• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حُور جي ڪڇ ۾ ڀولڙو!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ 50 سالن بدشڪل ۽ ٿلهو راشي ڪامورو هڪ بازار مان پنهنجي حسين و جميل پر ننڍي عمر جي زال سان خريداري ڪري رهيو هو ته اُتان گُزرندڙ ڪن ڇڇورن ڇوڪرن کيس ڏسندي، پاڻ ۾ چوڻ لڳا
ڇورا : اڙي هو ڏسو! جهڙو حُور جي ڪڇ ۾ ڀولڙو پيو وڃي.
هن راشي سرڪاري آفيسر اهو ٻُڌي ورتو ۽ ڇوڪرن مان هڪ چوڻ واري کي پڪڙي مارڻ لڳو ته کيس بچائڻ لا ٻيا ماڻهون به ميدان تي پُهچي ويا ۽ کائنس ٻار کي مارڻ جو سبب پُڇڻ لڳا.
ڪامورو : هي ڇورو مُهنجي زال تي چٿرون پيو ڪري ! ۽ کيس ڀولڙو چئي ڇيڙيو اٿس.
ماڻهون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا سمجهو ڪي سمجهن.
 
Back
Top