زندگي آخر آهي ڇا؟"

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    زندگي هڪ اهڙو نغمون آهي جنهن جي جي فرمائش ڪجي ته ٻيهر ڪونه ڳائي سگهبو.

    زندگي جو اسان تي ڪيڏو نه وڏو احسان آهي جو هو پوري ڄُمار ۾صرف هڪ ڀيرو رُسي ٿي.

    زندگي جا ڏُک ۽ مُشڪلاتون اُن پوک يا گاهه وانگر آهن جنهن تي توجه نه ڏبي ته وڌندي ويندي.

    زندگي ايڏي ڪڙي به ڪانهين جو ان کان مُنهن موڙجي يا ايڏي مٺي به ڪانهين جو اُن پويان ڀڄجي.

    زندگي جي اخبار ۾ سڀ کان بهترين صفحو ٻارن جو آهي.

    زندگي ۾ سوالن جو تعداد گهڻو آهي ۽ جوابن جو گهٽ.

    زندگي هڪ بئنڪ وانگر آهي جنهن ۾ جيترو به گڏ ڪبو اوترو ئي ڪڍائي سگهبو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو