• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوين سارون سوين الڪا

نظم

سوين سارون سوين الڪا سدائين سوز ۾ ڇو سڪ
ائين بي چين بره ڪندو اسان کي ڪين هئي ڪا پڪ
رکي ياري ڪيئن قابو ائين جيئن قيد ۾ رهجي
ڏسي ٿو ڪين ٻڌي ٿو ڪين پنهنجي هي هلائي هڪ
ائين جيئن چنڊ تارن ۾ رڳو ڏسجي منظر هي
ائين محبوب موچارو وڻي ٿو يار هي هرهڪ
اسان ڀي روز هن ساجن کي پنهنجي ڳاله اورڻ لئه
ڪيا سين ڪئي حيلا پر ٻڌائي ڪين سگهياسي ڪک
خبر هن کي به آهي دل چري منهنجي جي چاهت جي
پڪائي ۾ پيو آهي اسان کي تڙپ ۽ ايڏي آ ڇک......

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top