• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پويون دروازو ... بي رازائتن لا به ته سياستدانن لا به

Sindhi Media

سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ رمضان مهني ۾ کاڌي پيتي جا دُڪان ۽ هوٽلون به شام تائين بند رهن ٿيون، اهو ٻُڌي هڪ ڏينهن آئون سچ ڳولڻ ۽ جانچ لاِ ٻاهر نڪري شهر گهمڻ لڳس، مونسان هڪ ٻهرئين مُلڪ جو ڪرسچن دوست به گڏ هو جنهن کي اُڃ ۽ بُک اچي تنگ ڪيو ۽ هن هنگامي صرتحال کان مونکي آگاهه ڪيو اسان بازار ۾ هلندي هلندي هڪ هوٽل کي ڏٺو جنهن تي هڪ بورڊ ٽنگيل هو جنهن تي لکيل هو ته (رمضان مُبارڪ جي احترام ن۾ هي هوٽل بند رهندي) ۽ ماني کائڻ وارا پُٺيون دروازو استعمال ڪن، اسان به مهمان جي اُڃ ۽ بک کي مد نّر رکندي پُٺيئن دروازي کان هوٽل وياسون ۽ دوست جي پيٽ پوڄا کان پو پويون دروازو ڏئي ٻاهر نڪري آياسون.

اسان لاِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هُئي ۽ نه ڪوئي اسان سعودي عرب جا باشنده هُئاسون جو قانون هُجي. پاڪستان هڪ اهڙو مُلڪ آهي جت پُٺئين دروازي جو استعمال عام و جام ٿيندو آهي، جڏنهن ماڻهون سياست ۽ اقتدار ۾ اچڻ لا به هتي پويون دروازو استعمال ڪندا آهن ۽ پو اُنهن جي واپسي به پوئين دروزي مان ٿيندي آهي ڇو جو هتي پوئين دروازي وارن جي حاڪميت آهي.
 
Back
Top