ڪلهه هتي گڏ ليب ميٽ، ڳوٺائي ۽ سؤٽ عبدالقيوم جي سُپروائزر افطار دعوت ڏني ۽ چيو ته آئون چاهيان ٿي اوهان اِن بهاني مُنهنجو ڳوٺ Kayabaşı Yaylası به ڏِسي وٺو. ميڊم جو نالو آهي سيگي ڪولائلي (جنهن جي معنى آهي جنهن سان آساني رغبت يا پيار ٿي وڃي). منهنجو يا وري منهنجي دوست گورڌن ولاسائي جو خيال آهي ته ڪنهن مُلڪ کي ڏسڻو آهي ته ان جي وڏي شهر ۾ وڃي هوٽل ۾ رهي تاريخي/تفريحي ماڳ ڏسي اچڻ ۾ نيويارڪ ڪراچي استنبول ڍاڪا ممبئي سڀ ڳالهه مڙئي ساڳي. اصل مزو آهي ئي ڳوٺ ڏسڻ جو. هتي جيئن ته فئمليز ننڍيون آهن ۽ اڃن به ننڍيون ٿيو وڃن جو گرئجوئيشن لاءِ هتي نوجوان ڪو ورلي پنهنجي شهر جي چونڊ ڪن نه ته گهڻو ڪري هو ٻي شهر رهن. ڇو ته هتي سڀني لاءِ سڀ يونويرسٽيز جا در کُليل آهن بس شرط آهي سال ۾ هڪ دفعو ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ انهن ۾ داخلا لاءِ گهُربل اسڪور کڻي سگهن. ميڊم کي به ٻه نياڻيون ۽ هڪ ننڍو پُٽ آهي جنهن مان وڏي قانون جي ڊگري لاءِ ڪونيا ۾ پڙهي ۽ رهي. سو اسان ۽ ميڊم جي فئملي آرام سان سندس ڪار ۾ اچي وياسين ۽ روزي کُلڻ کان 3 ڪلاڪ اڳ ئي وڃي پُهتاسين سندن ڳوٺ جيڪو هن شهر ترابزون کان اولهه ڏکڻ طرف 35 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. سائين الطاف شيخ واري ڳالهه ته دُنيا صفا گول ناهي. پر بيضي وانگي آهي. بيضي جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه آهي. هاڻي جيڪي مُلڪ بلڪل وچ تي آهي اُتي سيارو اونهارو ساڳيو پر جيڪ يا گهڻو اُتر ۾ آهي يا گهڻو ڏکڻ ۾ تن ۾ سج جي ڦيري گهيري سان وڏ فرق پئي ٿو. جيئن هن وقت زمين جو گولو ايئن ٿو پيو ڦِري جو سج ان جي اُتر طرف وڌيڪ ٿو رهي ته آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ ۾ روزو ڪو 8 يا 9 ڪلاڪ جو مس ٿئي جڏهن ته روس يا ناروي جي مُلڪن ۾ وري 20 ڪلاڪ جا روزا پيا ٿين. تُرڪي به صفا نه ته ڪافي اُتر ۾ هُجڻ ڪري هتي ڏينهن وڏا آهن ۽ روزو سحري مهل وقت آهي 2:44 ۽ شام جو افطاري ٿئي 8 بجي کان ٿورو پوءِ. اسان وٽ اُتي پُهچي به ڪافي وقت هو افطاري لاءِ سو چيوسين بجاءِ هتي ويهي انتظار ڪرڻ جي ڪُجهه گهُمجي ڦِرجي. ميڊم جي ننڍي نياڻي ”ثنا“ جيڪا ڏهين ڪلاس ۾ پڙهي پئي تنهن اڃان هاڻي ڊرائونگ سکڻ جو شؤق ڪيو آهي سا چاهي پئي ته جيڪڏهن هلڻو ئي آهي ته ڊرائونگ آئون ڪريان. روڊ ٽرئفڪ جي حوالي سان ته صفا خالي هو جو ڳوٺ ڪو گهڻي آبادي وارو نه پر بس ڪُجهه فاصلن تي ننڍن ننڍن گهرن تي مُشتمل هو. پر ڳالهه اها هُئي ته اهو ڳوٺ ڪو سڌي پٽ تي نه پر سوين فُٽ اوچائي تي هو جتي اچڻ وڃڻ لاءِ ڪچو پڪو رستو وروڪڙ سان ايئن هو جو تر جي وِٿي به معنى هڙ وئي. پر کيس شؤق هو سو پورو ڪيائين. بس ايترو هو جو گڏ پي ويٺو هوس سو سمجهائيس پيو ته ڪيئن ڊرائونگ ڪرڻي آهي ڪٿي بريڪ هڻڻو آهي. پر جڏهن ڪنهن وڪڙ تي هيٺ پيا ڏسون ته جي ادڙي کاٻي بجاءِ ساڄي اسٽيرنگ گهُمايو ته بس. . . . . . .! ڪُجهه ڪُجهه فاصلي تي لهي پئي بيٺاسين آسپاس جا نطارا ڏسڻ لاءِ ڇو جو جبل جي چوٽين تي چؤطرف ڪڪرن جا ميڙ هُئا. ائين پئي لڳو ته جبل جون سڀ چوٽيون ڪڪرن سان ڍڪيل آهن. آسپاس جتي جتي ممڪن هو مُختلف فصل پوکيا ويا هُئا جِن ۾ مڪئي جو فصل گهڻو ڏسڻ ۾ پئي آيو. فروٽ ۾ وري فندق ۽ انگور گهڻو هو پر فروٽ اڃان ڪچو هُئس. گهُمي ڦري واپس آياسين ته مئڊم سندس ما سان گڏ رڌ پچا ۾ رُڌل هُئي. هي ڳوٺ اوچائي تي هُجڻ ڪري اڃان هتي گئس ناهي پُهتي. هونئن به تُرڪي وٽ گئس نه هُجڻ ڪري هي ٻين مُلڪن کان وٺي سو هر هنڌ گئس پُهچڻ ٽينيڪلي کڻي ممڪن ٿي به وڃي پر ايتري گئس امپورٽ ڪرڻ به ڏُکي آهي. هنن ٻاهر لڳل هڪ چُلهي تي به ڪم ڪيو پئي جيڪو اڱارن تي هو ته اندر به هڪ گئس سئيلنڊر جو چُلهو هو جنهن تي تي ڪُجهه پچايائون پئي. مئڊم جي والدين هونئن ته گهڻو وقت ترابزون ۾ رهن. ڇو ته ڳوٺ اوچائي تي هُجڻ ڪري هڪ ته سيارو گهڻو اثر ڏيکاري ۽ ٻيو ته نؤڪري کان رٽائرڊ ماڻهو سڄو ڏينهن اڪيلا ويهي ڇا ڪن. نه ته جيڪر مئڊم جو زور آهي ته هن سمر هائوس ۾ اوهان کي سڀ سهولتون آحن اوهان هتي رهو منهنجي باغن تي به نظر رکو پر هي هنن کي هڪ ڏينهن هتي ڇڏيو وڇي ته هو ٻي ڏينهن وري ترزابزون اچيو پنهنجي گهر پُهچن. رهن جتي به اڪيلا پر وري به آسپاس رونق هُجڻ ڪري خوش رهن. پوڙهي ته ڳالهائڻ ۾ ڪافي تيز هُئي. سمجهي به پئي ته اسان تُرڪي نه پيا سمجهون پر پوءِ به ڳالهائيندي پئي وڃي. خاص ڪري کيس اها فڪر هُجي ته اوهان جي مُلڪ جا ماڻهو اسان بابت ڇا ٿا چون؟ اسان ته اوهان جي وڏن جا احسان نه ٿه ڀُلائي سگهون جڏهن انهن اسان جي مدد ڪئي. بس پوءِ جيڪو ٿي سگهيو ٻُڌايم پئي. وري اهو به پُڇي پئي ته رجب طيب اردگان بابت اوهان جا ڪهڙا خيال آهن؟ پاڻ ته وڏي تعريف پئي ڪئي ايتري حد تائين جو اسان وچ ۾ گوگل ٽرانسليٽر ميڊم جي نياڻي به چئي ڏنو ته ناني کي نانا کان وڌيڪ رجب طيب اردگان وڻي ٿو. اسان ڪهڙا ڪمينٽس ڏيون بس مڙئي سُر راڻو ته واهه واهه واري ڪار هُئي. اذان کان ڪُجهه دير اڳ آس پاس جي هر گهر جيان ٺهيل هڪ ننڍي ڇني (منهي) هيٺ ٽئبل رکي وئي. جيڪا دراصل ٻن ٽئبل جو جوڙ ڪري وڏي ڪئي وئي پر سندن پُر تڪلف افطاري جا سامان ٽئبل تي رکڻ کان گهڻا هُئا. گهڻو منع ڪرڻ باوجود ۽ پاڻ روزائتا هُجڻ باوجود به کائيندي وچ ۾ ذري ذري اُٿي پليٽ ۾ ڪُجهه نه ڪُجهه رکي پيا ڏين. خاص ڪري قيوم تي ڪُجهه سوايو مهربان هُئا جو اهو سندن ئي رهنمائي ۾ هتي ڪم ڪري پيو. هڪ ويهي ته جلدي ٻيو اُٿي ڏسي پيو ته ڪنهن جي پليٽ خالي ته ناهي. نيٺ اهو چئي اُٿاسين ته مغرب جو وقت پيو وڃي. رمضان ۾ اڪثر مسجدن ۾ هتي مغرب جي جماعت ئي ڪونه ٿئي. تنهنڪري سڀ نماز گهر ئي پڙهن. اسان به نماز پڙهي ورتي ته صدين کان کير بنا چانهه پيئندڙ هن قوم اسان کي به اُها ئي چانهه پياري جيڪا هاضمي لاءِ چڱي ٿي هُجي. هڪ دفعو وري ويٺا احوال وٺڻ ته اوهان جي مُلڪ ۾ فلاڻي شئي ڪيئن؟ اسان جي مُلڪ ۾ هي شئي ڪيئن؟ ڪافي ڳالهين جا منابس جواب ڏيئي چُڪاسين پر مون به چيو ويهي جو وڌيڪ اجايا ڪوڙا حوال ڪجن چيم اسان هتي پيا رهون اُترين جبلن جي چوٽين تي ۽ پنهنجي مُلڪ ۾ رهون ڏکڻ جي سامونڊي پٽي تي. هي سڀ نه ته گهڻو ڪُجهه اسان وٽ به آهي جيڪو صحيح سان اسان ڏٺو ناهي. تنهنڪري ڪا حتمي راءِ نه ٿا ڏيئي سگهون. ظاهر آهي هي هتي ڪوهه مري جهڙي علائقي ۾ پيا رهن تِن کي وڃي بدين يا ٺٽي ۾ ڇڏجي ۽ پوءِ ويهي پُڇجي ته ڏيو خبر اوهان جي مُلڪ سامونڊي پٽي يا ميداني پٽ ايئن آهن ته هي ڪهڙي راءِ ڏيندا. ايئن اسان به هُئاسين. ڪالڪ کن جي ڪچهري کان پوءِ واپس ورياسين ۽ هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ڪيل اها افطاري مُشڪل وِسري جو خيال پڪو ٿيندو رهيو. ڳوٺ جي زمينن ڏانهن ويندڙ هڪ پيچرو ساوڪ ئي ساوڪ سان ڀرپور هڪ نظارو پري کان نظر ايندڙ ميڊم ۽ سندس ڏير جو گهر ميڊم جو گهر ۽ سندس جهونا والدين مٿين گهر کي سامهون هڪ ٻيو گهر گهر جي اڱڻ تان نظارو ڊرائونگ جو شؤق رکندڙ مئڊم جي نياڻي ثنا
واه واه ادا حفيظ. ڀلي ڳالهه آهي نه صرف پاڻ گهمين پيو پر اسان کي به گهمائين پيو. ادا گورڌن ڀا توهان جي ليک جو به انتظار رهندو.
يار حفيظ ڳالهيون ته ٻيون به گهڻيون... پر اها ڳالهه اسان جي ذهن ۾ اچي نه ٿي ته هتان جي ٽوٽي حڪمرانن آخر ترڪي لاءِ اهڙو ڇا ڪيو آهي جو اتان جي عام پبلڪ به اسان عام ماڻهن لاءِ قربان پئي وڃي... هالانڪه هتي هڪ دفعو طيب اردگان جو بيان ته “جي انڊيا پاڪستان تي حملو ڪيو ته اهو حملو ترڪي تي سمجهيو ويندو..” ٻڌي طيب اردگان سميت ترڪي لاءِ هتان جا ماڻهون دوستاڻو خيال پيا رکن... ۽ جيڪڏهن مخالف پارٽيون ترڪي جي پروجيڪٽس خلاف پروپيگنڊه نه ڪن ته ترڪي بابت هتي جا ماڻهن چين جهڙو دوست طور ذهن جوڙين..
ڪارو منهن ٽوٽي حڪمرانن جو....... اصل ۾ 1920 واري دور ۾ خلافت تحريڪ دوران ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن هنن جي ڪافي مدد ڪئي هُئي ۽ ترڪي جي پهرين بينڪ ۾ 30000 ڊالر موڪليا هُئا، جيئن بينڪ قائم ٿي سگهي. هاڻي ڳائڻ وارا ڳائن پيا، جيسين حفيظ واري ڳالهه ڪُت خلق پهچي.....
اوهان جو حال احوال وڻيو ... تصويرون به وڻيون .... پر يار ڀلا افطار جي سامان جون تصويرون ڪاڏي ويون ۽ افطار ۾ ڇا ڇا هيو .... خبر پوي ته هنن جي گهڻي پسند ڪهڙي آهي. اڄڪلهه اسان وٽ پڪوڙا افطار ۾ ضروري ٿي پيا آهن. هن هفتي سِگا سچل ڳوٺ جي بي ايم سي جي ميٽنگ هئي افطار کان اڳ هئي. افطار جو بندوبست به هيو ۽ حيرت ٿي ته سراج ڀٽي چئن قسمن جا پڪوڙا آندا .... مرچن ۾، بِهن ۾، پٽاٽن ۾ ۽ واڱڻن ۾ ...
ها ها. ترڪي ۽ پڪوڙا سنڌي ۾ رڍ ۽ انب مثل آهي. ترڪن کي پڪوڙا، کير واري چانهه ۽ انب وڻي ۽ ڪونه ڪڏهن کائي ڏٺا هجن ته. باقي اسان جا سنڌي ڀا سڪي ويا آهن. پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجو ديس ۽ پنهنجا کاڌا پو به پنهنجا هوندا آهين.
انب مون ڪجهه کي کارايا آهن. انهن سمجهيو تو آلو آهن. خوشبو ۽ ذائقو سڀني کي ڏاڍو وڻيو. ميريٽ انقره ۾ هڪ بوفي هو انڊين ڊشز جو سو اهو انجوا ڪيوسين....
يار گُذريل ٻه ڏينهن لڳ ڀڳ سڄا سارا ۽ رات جو ڪُجهه حِصو به سنڌ سلامت تي گُذريو پر اڄ ڇا ڏسان ته آئون ٽِن ڏينهن کان سنڌ سلامت تي آهيان ئي نه ۽ ايترا سارا نوٽيفڪيشن به اچي چُڪا. پوءِ احساس ٿيو ته سنڌ سلامت اپڊيشنن ۾ ذيشان رشيد سان ٽيم ويور تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پردي پويان behind the scene گُذريا. لائيو فورم تي ته ڀيرو ئي نه ڀڃيم. هاڻي اچون ٿا جوابن طرف. گورڌن ولاسائي پاڻ وارو يار قيوم گهڻو ڪري هر ڄڳهه تي دير ئي پُهچي پر ان ڏينهن گاڏي مان تڪڙو لهي گهر ڏي ويو الائي ڇو؟ سمجهه ۾ نه آيو. ذيشان رشيد هُو ٻُڌو نه اٿئي ته امير/سياستدان نوڪر کان پُڇيو ڀلا نفساني خواهش مزو يا مزدوري؟ ته نوڪر ٺهه پهه چيس ”سائين يقينن مزو ئي آهي نه ته جيڪر مزدوري هُجي ها ته پڪ اها به اسان کان ڪرايو ها“. تنهنڪري ٽوٽي حُڪمرانن کان اهو ڪم ڪِٿي پُڄي ها. تُرڪن وٽ ان وقت ۾ (گورڌن ولاسائي واري ڳالهه) ته بئنڪ قائم ڪرڻ لاءِ پئسا نه هُئا سو اسان جي ماڻهن (خاص ڪري سنڌ جي نياڻين) هنن لاءِ پنهنجا ڳها وڪڻي پئسا موڪليا جنهن سان هنن هڪ نئين مُلڪ جي بئنڪ جو بُنياد رکيو. حُڪمرانن مان ڀُٽي مرحوم 1976ع ۾ هنن تي پاڙيسري مُلڪ جي حملي وقت مدد آڇي هُئي جنهن جي بغير ئي هنن جو ڪم ٿي ويو. پر اهو نه ٿي سگهيل ٿورو به هي اڄ تائين ڳائن ٿا ۽ پنهنجي پاسي جو ماڻهو ڏسي هٿ چُمڻ لڳن ٿا. سليمان وساڻ يار واهه جي ڳالهه نوٽ ڪيؤ/ڪرايؤ. ذيشان رشيد کي به ڪيڏو نه تجسس ٿي پيو. ليک جي عُنوان جي تصوير ئي مس ٿي وئي. گورڌن ولاسائي به سچو آهي ته اُن مهل ڪير ٿو فوٽو ڪڍي پر سبب رُڳو اهو نه هو. اصل ۾ اهو پروگرام اوچتو ٿيو سو قيوم پنهنجي ڪئميرا چارج نه ڪري سگهيو ۽ اڌ ۾ ڌڪ نڪري ويو. چارجر به گڏ نه کڻي هليو هو. مون موبائل سان تصوير ورتي جنهن جي رزلٽ تي ڀروسو نه هُجڻ ڪري نه ڏنم. پر هتي اڄ اوهان لاءِ حاضر. پوءِ جهڙو حال. . . . . . .سچ ته آئون جيڪو لکي لکي ٿڦيان ٿو ان تي جيڪر هڪ نظر سليمان وجهي ته ڄڻ اڻ ڌوتل منهن تي ڪي ڇنڊا پئجي وڃن. رهي ڳالهه پڪوڙن جي ته هتي دالين جو فقط هڪ ئي قسم آهي جنهن کي مسور جي دال سڏجي. بيسڻ جو تصور ئي ڪونهي. پر يار سچ پُڇو ته ڀلو ئي آهي. شربت ۽ پڪوڙا کائي سحري تائين ڪُجهه نه کائي سگهڻ واري مصيبت کان بچي پيا آهيون. رمضان ڇڏي هونئن پڪوڙا کائجن ته خوب. خاص ڪري جڏهن اها دعوت سچل ڳوٺائي ارباب جانوري ڏي. سڀني جي مهرباني ادا.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيس ته الطاف شيخ کان پوءِ ڇا ٿيندو پر اوهان جي مضمون جي ترتيب پرهي ڪري خوشي ٿي ته سفر نامن جو سلسلو الطاف شيخ کان پوءِ به جاري و ساري رهندو. بهترين انداز اوهان جي سفر جو سلسلو الله اوهان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب بڻائي سائين. وسلام
ڏاڏا ڏاڏل شيخ اياز نه بلڪه الطاف شيخ...... ذات ڀائي آهن ٻئي ڄڻا. عبدالحفيظ لغاري اچي ويو آهي ميدان ۾ سو فڪر ناٽ.....
دعوت جو تفصيلي ذڪر پڙهي ، تصويرون ڏسي ڪري اسان به پاڻ کي پڙهڻ دوران ڄڻ ته تُرڪي ۾ محسوس ڪيوسين لک قرب
ها ادا حفيظ ڀا جو گهمڻ جو انداز ئي اهڙو هوندو آهي جو هر شي کي جانچي ڏسي ٿو جو وري سنڌسلامت تي شئر ڪرڻ جو ارادو هوندواٿس. اسان سست ڪڏهن ڪڏهن ئي ڀيرو ڀريون ٿا پر دوست حفيظ جا ٿورا جو واٽ ايپس ٿي ياد گيري ڏياري ٿو ته فلان جڳهه تي ويا هئاسين ان جو احوال سنڌسلامت تي پيو آهي.