مان اعتراف ٿو ڪريان ته تنگ نظري ۽ عقيدت پرستي سبب اسان پنهنجي پارٽي، پاڻ کي ۽ پنهنجن دوستن کي نقصان ڏنو. جيتوڻيڪ اسانجو نظريو مارڪسٽ هو، سائنسي هو پر اسان پنهنجن روين ۾ سائنسي نه ٿي سگهياسين، بنياد پرست ٿي رهياسين. جنهن سبب پارٽي اندر ڪو نئون لاڙو يا نئين سوچ آڻي نه سگهياسين، اڃا به ان جي رستا روڪ ڪئي سين. ۽ اهو بلڪل به نه سمجھي سگهياسين ته جيئن مختلف رنگ ٿيندا آهن رڳو اڇو ۽ ڪارو رنگ نه ٿيندو آهي. تيئن پارٽي ۽ نظرئي اندر به مختلف راين جا مختلف رنگ ٿيندا آهن ۽ انهن راين جي روشنيءَ ۾ اسان کي هڪڙا آپشنز طئي ڪرڻ گهربا هيا. پر اسان لڪير جا فقير رهياسين۽ انقلاب کي هڪئي رنگ ۾ ڏسڻ واري عقيدي ۾ پارٽي کي توڙي ڇڏيوسين. دوستن جي مختلف يا اختلافي راين کي شڪ جي نظر سان ڏٺوسين ۽ ايئن هڪ خول ۾ ٿي بند ٿي وياسين. هاڻي ته ازالي لاءِ نه اُها جواني آهي ۽ نه ئي اُها طاقت پر پوءِ به مان مايوس ناهيان. اميد آهي ته نئون نسل اسانجين غلطين مان سکندو ۽ پنهنجي نظرئي ۽ مقصد کي ماڻڻ لاءِ سائسنسي انداز سان حڪمت عملي طئي ڪندو.
پنهنجي غلطي جي پاڻ نشاندهي ڪرڻ به جرعت ڀريو عمل آهي پر اها غلطي سڌارڻ انتهائي جرعت ۽ عزت ڀريو عمل آهي