• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرڪاش سيوڪُ آهُوجَا ... پرڪاش سيوڪُ آهُوجَا.

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
وڃ يارَ وقت نه وڃاءِ
پرڪاش سيوڪُ آهُوجَا.


وڃ يارَ وقت نه وڃاءِ
هي به ڪو وقت آ،
تون سان ڳالهيون ڪرڻ جو!؟

محبوب منهنجو سامهون آ،
تنهنجو اهوئي وقت اچڻ جو،
وڃ يارَ وقت نه وڃاءِ!

تون سان هاڻي ڪا ڳالهه نه ٿيندي،
مرضي پنهنجي نه هلاءِ!

تون ڇا ڄاڻي سچي محبت،
پاڻ کي نه لڄاءِ،
وڃ يارَ وقت نه وڃاءِ !

مَنُ خراب نه ڪري منهنجو پنهنجو،
ننڊ تنهنجي ته ڦٽل آ،
منهنجي ساري راتِ نه وڃاءِ!

ملڻ ڏي مونکي محبوب سان،
جلدي ڊُڪَ پاء،جلدي ڊوڪ پاءِ،
وڃ يارَ وقت نه وڃاءِ!
 
Back
Top