنهنجن اهڙن مڙس ماڻهن، مٿيرن کي ائين وساري ڇڏيو آهي، جيئن اهي هئا ئي نه. نه ته اهي دنيا کان اها گهر نه ڪن ها، ته برٽش سرڪار تي زور وجهي سورهيه بادشاهه جي مڙهه جي واپسي ممڪن بڻائي وڃي، جيڪو اڄ تائين لاپته آهي!


    روزاني ڪاوش، اڱارو 20 مارچ 2012ع memonsuhail@hotmail.com

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو