اسان ته بس رهياسين اڌورا اڌورا۔ .............ڊاڪٽر آڪاش انصاري .

ڏکن سان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو
سکن ۾ به من کي سڪون ڪون آيو،

کلياسين ته دنيا جي دردن ٿي ٽوڪيو
رنا سين ته ماڻهن جي نظرن ٿي روڪيو،

نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين
رنا سين کليا سين اڌورا اڌورا
اسان ته بس رهياسين اڌورا اڌورا۔
 
Back
Top