• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فرق صاف ظاهر آهي !

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سوال : ما ۽ زال ۾ فرق ڇا آهي؟
جواب : ما لوريون ڏي ٿي ته زال صلواتون ٻُڌائي ٿي.

سوال : مُڙس ۽ ڪنواري ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب : اُهو ئي جيڪو هڪ جيل جي قيدي ۽ هڪ آزاد انسان ۾ هوندو آهي.

سوال : ڇوڪري ۽ عورت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب : ڪو فرق ڪونهين ! ٻئي پنهنجي عُمرن کي لڪائينديون آهن. ٻئي ميڪ اپ ڪنديون آهن، ها جيڪي زالون هونديون آهن اُهي پارٽ تائيم جاب به ڪنديون آهن يعني پنهنجن مُڙسن جي کيسن تي هٿ صاف ڪنديون آهن، جڏنهن ته ڇوڪرين کي ڳولڻ پوندو آهي.

سوال : طالب علم ۽ طالب فِلم ۾ ڪهڙو فرق آهي.
جواب : طالب علم، علم کان جُدا ٻين شين جو به طلبگار هوندو آهي جيئن موبائل فيور ٺ(بُخار)، ڇوڪرين کي چڪر ڏيڻ، فلرٽ ڪرڻ، اسٽيٽس سمبل لا سگريٽ پيئڻ وغيره. جڏنهن ته طالب فلم، ويچارو صرف فلمن ڏسڻ جو ئي ڀلبگار هوندو آهي.
 
سوال : ميڪ اپ ڪرڻ کان پو عورتن جي چهري تي ڪهڙي تبديلي رونما ٿيندي آهي؟
جواب : اها ئي ته کيس سڀ آساني سان سُڃاڻي وٺندا آهن.

سوال : يونيورسٽي ليول تائين پُهچندي پُهچندي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون رونما ٿينديون آهن؟
جواب : ڇوڪريون ميڪ اپ ڪرڻ ۾ اسپيشلائيزڊ ٿي وينديون آهن ، جڏنهن ته ڇوڪري، پيئر، پوڙها ۽ انڪل وغيره ٿي ويندا آهن.
 
Back
Top