• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل ( جميل سومرو )

هر سعي ناڪام ٿيندي ٿي وڃي
زندگيءَ جي شام ٿيندي ٿي وڃي

شرپسندن جي شرارت جي ڪري
سنڌ ڀي بدنام ٿيندي ٿي وڃي

ٽيڪنالوجيءَ اچڻ کان پوءِ ڪيئن
بي حيائي عام ٿيندي ٿي وڃي

هر اداري شهر توڙي ڳوٺ ۾
لڄ براءِ نام ٿيندي ٿي وڃي

ڏينهن توڙي رات جو آ لِک لِکان
شاعري الهام ٿيندي ٿي وڃي

مسجدون ، منبر ، تفرقا ، نفرتون
روحانيت گمنام ٿيندي ٿي وڃي
 
Back
Top