هڪ بيواه عورت انشورنس ڪمپني پُهتي ۽ پنهنجي مُڙس جي بيمي جي رقم گهرڻ لڳي. مئنيجر : (اخلاقن) محترمه مونکي توهانجي! مُڙس جي وفات جو ٻُڌي گهڻو افسوس ٿيو آهي! اڃا هن ائين ئي چئي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشس پئي ڪئي ته بيواه هڪدم کيس جهٽ وجهي چوڻ لڳي بيواه : ها! توهان مردن جي حاڪميت جتائڻ جو اهو ته قائدو آهي ته جتي عورت کي ٻن پئسن جو فائدو ٿو ملڻ لڳي هڪدم اُنهن کي صدمو ٿو پُهچي.