مون اُها ڳالهه اڃان تفصيل سان ڪرڻ لاءِ بچائي رکي آهي پر اوهان جو تسلسل ڳنڍڻ جو انداز وڻيو. لڳي پيو هاڻ اهي حوال ڪَٽڻ ۾ هتان جوڙي ٿي پئي. جوڙيوال ڇڪي رکو ڪم کي. اهو ٻُڌي ڪُجهه ماڻهو حيرت ۽ ڪُجهه جذباتي ٿيو پون ته اسان جي مُلڪ جي ماڻهن جي وڌ کان وڌ عزت رُڳو هن ئي مُلڪ ۾ آهي. پر انهي کان انڪار ناهي. جنهن جا ٻه سبب آهن. هڪ ته هتي اڃان گهڻي ڪُت خلق ڪونهي پُهتي ۽ ٻيو ته هي مُلڪ ڪمائي جي لحاظ کان ايترو پُر ڪشش ناهي. جيڪي اچن ٿا سي به اڪثر پڙهائي لاءِ سو جيڪي ٻين مُلڪن کي اسان وارن ڀائرن سور ڏِنا آهن سي اڃان هنن جي حِصي ۾ ڪونهي آيا نه ته اسان جا احسان ڳائيندڙ هي قوم اسان جي امڙين پاران سونا زيور لاهي هنن جي ڏُکئي وقت ۾ ڪيل مدد به هي وساري ويهن ها جيئن سعودي عرب سان ڪيل ڀال هو ڀُلائي ويٺا آهن ڇو ته اُتي نشي پتي جي پُهچائڻ ۾ وڏي ونڊ اسان ڪئي آهي. خير رُڳو اهو به سبب ناهي ٻيو سبب هي به آهي ته هي ماڻهو بنا رنگ نسل مذهب جي ماڻهن جي عزت ۽ خوش آمديد رُڳو انسانيت جي بُنياد تي ڪندا آهن. جيڪو به هتي رهي ويو آهي سو چئي ٿو هي ڀلا ميزبان آهن. عُمر جي نالي جو ترجمو وڻيو. ليب ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪري ايزگي ديمير کي آئون لوهي بانسري چوان. جو ايزگي معنى بانسري ۽ ديمير معنى لوهه. پر اصل ۾ کيس بانسري لوهار چوڻ کپي. سڄي مُلڪ ۾ ڏاڍا ديمير (لوهار) آهن جن ۾ هنن جي مايانز سائنسدان آيان ديمير به شامل آهي جيڪو ٻه سال اڳ هي جهان ڇڏي ويو. هو نوبل پرائز کٽڻ وارن جي لسٽ ۾ اچي پئي سگهيو جي اڃان زندگي ساٿ ڏيس ها ته. هتي لٽريسي ريٽ هونئن به گهٽ ناهي پر هتي جا لوهار پڙهائي ۾ اڳ کان اڳرا آهن. جنهن مثال ايزگي لوهار به آهي جنهن بيچلر ۾ ايترو اسڪور ڪيو جو کيس ايم فل بجاءِ ڊائريڪٽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا ملي
توهان جي لکڻ جو انداز تمام گهڻو پسند آيو، پڙهندي پڙهندي پاڻ کي تُرڪي جي فضا ۾ گُم ٿيندي ڏٺم. بهرحال سٺو ٿا لکو. جاري رکو.
بلڪل صحيح منهنجي ڳوٺائي نانڪ ٻوچيو جو به ائين چوڻ آهي ته جيستائين ڪُت خلق پهچي تيستائين جيڪو قابل فخر ڪرڻو آهي، ڪري وٺو. عزت واري ڳالهه سان منهنجا به ڪافي دوست متفق ناهن، حالانڪه ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته ٻين مُلڪن ۾ پاڪستاني هجڻ جي ڪري عزت ماڻهو ڪونه ٿا ڪن، بلڪه انفرادي حيثيت ۾ سندس خيال ڪندا هوندا.
سائين گورڌن سان 2010 کان وٺي سٺي ۽ گهري سلام دعا آهي. آئون پاڻ کي سائين جو شاگرد سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ٿيو ڪريان. فيس بُڪ جتي گهڻيون ئي بُرايون پڻ جنم وٺن ٿيو پر سائين گورڌن سان ملي ڪري مون جيڪو ڪجھ سکيو آهي، اهو ڪم اچي پيو ۽ ايندو رهندو. ترڪي بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، پو سائين گورڌن ترڪي جو تفصيلي تعارف ڪرايو ۽ منهنجي شعبي جو استاد (منهنجو ٿيسز سپروائيزر) ڊاڪٽر فهد صديقي پڻ ترڪي بابت ٻڌايو ڄڻ ته شاهدي ملي وئي. پاڪستان جي ٽن صوبن کان علاوه ته ڪيڏانهن ٻاهر ويو ئي نه آهيان، نه ئي ڪڏهن جهاز تي ويهڻ جي سعادت نصيب ٿي آهي، ٻاهرين ملڪ ۾ تعليمي سرگرمين جي به تفصيلي خبر نه هئي پر سائين گورڌن کي ڏسي، سائين کان پرائي، سائين کان ٻڌي ڪري، هڪ خواهش جنم ورتو آهي ته پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ترڪي مان ڪريان. سائين جي سوشل هجڻ جي شاهدي اها به ملي ته هڪ مسلمان ملڪ جي عورت سائين کي پنهنجي گهر جي دعوت ڏني ۽ ٻڍڙي عورت سائين مان متاثر ٿي ڪري ايڏو پيار ڏنو. تمام زبردست ڳالھ سائين ونڊ ڪئي، يقين سان چئي سگهان ٿو ته اهڙين ڳالهين کي ٻڌي اسان ۾ ڪانفيڊنس وڌي ٿو ۽ جيڪڏهن موقعو مليو ترڪي گهمڻ جو ته ايتري ڏکيائي ۽ پريشاني پيش نه ايندي.
اها خوشي ٿي رهي آهي ته هاڻي گورڌن به تفصيلي ۽ سهڻي نموني لکي رهيو آهي، جيڪا سچ پڇو ته مون لاء وڏي خوشي جي خبر آهي. ترڪي ۾ رهنديحفيظ ۽ گورڌن جا حال احوال پڙهي لڳي پيو ڄڻ پاڻ به اتان جو حصو آهيون. پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي روين ۽ حالتن کي ڏسي اتان جي ماڻهن جا رويا ڏاڍا وڻن ٿا. خير ڪڏهن موقعو مليو ته ترڪي جو چڪر ضرور لڳائبو پر اسان کي اتي دعوتون ڪير کارائيندو ؟؟ اهو سواليه نشان آهي. پر ترڪي جو چڪر لڳائجي ان کان اڳ جو ڪُت خلق اتي پهچي ۽ اسان سان سعودي عرب ۽ ايران وارو حشر ٿئي.
يار وڏو ڪو زرآور آن... سهڻي سيبتي ڇوڪري نما مائي کي ڇتي ۽ جهيڙاڪ پيو چئين... مون کي لڳي ٿو اهڙين ماين سان ملڻ جو تجربو سوايو اٿئي ان ڪري يا وري هن مائي جي وارن کي ڏسي توهان جا خيال اهڙا ٿيا هجن... جو هتي ماين جو جهيڙي ۾ ڄنڊا پٽ وارو عمل عام آهي.. ۽ سميرا جا وار به اهو پيا ڏسين ته مائي بس هاڻ هاڻي ڄنڊا پٽ ڪري آئي آهي.... پنهنجي اصل ڌنڌي کي طاقت وٺرائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ياد رکڻ گهرجن... منهنجي خيال ۾ حفيظ کي به ان طرف ڪن ڪرڻ گهرجي... يار کڻي مون باسڪٽ بال ڪڏهن ڪونه کيڏي آهي... پر ڏٺي ضرور آهي... ۽ پڪ اٿم ته اها راند ٻه ته ٺهيو هڪ ريڪٽ سان به ڪونه کيڏي ويندي آهي...
هاههاهاههاهاها....... هڻ ڌي کي سکي ننهن...... ذيشان رشيد سمجهين وڃين ته مون ايئن ڇو چيو ته ٺيڪ آهي..... اصل ۾ مون ۽ جهيڙاڪ مائي پئي بيڊمنٽن ڪئي، ٿڪي پيس ته چيم ٻه ٽي ڦوٽو ڪڍي وٺان. لوهار ۽ عاصم پئي باسڪٽ بال کيڏي. واضع آهي ته سُميرا وٽ ٻه ريڪٽون هٿ ۾ آهن.