• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊچ سسٽم در حقيقت سنڌ ۾ پُوئو يا سلامي! سڏبو آهي!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ اڪثر توهانکي اڪثر شادين ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي جتي تمام بهترين انداز ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست رکيل هوندو آهي ۽ ڏٺو وڃي ٿو ته کائڻ پيڻ کان پهرئين يا پو مهمان هڪ هڪ ڪري گهوٽ يا انهن جي مائٽن وٽ ويندا آهن ۽ هڪ لفافي ۾ ڪا رقم ڏيندا آهن يا ڇڻي جي در تي ڪو شخص هڪ بريف ڪيس يا بيگ کڻي ويٺو هوندو آهي جيڪو هر گُذرندڙ شخص کان اوڳاڙي ڪري نوٽ بُڪ ۾ لکندو ويندو آهي. جنهن کي سلامي يا پُوئو! چئبو آهي .

هي رسم تمام بهترين رسم آهي جنهن ۾ ميزبان جو تنگ هٿ بچي پوندو آهي ۽ هر مهمان فرد يا فيملي اچي ماني کائي ان جو بل پاڻ ادا ڪندا آهن، اهو سسٽم يورپ ۽ امريڪا ۾ به هلي ٿو جنهنکي (ڊچ سسٽم) به چئبو آهي.
 
Back
Top