گيدوڙو

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪافي عرصي کان پو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي ويس، جتي سدائين کِل ڀوڳ ٿيندا رهندا آهن.. هن ڀيري ڪجهه عجيب ٿيو.

    هي ريڊيو ريگستان آهي، هن وقت ٽائيم اڌمَڻ لڳي ساڍا چار ڪلو ٿيا آهن. هينئر اوهان گپ ۾ ڀريل گيدوڙي گرمٽ کان تازيون ۽ تريل خبرون ٻڌندا.
    اسان جي ٽن سالڍن جي معصوم نمائندي کان تازي تازي خبر ملي آهي ته اڄ ٻالڪ پور شهر ۾ ايندڙ ڀڳل ٽِن ڦيٿن واري بس ۾ هڪ شخص جا گوڏا گُم ٿي ويا، همراه جڏهن پنهنجي اسٽاپ تي پهچڻ مهل اٿي بيهڻ لڳو ته ڌُو هيٺ وڃي ڪريو، اهڙو پنهنجو لقا ڏِسي همراهه کي خوشي هر هر دورا پوڻ لڳا، بيهوشي واري نازڪ حالت ۾ ان همراهه کي گڏهه گاڏي تي کڻي مشڪرن جي اسپتال ٻالڪ پور جي پارڪ تي داخل ڪيو ويو، حڪومت جي اعلان کان پو همراهه کي سائيڪل جا پُراڻا ۽ پنڪچر ٽائر لڳائي روانو ڪيو ويو.

    ڪالهه شام موالي موڙ تي چار موالي پاڻ ۾ چرس جي هڪ ڦوڪ تان وڙهي پيا، هڪ ڪلاڪ سخت جهيڙو ، لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جا خطرناڪ وسڪارا، ٻن موالين کي گرفتار ڪيو ويو باقي ٻه موالي ڪپڙا ڇنڊي فرار...
    موالين جي چڱي مڙس چاچي چوسڻي ٻنهي ڌرين کي ڳولي گهرائي ٻه ٻه چرس ڀريل سگريٽ جا ڏنڊ رکي کين کير ۾ دهي ڪري ڇڏيو.

    راند:
    سڀاڻي کان لَتن ، مُڪن ۽ چنبن جو ورلڊ ڪپ ميچ شروع..
    دنيا جا ڪيترائي مٿي ڦريل هن راند ۾ حصو وٺندا دنيا جي هي نئين راند پنهنجو مٽ پاڻ هوندي. جنهن به ماڻهو کي هن راند ۾ بيعزتي ڪرائڻي آهي ته ورلڊ ڪپ ”هڻ چنبا کَڻ پنهنجو ڀا“ ۾ فارم ڀرائي حصو وٺي.

    موسم
    موسميات کاتي وارن اڳڪٿي ڪئي آهي ته سڀاڻي کان پئسن جو مينهن وسندو.
    جيو به ڀا غريب فقير هجي، پنهنجي گهر جون ڇتون، ڀتون، باورچي خانا سڀ ڪجهه ڀڃرائي رليون وڇائي ڇڏي ته دولت وسڻ سان بنگلا گاڏيون ٺهرائي سگهي.

    هاڻي اوهان گپ ۾ ڀريل گيدوڙي گرمٽ کي ڏيندا اجازت ته
    ٻيهر ملنداسين ڪاڪي آچار جي اوطاق تي جيسين آهي سنڌ سلامت.

    (اڄ کان 10 سال پهريان لکيل هڪ پنو جيڪو اڄ اچانڪ ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ دوران مليو.)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هههههههههههههههههههههه واه ادا واه


    اڄ اوهان اسڪول جو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو