مان اعتراف ٿو ڪريان ته..... مسلم شميم

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته 1972 ۾ لاڙڪاڻو ڇڏڻ ۽ ڀٽي کان لاتعلق رهڻ منهنجي غلطي هُئي، اها غلطي اڄ ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي ته اسان ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو جهڙوڪ سبط حسن ۽ فيض احمد فيض وغيره ان لحاظ کان پ پ جي مدد ڪرڻ پيا چاهيون ڇاڪاڻ ته پ پ وٽ ” ماني، ڪپڙي ۽ اجهي “ جو سوشلزم وارو نعرو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ ساڄي ڌر ۽ بنياد پرست پارٽيون هيون.

    لاڙڪاڻي واسي هئڻ ڪري ڀٽي صاحب سان منهنجا ذاتي طور به لاڳاپا هيا، ڪجهه وقت لاءِ مان سندس ترجمان به هيس، صحافين ۾ هن جو مون مٿان وڏو اعتماد هو.

    پر اڳتي هلي ڀٽي صاحب جڏهن ڪجهه غير جمهوري فيصلا ڪيا، خاص ڪري عبدالحميد جتوئي جي گرفتاري تي مون کي سخت اعتراض هو، مون سندس ڪيس کي اخباري سطح تي به ڪوريج ڏياري، تنهن وقت ذريعن مون کي ٻڌايو ته پ پ وارا تو مٿان ڪاوڙيل آهن ۽ تو خلاف ڪا ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، مان به جذباتي ٿي استعيفيٰ ڏئي لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچيءَ هليو آيس، انهن ڏينهن ۾ ٻوليءَ جا فساد به هلي رهيا هيا سو عام تاثر اهو هو ته شايد مان لساني فسادن سبب لاڙڪاڻو ڇڏي آيو آهيان، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پ پ جي غير جمهوري روٽي سبب اسان ان کي ڇڏيو.

    جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته اسان کي ڪيئن به ڪري پ پ سان رهڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته اسان جي پ پ کي ڇڏڻ سان پ پ تي ساڄي ڌر جا ماڻهو حاوي ٿي ويا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل حقيقت آهي ۽ اهڙن ترقي پسند ماڻهن جي الڳ ٿيڻ سبب ئي ساڄي ڌر ۽ وڏيرن جو غلبو ٿيندو ويو .... هي ماڻهو هيا ته انهن جي مخالفت سبب پ پ پ فيصلا ڪرڻ وقت محتاط رهندي هئي.
     
  3. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پنهنجي غلطي جي پاڻ نشاندهي ڪرڻ به جرعت ڀريو عمل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو