مان اعتراف ٿو ڪريان ته 1972 ۾ لاڙڪاڻو ڇڏڻ ۽ ڀٽي کان لاتعلق رهڻ منهنجي غلطي هُئي، اها غلطي اڄ ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي ته اسان ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو جهڙوڪ سبط حسن ۽ فيض احمد فيض وغيره ان لحاظ کان پ پ جي مدد ڪرڻ پيا چاهيون ڇاڪاڻ ته پ پ وٽ ” ماني، ڪپڙي ۽ اجهي “ جو سوشلزم وارو نعرو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ ساڄي ڌر ۽ بنياد پرست پارٽيون هيون. لاڙڪاڻي واسي هئڻ ڪري ڀٽي صاحب سان منهنجا ذاتي طور به لاڳاپا هيا، ڪجهه وقت لاءِ مان سندس ترجمان به هيس، صحافين ۾ هن جو مون مٿان وڏو اعتماد هو. پر اڳتي هلي ڀٽي صاحب جڏهن ڪجهه غير جمهوري فيصلا ڪيا، خاص ڪري عبدالحميد جتوئي جي گرفتاري تي مون کي سخت اعتراض هو، مون سندس ڪيس کي اخباري سطح تي به ڪوريج ڏياري، تنهن وقت ذريعن مون کي ٻڌايو ته پ پ وارا تو مٿان ڪاوڙيل آهن ۽ تو خلاف ڪا ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، مان به جذباتي ٿي استعيفيٰ ڏئي لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچيءَ هليو آيس، انهن ڏينهن ۾ ٻوليءَ جا فساد به هلي رهيا هيا سو عام تاثر اهو هو ته شايد مان لساني فسادن سبب لاڙڪاڻو ڇڏي آيو آهيان، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پ پ جي غير جمهوري روٽي سبب اسان ان کي ڇڏيو. جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته اسان کي ڪيئن به ڪري پ پ سان رهڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته اسان جي پ پ کي ڇڏڻ سان پ پ تي ساڄي ڌر جا ماڻهو حاوي ٿي ويا
بلڪل حقيقت آهي ۽ اهڙن ترقي پسند ماڻهن جي الڳ ٿيڻ سبب ئي ساڄي ڌر ۽ وڏيرن جو غلبو ٿيندو ويو .... هي ماڻهو هيا ته انهن جي مخالفت سبب پ پ پ فيصلا ڪرڻ وقت محتاط رهندي هئي.