مون محسوس ڪيو آهي ته لاهور جو عوام پنهنجن ٻارن سان بي پناهه مُحبت رکي ٿو سندن تربيت به جنگي بُنيادن تي ڪجي ٿي، مونکي به پنهنجي هڪ دوست لاهور ۾ پنهنجي گهر ۾ دعوت ڏئي گهرايو تڏنهن کان ئي مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿيو هو. ڊرائنگ روم ۾ ميزبان جو چئن سالن جو ٻار به موجود هو، تمام ڪيوٽ، مون کيس کڻي پنهنجي هنج ۾ وهاريو ۽ کيس پيار ڪرڻ لڳس. ميزبان مونکي ٻُڌايو ته هو گهڻو شرارتي آهي ۽ سندس شرارت جو ثبوت ڏيڻ لا هُن ٻار کي ٻُچڪاريو. مهمان : (ٻار کي) مُنا انڪل کي چماٽ هڻ ! اڃان جو آئون حفاظت ما تقدم طور تيار ٿيان هُن ننڍڙي مُهنجي مُهن تي چماٽ وهائي ڪڍي، مُهنجي عينڪ فٽ کن پري وڃي ڪري. ٻار جي ان مسخري تي تي ميزبان به ٽهڪ ڏيندي اڌ مُئا ٿي ويا ۽ مُني کي پنهنجي ڪڇ ۾ وهاري چُمڻ لڳا. مهمان چوڻ لڳو مهمان : سائين ! لاهور جا ماڻهون پنهنجي ٻارن کي بهادر ڏسڻ چاهيندا آهن ان ڪري کين شروع کان ئي جنگي بُنيادن تي تربيت ڏني ويندي آهي.