گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
....
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بلڪل صحيح منهنجي ڳوٺائي نانڪ ٻوچيو جو به ائين چوڻ آهي ته جيستائين ڪُت خلق پهچي تيستائين جيڪو قابل فخر ڪرڻو آهي، ڪري وٺو. عزت واري ڳالهه سان منهنجا به ڪافي دوست متفق ناهن، حالانڪه ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته ٻين مُلڪن ۾ پاڪستاني هجڻ جي ڪري عزت ماڻهو ڪونه ٿا ڪن، بلڪه انفرادي حيثيت ۾ سندس خيال ڪندا هوندا.مون اُها ڳالهه اڃان تفصيل سان ڪرڻ لاءِ بچائي رکي آهي پر اوهان جو تسلسل ڳنڍڻ جو انداز وڻيو. لڳي پيو هاڻ اهي حوال ڪَٽڻ ۾ هتان جوڙي ٿي پئي. جوڙيوال ڇڪي رکو ڪم کي.
اهو ٻُڌي ڪُجهه ماڻهو حيرت ۽ ڪُجهه جذباتي ٿيو پون ته اسان جي مُلڪ جي ماڻهن جي وڌ کان وڌ عزت رُڳو هن ئي مُلڪ ۾ آهي. پر انهي کان انڪار ناهي. جنهن جا ٻه سبب آهن. هڪ ته هتي اڃان گهڻي ڪُت خلق ڪونهي پُهتي ۽ ٻيو ته هي مُلڪ ڪمائي جي لحاظ کان ايترو پُر ڪشش ناهي. جيڪي اچن ٿا سي به اڪثر پڙهائي لاءِ سو جيڪي ٻين مُلڪن کي اسان وارن ڀائرن سور ڏِنا آهن سي اڃان هنن جي حِصي ۾ ڪونهي آيا نه ته اسان جا احسان ڳائيندڙ هي قوم اسان جي امڙين پاران سونا زيور لاهي هنن جي ڏُکئي وقت ۾ ڪيل مدد به هي وساري ويهن ها جيئن سعودي عرب سان ڪيل ڀال هو ڀُلائي ويٺا آهن ڇو ته اُتي نشي پتي جي پُهچائڻ ۾ وڏي ونڊ اسان ڪئي آهي.
خير رُڳو اهو به سبب ناهي ٻيو سبب هي به آهي ته هي ماڻهو بنا رنگ نسل مذهب جي ماڻهن جي عزت ۽ خوش آمديد رُڳو انسانيت جي بُنياد تي ڪندا آهن. جيڪو به هتي رهي ويو آهي سو چئي ٿو هي ڀلا ميزبان آهن.
عُمر جي نالي جو ترجمو وڻيو. ليب ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪري ايزگي ديمير کي آئون لوهي بانسري چوان. جو ايزگي معنى بانسري ۽ ديمير معنى لوهه. پر اصل ۾ کيس بانسري لوهار چوڻ کپي. سڄي مُلڪ ۾ ڏاڍا ديمير (لوهار) آهن جن ۾ هنن جي مايانز سائنسدان آيان ديمير به شامل آهي جيڪو ٻه سال اڳ هي جهان ڇڏي ويو. هو نوبل پرائز کٽڻ وارن جي لسٽ ۾ اچي پئي سگهيو جي اڃان زندگي ساٿ ڏيس ها ته. هتي لٽريسي ريٽ هونئن به گهٽ ناهي پر هتي جا لوهار پڙهائي ۾ اڳ کان اڳرا آهن. جنهن مثال ايزگي لوهار به آهي جنهن بيچلر ۾ ايترو اسڪور ڪيو جو کيس ايم فل بجاءِ ڊائريڪٽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا ملي
منهنجي جيئن نظر سُميرا تي پئي ته...... الله هيڏي ڊگهي مائي!!!! مائي چوڻ تي ٿوري ڪاوڙي چيو مانس...... الله هيڏي ڊگهي ڇوڪري.... ته مُسڪراهٽ اچي ويس. اومر يڪدم چيو ته ٻڌائي تنهنجو تجربو؟ مون چيو ته هي مائي ڏاڍي ڇِتي، چيڙاڪ، جهيڙاڪ ۽ گهڻو ڀائيندڙ پُڻ آهي..... مائي انهن ڳالهين تي ويتر ڪاوڙجي پئي ۽ مون کي غصي سان ڏسڻ لڳي...... لنچ ٿي ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ اومر جو ميسيج آيو ته سُميرا دعوت ڏني آهي ته اچو هڪ پِڪنڪ تي، ماني به گڏ کائينداسين، پارڪ گهُمنداسين، پنهنجي امڙ سان پڻ ملائڻ جو چيو. مون پڪ سمجهيو ته منهنجي ڳالهه کي دِل تي ورتو اٿس ۽ منهنجي ڪمينٽس جو اثر زائل ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رهي آهي.
![]()
چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ، لڳي ٿي يا نه؟
.... مون کي خبر هُئي ته اوڀر تُرڪي جو جهونيون وري ڪُجهه سرس اسلامي آهن. اومر مرحبا چيو ته مون ڊگهو السلام و عليڪم چيو ته سُميرا جي امڙ مون تي چُمين جو وسڪارو لاهي ڏني، گڏوگڏ دُعائن جي دٻو دٻ هجي.....
.....
![]()
پارڪ ۾ باسڪٽ بال کيڏندي.....
....... اهو ٻُڌي ڪُجهه ماڻهو حيرت ۽ ڪُجهه جذباتي ٿيو پون ته اسان جي مُلڪ جي ماڻهن جي وڌ کان وڌ عزت رُڳو هن ئي مُلڪ ۾ آهي. پر انهي کان انڪار ناهي. جنهن جا ٻه سبب آهن. هڪ ته هتي اڃان گهڻي ڪُت خلق ڪونهي پُهتي....
......سائين گورڌن کي ڏسي، سائين کان پرائي، سائين کان ٻڌي ڪري، هڪ خواهش جنم ورتو آهي ته پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ترڪي مان ڪريان.
...... خير ڪڏهن موقعو مليو ته ترڪي جو چڪر ضرور لڳائبو.....
هاههاهاههاهاها.......يار وڏو ڪو زرآور آن... سهڻي سيبتي ڇوڪري نما مائي کي ڇتي ۽ جهيڙاڪ پيو چئين... مون کي لڳي ٿو اهڙين ماين سان ملڻ جو تجربو سوايو اٿئي ان ڪري يا وري هن مائي جي وارن کي ڏسي توهان جا خيال اهڙا ٿيا هجن... جو هتي ماين جو جهيڙي ۾ ڄنڊا پٽ وارو عمل عام آهي.. ۽ سميرا جا وار به اهو پيا ڏسين ته مائي بس هاڻ هاڻي ڄنڊا پٽ ڪري آئي آهي....
پنهنجي اصل ڌنڌي کي طاقت وٺرائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ياد رکڻ گهرجن... منهنجي خيال ۾ حفيظ کي به ان طرف ڪن ڪرڻ گهرجي...
يار کڻي مون باسڪٽ بال ڪڏهن ڪونه کيڏي آهي... پر ڏٺي ضرور آهي... ۽ پڪ اٿم ته اها راند ٻه ته ٺهيو هڪ ريڪٽ سان به ڪونه کيڏي ويندي آهي...![]()