سنڌي ’’تعليمي ايمرجنسي‘‘ لاڳو ڪئي وڃي!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌي ’’تعليمي ايمرجنسي‘‘ لاڳو ڪئي وڃي!
    [​IMG]

    لياقت عزيز
    ڪنهن به قوم جي ذهني اوسر ۽ قومي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار اهم هوندو آهي. تعليمي ادارا قومن جي اُسرڻ ۽ نسرڻ ۾ اهميت رکن ٿا، تعليمي ادارن ۾ روشني جنم وٺي ۽ اونداهي ختم ٿئي ٿي، تعليمي ادارا هر قوم جو قومي مورچو هوندا آهن، تعليمي ادارن ۾ انقلاب پلجن ٿا، پر منهنجي ديس جي موجوده تعليمي ادارن جي صورتحال ڏسي نيڻن ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، دل ۾ وسوسا اُڀرن ٿا ۽ هڪ سوال ڪر کڻي اُڀري ٿو ته منهنجي وطن جو ڇا ٿيندو؟ تعليمي ادارن جي موجوده صورتحال جي ذميوار رياست، حڪومت، والدين، شاگرد، ڀوتار، سجاڳ سماجي ڪارڪن، قوم پرست ۽ وطن دوست سياسي پارٽيون آهن. موجوده صورتحال مان ڪيئن پنهنجا پلاند آجا ڪريون!؟ ڪجهه تجويزون، سنڌ واسين آڏو عرض رکان ٿو، جيڪڏهن انهن کي هينئين سان هنڊايو ويو ته شايد سنڌ جا تعليمي ادارا بهتر بڻجي سگهن ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.

    1. سڀني سياسي پارٽين کي تعليمي صورتحال جي جائزي کي پنهنجي قومي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اهي حڪمرانن توڙي اپوزيشن تي اهو دٻاءُ وجهن ته ”سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي“ نافذ ڪئي وڃي. سرڪاري ملازم پنهنجن ٻارن کي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهائين.

    2. تعليم جي شعبي تي گهٽ ۾ گهٽ GDP جو 6 سيڪڙو رقم مخصوص ڪئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ طرفان تعليم کي غير پيداواري شعبيبدران پيداواري شعبي جو درجو ڏنو وڃي.

    3. تعليمي پاليسيءَ جو بنياد سيڪيولر ۽ سائنٽفڪ هئڻ گهرجي. اها تعليمي پاليسي، تعليمي ماهرن، ورڪنگ استادن جي سفارش جي مطابق جوڙي وڃي.

    4. آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪجهه کاتا صوبن حوالي ڪيا ويا آهن پر تعليم سان لاڳاپيل ڪجهه شعبا مرڪزي حڪومت جي ماتحت آهن، جن ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، لٽريسي ڪميشن، نيشنل ووڪيشنل، ٽيڪنيڪل ڪميشن، شامل آهن، اهي به صوبن جي حوالي ڪيا وڃن، انهن جي بجيٽ به صوبن کي ڏني وڃي. NFC ايوارڊ جو ڪجهه حصو تعليم لاءِ ڏنو وڃي.

    5. صوبائي تعليم کاتو ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي، هڪ هائير ايجوڪيشن ۽ ٻيو اسڪولز ايجوڪيشن. انهن جا وزير توڙي سيڪريٽري ڌار ڌار مقرر ڪيا وڃن ته جيئن 1976ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ هائير ايجوڪيشن جو وزير پير آفتاب شاهه جيلاني هو ۽ اسڪول ايجوڪيشن جو وزير مير ممتاز علي خان ٽالپر هو. 6. سيڪريٽري تعليم جي عهدي تي ڪامورن بدران تعليمي ماهر مقرر ڪيا وڃن.7. استاد صرف ۽ صرف ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا وڃن، هر قسم جي ڪوٽا ختم ڪئي وڃي. استادن جي تربيت جي ادارن کي فعال بنايو وڃي. ڪاليجي استادن جي تربيت لاءِ ماضيءَ وانگر قائم ٿيل ڪاليج ايجوڪيشن ٽريننگ اڪيڊمي کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي. پرنسپال توڙي استادن کي انتظامي ۽ مالي تربيت ڏني وڃي. ڪاليجن لاءِ قائم ٿيل ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز جي آفيس کي ختم ڪيو وڃي، ان بدران ريجنل ڊائريڪٽوريٽس ۾ ايماندار، اهل استاد 20 گريڊ جا پروفيسر مقرر ڪيا وڃن.

    8. ڪاليجن ۾ مالي معاملن لاءِ پبلڪ اسڪولن ۽ آرمي پبلڪ اسڪولن وانگر اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪيا وڃن.9. هائير سيڪنڊري اسڪولن کي ڪاليجن ۾ ضم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي صرف ڪاپي ڪلچر جا مرڪز بنيل آهن، جن ۾ سائنس جا استاد ناهن ۽ نه ئي ليبارٽريون آهن. هائير سيڪنڊري اسڪول استادن (سبجيڪٽ اسپيشلسٽس) کي ڪاليج ڪيڊر ۾ ضم ڪيو وڃي.10. انگريزيءَ کي ٽئين پرائمري درجي کان لازمي قرار ڏنو وڃي. تعليمي ادارن ۾ Medium of instruction سان انگريزيءَ سان گڏو گڏ مادري زبان ۾ مضمون پڙهايا وڃن، جيئن وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ صرف اردو زبان ۾ M.A, M.Sc, M.Com پڙهائي وڃي ٿي. ساڳيو طريقيڪار عثمانيه يونيورسٽي حيدرآباد دکن (ڀارت) ۾ آهي.

    11. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع تحت سنڌي زبان کي لازمي قرار ڏنو وڃي، جيڪو پرائيويٽ اسڪول اردو، سنڌي زبان نٿو پڙهائي، ان جي رجسٽريشن منسوخ ڪئي وڃي. پرائيويٽ ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽس مان بدعنوان، بدڪردار عملدار هٽائي، ميرٽ جي بنياد تي عملدار مقرر ڪيا وڃن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ نافذ ڪرائڻ لاءِ ڪارائتا قدم کڻن. پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ آرڊيننس 2001ع ۾ نافذ ڪيو ويو هو ته پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن کي هر سال 5 سيڪڙو داخلا في وڌائڻ جي اجازت هوندي، ان کي ختم ڪيو وڃي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ حڪومت سنڌ جو مرتب ڪيل نصاب پڙهايو وڃي. 12. پبلڪ- پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان رفته رفته پبلڪ سيڪٽر ۾ قائم ٿيل تعليمي ادارا سرمائيدارن ۽ سيٺين جي حوالي ڪيا ويندا ۽ تعليم تجارت بنجي ويندي. پيڙيل طبقي جي ٻارن لاءِ تعليم جا دروازا بند ٿي ويندا. Adoption يعني ڪنهن تعليمي ادارن کي با اثر ماڻهن کي ڏيڻ ڪرپشن جو هڪ قسم آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پرائيويٽ تعليمي ادارا ان ڪري قومي ملڪيت ۾ ورتا هئا ته جيئن استادن، ٻارن کي سرمائيدارانه پنجوڙ کان نجات ڏياري سگهجي. موجوده پ پ پ نه ڄاڻ ڇو پنهنجي شهيد قائد جي اصولن تان هٽي IMF، ورلڊ بئنڪ وغيره جا شرط لاڳو ڪري تعليمي ادارن کي خانگائڻ گهري ٿي.

    13. مانيٽرنگ سسٽم کي موثر ۽ منظم بنايو وڃي. ان لاءِ 1، تعليمي ڊائري سسٽم رائج ڪيو وڃي. 2، بائيو ميٽرڪ سسٽم رائج ڪيو وڃي. مانيٽرنگ ڪميٽين ۾ ڊويزنل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا نمائندا، والدين، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن، باشعور انسان هجڻ گهرجن. اهي ڪميٽيون تعلقي سطح کان وٺي ڊويزنل سطح تائين هجن، انهن ۾ پ ٽ الف، گسٽا ۽ سپلا جي نمائندن کي پڻ نمائندگي ڏني وڃي. 14. جزا ۽ سزا جو عمل تعليم کاتي ۾ رائج ڪيو وڃي، جيئن ماضيءَ ۾ وزير اعظم شوڪت عزيز جي دور ۾ Teacher’s Day ملهايو ويندو هو ۽ بهترين استاد کي سرڪاري سطح تي ايوارد پڻ ڏنو ويندو هو. ڏيڍ لک پرائمري استادن ۾ وڌ ۾ وڌ ويهه هزار استاد گهر ويٺي پگهار کڻندا هوندا، جيڪي MNA۽ MPA ڪوٽا تحت ڀرتي ڪيا ويا هئا، انهن کي شوڪاز جاري ڪري ڊيوٽيءَ جو پابند بنايو وڃي.

    15. ماضيءَ ۾ پنجن سالن جي دور ۾ آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ، يو ايس ايڊ پروگرام، ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جيڪي اربين رپيا سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ مليا هئا، جيڪي ماضيءَ جي وزير تعليم، اڳوڻن سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽوريٽس ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن ملي ڀڳت سان تعليم تي خرچ ٿيڻ بدران سندن ذاتي اڪائونٽس ۾ هليا ويا، ان جي تحقيقات نيب ذريعي ڪرائي وڃي ۽ ان جي خلاف سخت قدم کنيو وڃي.

    16. ڀوتارن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي قبضي ۾ تعليمي ادارن جون بلڊنگون ۽ هاسٽلون آهن، اهي خالي ڪرايون وڃن.17. ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمسٽر سسٽم شروع ڪيو وڃي. في الحال عارضي پروگرام هن ريت جوڙيو وڃي ته ڊويزنل سطح تي ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جنهن جو سربراهه ڊويزنل ڪمشنر هئڻ گهرجي. امتحان کان اڳ هر ڊويزنل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، تعليمي بورڊ ۽ يونيورسٽين جي نمائندن، گسٽا، سپلا جي نمائندن ۽ ڊائريڪٽوريٽس ۽ پرنسپالن جي نمائندن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي. هي سسٽم سابق چيف سيڪريٽري سنڌ ڪي بي رند شروع ڪرايو هو.

    18. پنجهٺ سالن کان وڌيڪ عمر وارن کي تعليمي ادارن مان فوري طور نيڪالي ڏني وڃي. بورڊن ۽ يونيورسٽين ۾ اهل ڪاليج استاد ۽ حاضر سروس يونيورسٽي استاد بطور چيئرمين ۽ وائيس چانسلر مقرر ڪيا وڃن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سابق چيف جسٽس محمد افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ هڪ بينچ اهڙوُ فيصلو ڏيئي چڪي آهي.

    روزاني ڪاوش، آچر 23 فيبروري 2014ع
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    لياقت عزيز صاحب اوهان جي مضمون کي غور سان پڙهيوسين اوهان زبردست لکيو سائين اهي سڀ الفاظ موتي داڻا آهن.مگر ان ۾ استاد تي وڏيري جي حڪمراني آهي.استاد جي بدلي کان وٺي اي.ڊي.اوتائين انهن جي حڪمراني هلي ٿي.اسڪول انهن جا اوطاق بڻيل آهن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سليمان صاحب قرب ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو