مان اعتراف ٿو ڪريان ته..... رمضان ميمڻ

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته تنگ نظري ۽ عقيدت پرستي سبب اسان پنهنجي پارٽي، پاڻ کي ۽ پنهنجن دوستن کي نقصان ڏنو. جيتوڻيڪ اسانجو نظريو مارڪسٽ هو، سائنسي هو پر اسان پنهنجن روين ۾ سائنسي نه ٿي سگهياسين، بنياد پرست ٿي رهياسين. جنهن سبب پارٽي اندر ڪو نئون لاڙو يا نئين سوچ آڻي نه سگهياسين، اڃا به ان جي رستا روڪ ڪئي سين.

    ۽ اهو بلڪل به نه سمجھي سگهياسين ته جيئن مختلف رنگ ٿيندا آهن رڳو اڇو ۽ ڪارو رنگ نه ٿيندو آهي. تيئن پارٽي ۽ نظرئي اندر به مختلف راين جا مختلف رنگ ٿيندا آهن ۽ انهن راين جي روشنيءَ ۾ اسان کي هڪڙا آپشنز طئي ڪرڻ گهربا هيا. پر اسان لڪير جا فقير رهياسين۽ انقلاب کي هڪئي رنگ ۾ ڏسڻ واري عقيدي ۾ پارٽي کي توڙي ڇڏيوسين.

    دوستن جي مختلف يا اختلافي راين کي شڪ جي نظر سان ڏٺوسين ۽ ايئن هڪ خول ۾ ٿي بند ٿي وياسين.

    هاڻي ته ازالي لاءِ نه اُها جواني آهي ۽ نه ئي اُها طاقت پر پوءِ به مان مايوس ناهيان. اميد آهي ته نئون نسل اسانجين غلطين مان سکندو ۽ پنهنجي نظرئي ۽ مقصد کي ماڻڻ لاءِ سائسنسي انداز سان حڪمت عملي طئي ڪندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پنهنجي غلطي جي پاڻ نشاندهي ڪرڻ به جرعت ڀريو عمل آهي پر اها غلطي سڌارڻ انتهائي جرعت ۽ عزت ڀريو عمل آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو