ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ، ڪُڻُ

منصور سرور

سينيئر رڪن
ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ، ڪُڻُ
ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ
اکيون ڄَڻ ڪراچيءَ جا ميرانجهڙا بادل
نه سُڏڪي ٿَڪن نه کُلي برَسن
هِتي روز دهشت ، هتي روز دانهون
هِتي روز رَستن تي نوحه ، صدائون
مِلن روز لاشا ٿئي گود خالي
کِلي روز قاتِل
روز ڦَٿڪي ڪراچي
روز سَکڻان ِدلاسا
روز تَڙپي ڪراچي
ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ، ڪُڻُ
ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ ، ڪُڻُ
اکيون ڄَڻ ڪراچيءَ جاميرانجهڙا بادل ۔۔۔۔۔

حميده گل
 
Back
Top