ڪلهه هتي گڏ ليب ميٽ، ڳوٺائي ۽ سؤٽ عبدالقيوم جي سُپروائزر افطار دعوت ڏني ۽ چيو ته آئون چاهيان ٿي اوهان اِن بهاني مُنهنجو ڳوٺ Kayabaşı Yaylası به ڏِسي وٺو. ميڊم جو نالو آهي سيگي ڪولائلي (جنهن جي معنى آهي جنهن سان آساني رغبت يا پيار ٿي وڃي).
منهنجو يا وري منهنجي دوست گورڌن ولاسائي جو خيال آهي ته ڪنهن مُلڪ کي ڏسڻو آهي ته ان جي وڏي شهر ۾ وڃي هوٽل ۾ رهي تاريخي/تفريحي ماڳ ڏسي اچڻ ۾ نيويارڪ ڪراچي استنبول ڍاڪا ممبئي سڀ ڳالهه مڙئي ساڳي. اصل مزو آهي ئي ڳوٺ ڏسڻ جو.
هتي جيئن ته فئمليز ننڍيون آهن ۽ اڃن به ننڍيون ٿيو وڃن جو گرئجوئيشن لاءِ هتي نوجوان ڪو ورلي پنهنجي شهر جي چونڊ ڪن نه ته گهڻو ڪري هو ٻي شهر رهن. ڇو ته هتي سڀني لاءِ سڀ يونويرسٽيز جا در کُليل آهن بس شرط آهي سال ۾ هڪ دفعو ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ انهن ۾ داخلا لاءِ گهُربل اسڪور کڻي سگهن. ميڊم کي به ٻه نياڻيون ۽ هڪ ننڍو پُٽ آهي جنهن مان وڏي قانون جي ڊگري لاءِ ڪونيا ۾ پڙهي ۽ رهي. سو اسان ۽ ميڊم جي فئملي آرام سان سندس ڪار ۾ اچي وياسين ۽ روزي کُلڻ کان 3 ڪلاڪ اڳ ئي وڃي پُهتاسين سندن ڳوٺ جيڪو هن شهر ترابزون کان اولهه ڏکڻ طرف 35 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.
سائين الطاف شيخ واري ڳالهه ته دُنيا صفا گول ناهي. پر بيضي وانگي آهي. بيضي جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه آهي. هاڻي جيڪي مُلڪ بلڪل وچ تي آهي اُتي سيارو اونهارو ساڳيو پر جيڪ يا گهڻو اُتر ۾ آهي يا گهڻو ڏکڻ ۾ تن ۾ سج جي ڦيري گهيري سان وڏ فرق پئي ٿو. جيئن هن وقت زمين جو گولو ايئن ٿو پيو ڦِري جو سج ان جي اُتر طرف وڌيڪ ٿو رهي ته آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ ۾ روزو ڪو 8 يا 9 ڪلاڪ جو مس ٿئي جڏهن ته روس يا ناروي جي مُلڪن ۾ وري 20 ڪلاڪ جا روزا پيا ٿين. تُرڪي به صفا نه ته ڪافي اُتر ۾ هُجڻ ڪري هتي ڏينهن وڏا آهن ۽ روزو سحري مهل وقت آهي 2:44 ۽ شام جو افطاري ٿئي 8 بجي کان ٿورو پوءِ.
اسان وٽ اُتي پُهچي به ڪافي وقت هو افطاري لاءِ سو چيوسين بجاءِ هتي ويهي انتظار ڪرڻ جي ڪُجهه گهُمجي ڦِرجي. ميڊم جي ننڍي نياڻي ”ثنا“ جيڪا ڏهين ڪلاس ۾ پڙهي پئي تنهن اڃان هاڻي ڊرائونگ سکڻ جو شؤق ڪيو آهي سا چاهي پئي ته جيڪڏهن هلڻو ئي آهي ته ڊرائونگ آئون ڪريان. روڊ ٽرئفڪ جي حوالي سان ته صفا خالي هو جو ڳوٺ ڪو گهڻي آبادي وارو نه پر بس ڪُجهه فاصلن تي ننڍن ننڍن گهرن تي مُشتمل هو. پر ڳالهه اها هُئي ته اهو ڳوٺ ڪو سڌي پٽ تي نه پر سوين فُٽ اوچائي تي هو جتي اچڻ وڃڻ لاءِ ڪچو پڪو رستو وروڪڙ سان ايئن هو جو تر جي وِٿي به معنى هڙ وئي. پر کيس شؤق هو سو پورو ڪيائين. بس ايترو هو جو گڏ پي ويٺو هوس سو سمجهائيس پيو ته ڪيئن ڊرائونگ ڪرڻي آهي ڪٿي بريڪ هڻڻو آهي. پر جڏهن ڪنهن وڪڙ تي هيٺ پيا ڏسون ته جي ادڙي کاٻي بجاءِ ساڄي اسٽيرنگ گهُمايو ته بس. . . . . . .! ڪُجهه ڪُجهه فاصلي تي لهي پئي بيٺاسين آسپاس جا نطارا ڏسڻ لاءِ ڇو جو جبل جي چوٽين تي چؤطرف ڪڪرن جا ميڙ هُئا. ائين پئي لڳو ته جبل جون سڀ چوٽيون ڪڪرن سان ڍڪيل آهن. آسپاس جتي جتي ممڪن هو مُختلف فصل پوکيا ويا هُئا جِن ۾ مڪئي جو فصل گهڻو ڏسڻ ۾ پئي آيو. فروٽ ۾ وري فندق ۽ انگور گهڻو هو پر فروٽ اڃان ڪچو هُئس.
گهُمي ڦري واپس آياسين ته مئڊم سندس ما سان گڏ رڌ پچا ۾ رُڌل هُئي. هي ڳوٺ اوچائي تي هُجڻ ڪري اڃان هتي گئس ناهي پُهتي. هونئن به تُرڪي وٽ گئس نه هُجڻ ڪري هي ٻين مُلڪن کان وٺي سو هر هنڌ گئس پُهچڻ ٽينيڪلي کڻي ممڪن ٿي به وڃي پر ايتري گئس امپورٽ ڪرڻ به ڏُکي آهي. هنن ٻاهر لڳل هڪ چُلهي تي به ڪم ڪيو پئي جيڪو اڱارن تي هو ته اندر به هڪ گئس سئيلنڊر جو چُلهو هو جنهن تي تي ڪُجهه پچايائون پئي.
مئڊم جي والدين هونئن ته گهڻو وقت ترابزون ۾ رهن. ڇو ته ڳوٺ اوچائي تي هُجڻ ڪري هڪ ته سيارو گهڻو اثر ڏيکاري ۽ ٻيو ته نؤڪري کان رٽائرڊ ماڻهو سڄو ڏينهن اڪيلا ويهي ڇا ڪن. نه ته جيڪر مئڊم جو زور آهي ته هن سمر هائوس ۾ اوهان کي سڀ سهولتون آحن اوهان هتي رهو منهنجي باغن تي به نظر رکو پر هي هنن کي هڪ ڏينهن هتي ڇڏيو وڇي ته هو ٻي ڏينهن وري ترزابزون اچيو پنهنجي گهر پُهچن. رهن جتي به اڪيلا پر وري به آسپاس رونق هُجڻ ڪري خوش رهن. پوڙهي ته ڳالهائڻ ۾ ڪافي تيز هُئي. سمجهي به پئي ته اسان تُرڪي نه پيا سمجهون پر پوءِ به ڳالهائيندي پئي وڃي. خاص ڪري کيس اها فڪر هُجي ته اوهان جي مُلڪ جا ماڻهو اسان بابت ڇا ٿا چون؟ اسان ته اوهان جي وڏن جا احسان نه ٿه ڀُلائي سگهون جڏهن انهن اسان جي مدد ڪئي. بس پوءِ جيڪو ٿي سگهيو ٻُڌايم پئي. وري اهو به پُڇي پئي ته رجب طيب اردگان بابت اوهان جا ڪهڙا خيال آهن؟ پاڻ ته وڏي تعريف پئي ڪئي ايتري حد تائين جو اسان وچ ۾ گوگل ٽرانسليٽر ميڊم جي نياڻي به چئي ڏنو ته ناني کي نانا کان وڌيڪ رجب طيب اردگان وڻي ٿو. اسان ڪهڙا ڪمينٽس ڏيون بس مڙئي سُر راڻو ته واهه واهه واري ڪار هُئي.
اذان کان ڪُجهه دير اڳ آس پاس جي هر گهر جيان ٺهيل هڪ ننڍي ڇني (منهي) هيٺ ٽئبل رکي وئي. جيڪا دراصل ٻن ٽئبل جو جوڙ ڪري وڏي ڪئي وئي پر سندن پُر تڪلف افطاري جا سامان ٽئبل تي رکڻ کان گهڻا هُئا. گهڻو منع ڪرڻ باوجود ۽ پاڻ روزائتا هُجڻ باوجود به کائيندي وچ ۾ ذري ذري اُٿي پليٽ ۾ ڪُجهه نه ڪُجهه رکي پيا ڏين. خاص ڪري قيوم تي ڪُجهه سوايو مهربان هُئا
جو اهو سندن ئي رهنمائي ۾ هتي ڪم ڪري پيو. هڪ ويهي ته جلدي ٻيو اُٿي ڏسي پيو ته ڪنهن جي پليٽ خالي ته ناهي. نيٺ اهو چئي اُٿاسين ته مغرب جو وقت پيو وڃي. رمضان ۾ اڪثر مسجدن ۾ هتي مغرب جي جماعت ئي ڪونه ٿئي. تنهنڪري سڀ نماز گهر ئي پڙهن. اسان به نماز پڙهي ورتي ته صدين کان کير بنا چانهه پيئندڙ هن قوم اسان کي به اُها ئي چانهه پياري جيڪا هاضمي لاءِ چڱي ٿي هُجي.
هڪ دفعو وري ويٺا احوال وٺڻ ته اوهان جي مُلڪ ۾ فلاڻي شئي ڪيئن؟ اسان جي مُلڪ ۾ هي شئي ڪيئن؟ ڪافي ڳالهين جا منابس جواب ڏيئي چُڪاسين پر مون به چيو ويهي جو وڌيڪ اجايا ڪوڙا حوال ڪجن چيم اسان هتي پيا رهون اُترين جبلن جي چوٽين تي ۽ پنهنجي مُلڪ ۾ رهون ڏکڻ جي سامونڊي پٽي تي. هي سڀ نه ته گهڻو ڪُجهه اسان وٽ به آهي جيڪو صحيح سان اسان ڏٺو ناهي. تنهنڪري ڪا حتمي راءِ نه ٿا ڏيئي سگهون. ظاهر آهي هي هتي ڪوهه مري جهڙي علائقي ۾ پيا رهن تِن کي وڃي بدين يا ٺٽي ۾ ڇڏجي ۽ پوءِ ويهي پُڇجي ته ڏيو خبر اوهان جي مُلڪ سامونڊي پٽي يا ميداني پٽ ايئن آهن ته هي ڪهڙي راءِ ڏيندا. ايئن اسان به هُئاسين.
ڪالڪ کن جي ڪچهري کان پوءِ واپس ورياسين ۽ هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ڪيل اها افطاري مُشڪل وِسري جو خيال پڪو ٿيندو رهيو.
ڳوٺ جي زمينن ڏانهن ويندڙ هڪ پيچرو
ساوڪ ئي ساوڪ سان ڀرپور هڪ نظارو
پري کان نظر ايندڙ ميڊم ۽ سندس ڏير جو گهر
ميڊم جو گهر ۽ سندس جهونا والدين
مٿين گهر کي سامهون هڪ ٻيو گهر
گهر جي اڱڻ تان نظارو
ڊرائونگ جو شؤق رکندڙ مئڊم جي نياڻي ثنا